Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 11:6 - Common Language New Testament

6 انھن شاھدن کي اختيار آھي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين ۽ جيستائين ھو پيشنگوئي ڪندا رھن، تيستائين مينھن نہ وسي. انھن کي پاڻيءَ تي اختيار آھي تہ ان کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ جيترا دفعا چاھين زمين تي ھر طرح جون آفتون آڻين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 انهن کي اختياري آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تان تہ سندن نبوت جي ڏينهن ۾ مينهن نہ پوي. ۽ پاڻيءَ تي بہ کين اختياري آهي، تہ انهي کي بدلائي رت ڪري وجهن، ۽ جيترا ڀيرا مرضي پوينِ، اوترا ڀيرا زمين تي هر طرح جي آفت آڻين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آڪاش بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو سنديش ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

6 انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو پيغام ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 11:6
11 Iomraidhean Croise  

آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جڏھن الياس نبيءَ جي ڏينھن ۾ ساڍا ٽي سال آسمان مان بوند نہ پيئي ۽ ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو، تڏھن جيتوڻيڪ اسرائيل ۾ بہ ڪيتريون ئي رنون⁠زالون ھيون،


آءٌ پنھنجي ٻن شاھدن کي اختيار ڏيندس ۽ اھي کٿو ڍڪي ھڪ ھزار ٻہ ⁠سؤ سٺ ڏينھن تائين پيشنگوئي ڪندا.“


پوءِ ٻئي ملائڪ پنھنجو پيالو سمنڊ جي مٿان ھاريو تہ انھيءَ جو پاڻي مئل ماڻھوءَ جي رت جھڙو ٿي پيو ۽ سمنڊ جا سڀيئي ساھوارا مري ويا.


جڏھن ٽئين ملائڪ پنھنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن جي مٿان ھاريو تہ انھن جو پاڻي رت ٿي پيو.


ٻئي ملائڪ توتارو وڄايو تہ ڄڻ باھہ سان ٻرندڙ ھڪڙو وڏو جبل سمنڊ ۾ اڇلايو ويو ۽ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan