Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 2:29 - Common Language New Testament

29 سو خداوند جا ھئڻ ڪري کيس ڀاءُ سمجھي وڏي خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪجو ۽ اھڙن شخصن کي عزت ڏيندا رھجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

29 تنهنڪري خداوند ۾ گهڻي خوشيءَ سان هن جو استقبال ڪجو؛ ۽ اهڙن کي عزت ڏيندا رهجو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

29 سو پرڀو يسوع ۾ وڏي خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪجو ۽ هن جهڙن شخصن کي مان ڏيندا رهجو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

29 سو خداوند عيسيٰ ۾ وڏي خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪجو ۽ هن جهڙن شخصن کي عزت ڏيندا رهجو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 2:29
21 Iomraidhean Croise  

جيڪي ماڻھو اوھان کي قبول نہ ڪن، تہ انھيءَ شھر کان ٻاھر نڪري پنھنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ جيئن مٿن شاھدي قائم ٿئي.“


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو منھنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو ڄڻ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي.“


اھي ھر روز ھيڪل ۾ گڏ ٿيندا ھئا ۽ پنھنجن گھرن ۾ خوشي ۽ دل جي صفائيءَ سان گڏجي ماني کائيندا ھئا.


انھن اسان جي وڏي عزت ڪئي ۽ جڏھن اسان جو سامونڊي جھاز ھلڻ تي ھو تہ انھن اسان جي سفر ۾ ڪم ايندڙ شيون جھاز ۾ رکي ڇڏيون.


تنھنڪري انھيءَ شھر ۾ ڏاڍيون خوشيون ٿيڻ لڳيون.


اھي پيغام جي تبليغ ڪيئن ڪندا جيڪڏھن ھو موڪليا ئي نہ ويا آھن؟ جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪي چڱيون ڳالھيون ٻڌائڻ اچن ٿا تن جا قدم ڪھڙا نہ سڳورا آھن.“


اوھين کيس خداوند جي نالي قبول ڪريو، جيئن ايمان وارن تي واجب آھي ۽ جنھن ڳالھہ ۾ کيس اوھان جي ضرورت ھجي تنھن ۾ سندس مدد ڪريو، ڇالاءِ⁠جو ھن ڪيترن ئي ماڻھن جي ۽ خود منھنجي بہ مدد ڪئي آھي.


جيڪڏھن تيمٿيس اوھان وٽ اچي تہ خيال رکجو تہ جيئن ھو اوھان سان بي⁠ڊپو ٿي رھي، ڇالاءِ⁠جو ھو بہ خداوند جو ڪم ائين پيو ڪري جيئن آءٌ پيو ڪريان.


ھنن منھنجي ۽ اوھان جي روح کي تازگي بخشي آھي. تنھنڪري اھڙن ماڻھن جو قدر ڪريو.


ڇالاءِ⁠جو جيڪو پنھنجي تعريف پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اھو ئي قبول پوي ٿو جنھن جي تعريف خداوند ٿو ڪري.


اسان کي پنھنجين دلين ۾ جاءِ ڏيو. اسان ڪنھن سان بہ ظلم نہ ڪيو آھي، نڪي ڪنھن کي بگاڙيو آھي ۽ نڪي ڪنھن کي ٺڳيو آھي.


تنھنڪري کيس موڪلڻ جو مون کي اڃا بہ وڌيڪ شوق ٿيو، تہ جيئن اوھين کيس وري ڏسي خوش ٿيو ۽ منھنجو فڪر بہ گھٽجي وڃي.


ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آھي، اوھان کي سلام چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سوٽ آھي اوھان کي سلام چوي ٿو. ھن بابت اوھان کي ھدايتون ٿيل آھن تہ جيڪڏھن ھو اوھان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي عرض ٿا ڪريون تہ انھن ماڻھن جي عزت ڪريو، جيڪي اوھان منجھہ سخت محنت ٿا ڪن. اھي خداوند جا ھئڻ ڪري اوھان جا اڳواڻ آھن ۽ اوھان کي نصيحت ٿا ڪن.


جيڪي بزرگ ڪليسيا جو انتظام چڱيءَ طرح ٿا ھلائين، خاص ڪري اھي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھڻ گھرجن.


اوھين پنھنجي اڳواڻن جا فرمانبردار ۽ تابعدار ٿي رھو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان جي روحاني فائدي لاءِ حساب ڏيندڙن وانگر سجاڳ ٿا رھن. سندن فرمانبرداري ڪريو، تہ جيئن ھو اھو ڪم خوشيءَ سان ڪن ۽ نہ رنج سان، نہ تہ اوھان کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو.


سو جيڪڏھن آءٌ آيس تہ جيڪي ڪم دياترفيس ڪري ٿو، تن کي اچي ظاھر ڪندس تہ ھو ڪيئن اسان جي خلاف بڪواس ڪري ٿو. ھو ايتري تي بہ راضي نہ ٿو ٿئي، بلڪ پاڻ تہ ايمان وارن کي قبول نہ ٿو ڪري، پر جيڪي قبول ڪرڻ گھرن ٿا تن کي بہ منع ڪري ٿو ۽ کين ڪليسيا مان ڪڍي ڇڏي ٿو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan