Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 10:3 - Common Language New Testament

3 پوءِ ھن وڏي آواز سان اھڙي رڙ ڪئي جھڙي شينھن جي گجگوڙ ۽ جڏھن ھن رڙ ڪئي تہ گجگوڙن جا ست آواز ٿيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ وڏي آواز سان اهڙي رڙ ڪيائين جهڙي شينهن گجگوڙ ڪندو آهي: ۽ جڏهن هن رڙ ڪئي تڏهن ستن گجگوڙين جا آواز ٿيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 پوءِ هن وڏي آواز سان اهڙي رڙ ڪئي جهڙي شينهن جي گجگوڙ. هن جي رڙ ڪرڻ سان گجندڙ ڪڪرن جا ست آواز ٿيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ هن وڏي آواز سان اهڙي رڙ ڪئي جهڙي شينهن جي گجگوڙ. هن جي رڙ ڪرڻ سان گجندڙ ڪڪرن جا ست آواز ٿيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 10:3
16 Iomraidhean Croise  

مون آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وھندڙ پاڻيءَ ۽ گجگوڙ جي آواز جھڙو ھو. اھو آواز تنبورن وارن جو ھو، جن ڄڻ تہ تنبورا پئي وڄايا.


پوءِ مون آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست ملائڪ جن وٽ ست آفتون ھيون. اھي آفتون آخري آھن، ڇالاءِ⁠جو انھن تي خدا جو غضب پورو ٿئي ٿو.


پوءِ انھن چئن ساھوارن مان ھڪڙي انھن ستن ملائڪن کي ست سونا پيالا ڏنا، جيڪي سدائين زندہ خدا جي غضب سان ڀريل ھئا.


انھيءَ تخت مان کوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باھہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي خدا جا ست روح آھن.


پوءِ ملائڪ اھو خوشبودان کڻي، انھيءَ کي قربان⁠گاھہ جي باھہ سان ڀري زمين تي اڇلائي ڇڏيو، جنھن تي گجگوڙون، آواز ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون ۽ زلزلو آيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan