Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 11:3 - Common Language New Testament

3 آءٌ پنھنجي ٻن شاھدن کي اختيار ڏيندس ۽ اھي کٿو ڍڪي ھڪ ھزار ٻہ ⁠سؤ سٺ ڏينھن تائين پيشنگوئي ڪندا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ آئون پنهنجن ٻن شاهدن کي اختياري ڏيندس، ۽ هو کٿو ڍڪي هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن نبوت ڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 آءٌ پنهنجي ٻن شاهدن کي اختيار ڏيندس تہ اهي اِنهن مهينن يعني هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين کٿو ڍڪي سنديش ٻڌائين.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 آءٌ پنهنجي ٻن شاهدن کي اختيار ڏيندس تہ اهي اِنهن مهينن يعني هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين کٿو ڍڪي پيغام ٻڌائين.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 11:3
43 Iomraidhean Croise  

”مصيبت آھي تو تي اي شھر خرازين! ۽ مصيبت آھي تو تي اي شھر بيت⁠صيدا! ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھان ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ ڪڏھن جو اتان جا ماڻھو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ رک وجھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪن ھا.


پر جيڪڏھن ھو اوھان جي ڌيان سان نہ ٻڌي تہ پوءِ جيئن لکيل آھي تہ ’ھڪڙو يا ٻہ شخص پاڻ سان وٺي وڃو تہ جيئن سڄو ڏوھہ ٻن يا ٽن شاھدن جي سامھون مٿس ثابت ٿئي.‘


افسوس آھي تو تي، اي شھر خرازين! ۽ حيف آھي تو تي اي شھر بيت⁠صيدا! ڇالاءِ⁠جو اوھان ۾ جيڪي معجزا ڪيا ويا آھن، سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ جيڪر اتان جا ماڻھو گھڻو اڳ ۾ کٿو ڍڪي مٿي ۾ خاڪ وجھي ويھي توبھہ ڪن ھا.


اوھين انھن ڳالھين جا شاھد آھيو.


اوھين پڻ منھنجي شاھدي ڏيندا، ڇالاءِ⁠جو اوھين شروعات کان وٺي مون سان گڏ رھيا آھيو.


تنھن تي يحيٰ ھي جواب ڏنو تہ ”ڪنھن انسان وٽ ايترو ٿي سگھي ٿو جيترو خدا کيس عطا ڪيو آھي.


پر جڏھن پاڪ روح اوھان تي نازل ٿيندو، تڏھن اوھان کي طاقت ملندي ۽ اوھين يروشلم ۾، سڄي يھوديہ ۽ سامريہ ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منھنجا شاھد ٿيندا.“


۽ ڪيترن ئي ڏينھن تائين ھو انھن کي ڏيکاري ڏيندو رھيو، جيڪي ساڻس گليل کان يروشلم تائين گڏ ھئا. اھي ھاڻي بني اسرائيل جي قوم آڏو سندس شاھد آھن.


انھيءَ ئي عيسيٰ کي خدا جياريو ۽ اسين سڀ ان ڳالھہ جا شاھد آھيون.


اھڙيءَ طرح اوھان زندگيءَ جي مالڪ کي مارائي ڇڏيو. پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ اسين انھيءَ ڳالھہ جا شاھد آھيون.


خدا ڪليسيا ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آھن، پھريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان استاد، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت ھلائيندڙ ۽ قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائيندڙ.


ھي ٽيون دفعو آھي جو آءٌ اوھان ڏانھن پيو اچان. ٻن يا ٽن شاھدن جي واتان سڀڪا ڳالھہ ضرور ثابت ٿي پوندي، جيئن توريت ۾ لکيل آھي.


ھن ڪن کي رسول، ڪن کي نبي، ڪن کي خوشخبري ڏيندڙ، ڪن کي پاسبان ۽ استاد مقرر ڪري ڏنو.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ آھن جيڪو سچو شاھد، جيڪي مئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پھريتو ۽ دنيا جي بادشاھن تي حڪم ھلائيندڙ آھي. ھو اسان کي پيار ٿو ڪري ۽ ھن پنھنجو رت وھائي اسان کي گناھن کان ڇوٽڪارو ڏنو آھي.


پر ھيڪل جي اڱڻ کي ڇڏي ڏي ۽ ان جي ماپ نہ ڪر، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو غير قومن کي ڏنو ويو آھي ۽ اھي پاڪ شھر کي ٻائيتاليھن مھينن تائين لتاڙيندا.


انھن شاھدن کي اختيار آھي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين ۽ جيستائين ھو پيشنگوئي ڪندا رھن، تيستائين مينھن نہ وسي. انھن کي پاڻيءَ تي اختيار آھي تہ ان کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ جيترا دفعا چاھين زمين تي ھر طرح جون آفتون آڻين.


عورت بيابان ڏانھن ڊوڙي ويئي، جتي خدا ھن جي لاءِ ھڪ جاءِ تيار ڪري ڇڏي ھئي، تہ جيئن اُتي ھڪ ھزار ٻہ ⁠سؤ سٺ ڏينھن تائين سندس سار سنڀال ٿي سگھي.


انھيءَ حيوان کي ھڪڙو وات ڏنو ويو، جنھن سان ھن وڏيون ڳالھيون پئي ڪيون ۽ ڪفر بڪي رھيو ھو. ھن کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ ٻائيتاليھن مھينن تائين پنھنجو ڪم جاري رکي.


آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر ھُن مون کي چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين، آءٌ تہ تو سان ۽ تنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان ۽ اسين سڀ عيسيٰ جي شاھديءَ تي قائم آھيون. رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ جي شاھدي ئي نبوت جو روح آھي.“


پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انھن تي ويٺا ھئا، تن کي انصاف ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. مون انھن جي روحن کي بہ ڏٺو، جن جون سسيون عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ۽ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون ھيون. ھنن نہ انھيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪئي ۽ نڪي ان جو نشان پنھنجي پيشانيءَ ۽ ھٿ تي ھڻايو. اھي وري جيئرا ٿيا ۽ مسيح سان گڏ ھزار سالن تائين بادشاھي ڪندا رھيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan