Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 1:11 - Common Language New Testament

11 جنھن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اھو ستن ئي ڪليسيائن ڏانھن ڏياري موڪل، يعني اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا ڏانھن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 جنهن چيو تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو ڪتاب ۾ لک، ۽ اُهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل؛ يعني افسس ڏانهن، ۽ سمرنہ ڏانهن، ۽ پرگمن ڏانهن، ۽ ٿواتيرہ ڏانهن، ۽ سرديس ڏانهن، ۽ فلدلفيہ ڏانهن، ۽ لوديڪيہ ڏانهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

11 جنهن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو شاستر ۾ لک ۽ اهو ستن ئي منڊلين ڏانهن ڏياري موڪل، جيڪي اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا شهرن ۾ آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

11 جنهن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل، جيڪي اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا شهرن ۾ آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 1:11
37 Iomraidhean Croise  

انھن عورتن ۾ ٿواتيرہ شھر جي لديا نالي ھڪ خدا ترس عورت بہ ھئي، جيڪا واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو وڪڻندي ھئي. خدا ھن جي دل کولي ۽ ھن پولس جون ڳالھيون ڌيان سان ٻڌيون.


انھن ڏينھن ۾ اپلوس نالي ھڪڙو يھودي جيڪو اسڪندريہ جو رھاڪو ھو سو اِفسس ۾ آيو. ھو ھڪ سٺو تقرير ڪندڙ ھو ۽ کيس پاڪ ڪتابن جي گھڻي ڄاڻ ھئي.


پولس مليتس مان اِفسس ڏانھن نياپو موڪليو تہ ڪليسيا جا بزرگ اچي ساڻس ملن.


جيڪڏھن آءٌ اِفسس ۾ جھنگلي جانورن سان انساني خواھش جي ڪري وڙھيس تہ پوءِ مون کي ڪھڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏھن مئل نہ ٿا اٿارجن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇوتہ سڀاڻي مري کپي وينداسين.


پر اڃا آءٌ ھتي اِفسس ۾ پنتيڪُست جي عيد تائين رھندس.


ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. ھي اِفسس شھر ۾ رھندڙ انھن ايمان وارن ڏانھن لکجي ٿو، جيڪي عيسيٰ مسيح جا وفادار پوئلڳ آھن.


آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي خبر پوي تہ اوھان لاءِ، لوديڪيا ۾ رھندڙن لاءِ ۽ انھن سڀني لاءِ جن ذاتي طور منھنجو منھن نہ ڏٺو آھي، آءٌ ڪيتري قدر سخت محنت ٿو ڪريان.


جيئن مون مڪدونيا وڃڻ وقت تو کي تاڪيد ڪيو ھو، تيئن تون اِفسس شھر ۾ رھجانءِ، انھيءَ لاءِ تہ ڪن ماڻھن کي حڪم ڏئين تہ غلط قسم جي تعليم نہ ڏين.


جڏھن مون ھن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رھيس. ھن پنھنجو ساڄو ھٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ اول ۽ آخر آھيان.


تنھنڪري جيڪي تو ھن وقت ڏٺو ۽ اُھي ڳالھيون جيڪي ھن کان پوءِ جلد ٿيڻيون آھن، سي سڀيئي لک.


پوءِ يوحنا انھن ڳالھين جي گواھي ڏني جيڪي ھن ڏٺيون، يعني خدا جو ڪلام ۽ عيسيٰ مسيح جي شاھدي.


اُھي ست تارا جيڪي تو منھنجي ساڄي ھٿ ۾ ڏٺا تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز ھي آھي تہ ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آھن ۽ ست شمعدان ست ڪليسيائون آھن.“


ھي پيغام يوحنا جي طرفان ايشيا پرڳڻي جي ستن ڪليسيائن ڏانھن آھي. شال اوھان تي انھيءَ جو فضل ۽ اطمينان ھجي، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي. اھي برڪتون اوھان ڏانھن انھن ستن روحن وٽان بہ آھن جيڪي خدا جي تخت جي اڳيان آھن،


خداوند خدا، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي، اھو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اول ۽ آخر آھيان.“


جڏھن گجگوڙن جا ست آواز ٻڌڻ ۾ آيا تہ مون لکڻ جو ارادو ڪيو. پر آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌم جنھن چيو تہ ”جيڪي ڳالھيون انھن ستن گجگوڙن ڪيون، تن کي راز ۾ رک ۽ لک نہ.“


پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”لک، سڀاڳا آھن اُھي، جيڪي اڄ کان وٺي مسيح جا ٿي ٿا مرن. پاڪ روح چوي ٿو تہ ھائو، اھو سچ آھي تہ اُھي پنھنجي پورھين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي پنھنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“


ان کان پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”لک، سڀاڳا آھن اُھي، جن کي گھيٽي جي شاديءَ جي دعوت ملي آھي.“ ھن ھي بہ چيو تہ ”ھي خدا جون سچيون ڳالھيون آھن.“


ھن چيو تہ ”اِفسس واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جنھن کي پنھنجي ساڄي ھٿ ۾ ست تارا آھن ۽ جيڪو ستن سونن شمعدانن جي وچ ۾ ھلي ٿو، سو چوي ٿو تہ


”پرگمن واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جنھن وٽ ٻہ⁠منھين تکي تلوار آھي سو چوي ٿو تہ


”ٿواتيرہ واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ خدا جو فرزند جنھن جون اکيون مشعل وانگر ٻرن ٿيون ۽ جنھن جا پير صاف ٿيل پتل جھڙا آھن،


پر اوھان ٿواتيرہ جا باقي ماڻھو، جيڪي انھيءَ تعليم تي عمل نہ ٿا ڪريو ۽ انھن ڳالھين کان اڻ⁠ڄاڻ آھيو جن کي شيطان جون اونھيون ڳالھيون ٿا چون، آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ اوھان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھندس.


”سمرنا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو اول ۽ آخر آھي، جيڪو مري ويو ھو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو چوي ٿو تہ


جيڪو تخت تي ويٺو ھو، تنھن چيو تہ ”ڏس، آءٌ سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان.“ ھن چيو تہ ”لک، ڇالاءِ⁠جو اھي ڳالھيون سچيون ۽ اعتبار جوڳيون آھن.“


پوءِ ھن مون کي چيو تہ ”ھن ڪتاب جي پيشنگوئين جي ڳالھين کي راز ۾ نہ رک، ڇالاءِ⁠جو وقت ويجھو آھي.


عيسيٰ چيو تہ ”مون عيسيٰ، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ ڪليسيائن کي انھن ڳالھين جي شاھدي ڏئي. آءٌ دائود جي نسل ۽ خاندان مان آھيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آھيان.“


”سرديس واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جنھن وٽ خدا جا ست روح ۽ ست تارا آھن، سو ھيئن چوي ٿو تہ آءٌ اوھان جي ڪمن کي ڄاڻان ٿو. ماڻھو اوھان کي جيئرو سمجھندا آھن، پر اوھين تہ مئل آھيو.


”لوديڪيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو امين، وفادار ۽ سچو شاھد آھي ۽ جنھن جي وسيلي خدا سڀ ڪجھہ بڻايو، سو ھيئن ٿو چوي تہ


پر سرديس ۾ اوھان وٽ ڪي اھڙا ماڻھو بہ آھن، جن پنھنجا ڪپڙا پليت نہ ڪيا آھن. اُھي پاڪ صاف ڪپڙا پائي مون سان گڏ گھمندا، ڇالاءِ⁠جو اُھي انھيءَ لائق آھن.


”فلدلفيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو پاڪ ۽ سچو آھي، جنھن وٽ دائود جي ڪنجي آھي، جنھن جي کوليل کي ڪو بند نہ ڪندو ۽ جنھن جي بند ڪيل کي ڪوبہ کولي نہ سگھندو، سو ھيئن ٿو چوي تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan