Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 11:2 - Common Language New Testament

2 پر ھيڪل جي اڱڻ کي ڇڏي ڏي ۽ ان جي ماپ نہ ڪر، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو غير قومن کي ڏنو ويو آھي ۽ اھي پاڪ شھر کي ٻائيتاليھن مھينن تائين لتاڙيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 پر جيڪو اڱڻ پاڪ جاءِ جي ٻاهر آهي سو ڇڏي ڏي؛ اُن جي ماپ نہ ڪر، ڇالاءِ جو اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، ۽ هو پاڪ شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين پيا لتاڙيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 پر هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ کي ڇڏي ڏي ۽ ان جي ماپ نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، جيڪي هن پوِتر شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين لتاڙينديون رهنديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 پر هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ کي ڇڏي ڏي ۽ ان جي ماپ نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، جيڪي هن پاڪ شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين لتاڙينديون رهنديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 11:2
32 Iomraidhean Croise  

اھي عيسيٰ جي ٻيھر جيئري ٿيڻ کان پوءِ قبرن مان ٻاھر نڪري اچي پاڪ شھر يروشلم ۾ داخل ٿيا ۽ گھڻن ئي ماڻھن کين ڏٺو.


پوءِ شيطان عيسيٰ کي پاڪ شھر يروشلم ۾ وٺي ويو. ھن کي ھيڪل جي تمام مٿاھين ڪنگريءَ تي بيھاري


”اوھين انسان ذات لاءِ لوڻ مثل آھيو. پر جيڪڏھن لوڻ پنھنجو سواد ڇڏي ڏئي تہ ان کي وري سوادي بنائڻ لاءِ ڪوبہ طريقو نہ آھي. اھو بيڪار ٿي پوندو، تنھنڪري ڦٽو ڪيو ويندو ۽ ماڻھن جي پيرن ھيٺان لتاڙيو ويندو.


انھن مان ڪي تلوار سان قتل ٿيندا ۽ ڪي ٻين ملڪن ۾ قيدي ٿي ويندا. يروشلم کي غير قومون لتاڙينديون، جيستائين انھن جو مدو پورو نہ ٿئي.“


تڏھن اوھين خيال ڪريو تہ ان شخص جو ڇا حشر ٿيندو، جنھن خدا جي فرزند کي پيرن ھيٺ لتاڙيو، عھد جي انھيءَ رت کي ناپاڪ سمجھيو، جنھن سان ھن کي پاڪ ڪيو ويو ھو ۽ فضل بخشيندڙ روح کي بي⁠عزت ڪيائين؟


ساڍن ٽن ڏينھن کان پوءِ خدا انھن ۾ وري حياتيءَ جو روح ڦوڪيو ۽ اُھي اٿي کڙا ٿيا ۽ کين ڏسڻ وارن کي ڏاڍو خوف ٿيو.


آءٌ پنھنجي ٻن شاھدن کي اختيار ڏيندس ۽ اھي کٿو ڍڪي ھڪ ھزار ٻہ ⁠سؤ سٺ ڏينھن تائين پيشنگوئي ڪندا.“


عورت بيابان ڏانھن ڊوڙي ويئي، جتي خدا ھن جي لاءِ ھڪ جاءِ تيار ڪري ڇڏي ھئي، تہ جيئن اُتي ھڪ ھزار ٻہ ⁠سؤ سٺ ڏينھن تائين سندس سار سنڀال ٿي سگھي.


ھو مون کي رويا جي حالت ۾ ھڪڙي وڏي ۽ مٿاھين جبل تي وٺي ويو ۽ پاڪ شھر يروشلم خدا وٽان آسمان مان لھندو ڏيکاريائين.


مون پاڪ شھر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان ھيٺ لھندي ڏٺو. اھو انھيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو ھو، جيڪا پنھنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آھي.


جيڪڏھن ڪو ھن ڪتاب جي پيشنگوئين مان ڪي ڳالھيون گھٽائيندو تہ خدا زندگيءَ جي وڻ ۽ پاڪ شھر مان، جن جو ذڪر ھن ڪتاب ۾ ڪيل آھي، انھيءَ شخص جو حصو ڪڍي ڇڏيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan