Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 3:13 - Common Language New Testament

13 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ نہ ٿو سمجھان تہ ڪو اڃا تائين مون اھا شيءِ ھٿ ڪئي آھي. پر ھڪ ڳالھہ سو آءٌ ڪريان ٿو تہ جيڪي شيون پٺتي رھجي ويون آھن تن کي وساري، جيڪي اڳيان آھن تن ڏانھن زور لڳائيندو وڌندو پيو وڃان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 اي ڀائرو، آئون نٿو سمجهان تہ اڃا مون اُها شيءِ هٿ ڪئي آهي: پر هي هڪڙو ڪم آئون ڪريان ٿو، جو جيڪي گذري ويو آهي تنهن کي وساري، جيڪي اڳيان آهي تنهن ڏانهن وڌندو ٿو وڃان،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

13 هائو، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اها دعويٰ نہ ٿو ڪريان تہ مون اهو انعام کٽي ورتو آهي. پر منهنجي ڪوشش رڳو اها آهي تہ جيڪي ڪجھہ پٺتي رهجي ويو آهي تنهن کي وساري، جيڪي ڪجھہ اڳيان آهي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

13 هائو، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اها دعويٰ نہ ٿو ڪريان تہ مون اهو انعام کٽي ورتو آهي. پر منهنجي ڪوشش رڳو اها آهي تہ جيڪي ڪجھہ پٺتي رهجي ويو آهي تنهن کي وساري، جيڪي ڪجھہ اڳيان آهي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 3:13
15 Iomraidhean Croise  

پر رڳو ھڪڙي ئي ڳالھہ ضروري آھي. مريم اھا چڱي ڳالھہ چونڊي کنئي آھي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“


تنھن تي عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”جيڪو پنھنجو ھٿ ھر جي مُٺئي تي رکي وري پوئتي ٿو نھاري، سو خدا جي بادشاھت جي لائق نہ آھي.“


تنھنڪري ھن کان پوءِ اسين ڪنھن کي بہ جسماني طور نہ ٿا سڃاڻون. جيتوڻيڪ اسان مسيح کي بہ جسماني طور ڄاتو ھو، پر ھاڻي اسين ھن کي ائين نہ ٿا سڃاڻون.


تنھنڪري اي منھنجا پيارا دوستو! جيئن اوھين ھميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آھيو تيئن نہ رڳو منھنجي موجودگيءَ ۾ پر ھاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ، انھيءَ ڪم کي ادب ۽ تابعداري ڪندي پورو ڪندا رھو، جيڪو ڇوٽڪاري جي ڪري ڪريو ٿا.


آءٌ ھي نہ ٿو چوان تہ اھا منزل اڳي ئي حاصل ڪئي اٿم، يا آءٌ اڳي ئي ڪامل ٿي چڪو آھيان، پر انھيءَ شيءِ کي ھٿ ڪرڻ لاءِ اڳتي ڪاھيندو ٿو وڃان، جنھن لاءِ عيسيٰ مسيح مون کي ھٿ ڪيو ھو.


سچ تہ آءٌ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي سڃاڻپ واري وڏي خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ ھر ھڪ شيءِ کي نقصان واري ٿو سمجھان. ھن جي خاطر مون سڀني شين جو نقصان سٺو آھي ۽ انھن کي آءٌ گند ٿو ڄاڻان، انھيءَ لاءِ تہ مسيح کي حاصل ڪريان،


تنھنڪري اچو تہ مسيح جي باري ۾ ابتدائي ڳالھين کي ڇڏي ڪماليت ڏانھن وڌندا ھلون. موت ڏانھن وٺي ويندڙ ڪمن کان توبھہ ڪرڻ ۽ خدا تي ايمان آڻڻ جو ٻيھر بنياد ئي نہ وجھون،


پر اي عزيزو! ھيءَ ڳالھہ ڪڏھن بہ نہ وسارجو تہ خداوند جي آڏو ھڪڙو ڏينھن ھزار سالن جي برابر آھي ۽ ھزار سال ھڪڙي ڏينھن جي برابر.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan