Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 4:10 - Common Language New Testament

10 آءٌ خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ نھايت ئي خوش آھيان، جو نيٺ اوھان کي مون لاءِ نئين سر ڳڻتي جاڳي. بيشڪ اڳي بہ اوھان کي اھڙي ڳڻتي ھئي، پر انھيءَ کي ظاھر ڪرڻ جو اوھان کي وجھہ نہ ٿي مليو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 پر آئون خداوند ۾ ڏاڍو خوش ٿو ٿيان، جو نيٺ منهنجي لاءِ اوهان پنهنجو خيال تازو ڪيو آهي؛ بيشڪ اڳي بہ اوهان کي انهي بابت خيال هو، مگر اوهان کي وجهہ نٿي مليو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

10 آءٌ پرڀو يسوع ۾ نهايت خوش آهيان، جو اوهان کي منهنجو ساٿ ڏيڻ لاءِ نئين سر ڳڻتي پيدا ٿي. بيشڪ اڳي بہ اوهان کي اهڙي ڳڻتي هئي، پر انهيءَ کي ظاهر ڪرڻ جو گھڻي وقت کان اوهان کي موقعو نہ ٿي مليو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 آءٌ خداوند عيسيٰ ۾ نهايت خوش آهيان، جو اوهان کي منهنجو ساٿ ڏيڻ لاءِ نئين سر ڳڻتي پيدا ٿي. بيشڪ اڳي بہ اوهان کي اهڙي ڳڻتي هئي، پر انهيءَ کي ظاهر ڪرڻ جو گھڻي وقت کان اوهان کي موقعو نہ ٿي مليو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 4:10
11 Iomraidhean Croise  

جڏھن آءٌ اوھان وٽ ھوس ۽ محتاج ٿي پيس تڏھن بہ آءٌ ڪنھن تي بار ڪين ٿيس. ڇالاءِ⁠جو مڪدونيا مان ايمان وارن اچي منھنجون سڀ گھرجون پوريون ڪيون. مون ھر ڳالھہ ۾ اوھان تي بار وجھڻ کان پاڻ کي باز رکيو ۽ آئيندہ بہ باز رکندو رھندس.


اسين سچو ڪلام خدا جي قدرت سان ٻڌايون ٿا. حملي ۽ بچاءَ لاءِ اسان کي سچائيءَ جا ھٿيار آھن.


تنھنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻھن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انھن سان جيڪي ايمان جي وسيلي اسان سان ھڪ ئي خاندان ۾ شريڪ آھن.


جيڪو پاڪ ڪلام جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنھن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھن، پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آھي، جيڪو نگھبانن ۽ خادمن سميت فلپي شھر ۾ رھندڙ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل سڀني ايمان وارن ڏانھن لکجي ٿو.


جڏھن بہ اوھين ياد اچو ٿا، تڏھن آءٌ پنھنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان.


ڇاڪاڻ⁠تہ ھو مسيح جي ڪم خاطر مرڻ تي ھو ۽ پنھنجي جان جوکي ۾ وڌائين، انھيءَ لاءِ تہ منھنجي خدمت ۾ اوھان جي طرفان جيڪا گھٽتائي ھئي سا پوري ڪري.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan