Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 2:2 - Common Language New Testament

2 تہ پوءِ منھنجي ھيءَ خوشي پوري ڪريو تہ ھڪ دل ٿي ۽ ھڪ جھڙي محبت رکي، ھڪ روح ٿيو ۽ ھم⁠خيال رھو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تہ اوهين منهنجي هيءَ خوشي پوري ڪريو تہ هڪدل ٿي رهو، هڪجهڙي محبت رکو، همراهہ ۽ هم خيال ٿي گذاريو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 تہ پوءِ منهنجي هيءَ خوشي پوري ڪريو تہ هڪ دل ٿيو، هڪجهڙو پريم رکو، هڪ جان ٿيو ۽ هم‌خيال رهو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 تہ پوءِ منهنجي هيءَ خوشي پوري ڪريو تہ هڪ دل ٿيو، هڪجهڙي محبت رکو، هڪ جان ٿيو ۽ هم‌خيال رهو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 2:2
28 Iomraidhean Croise  

گھوٽ اھو آھي جنھن جي ڪنوار آھي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي، سو سندس آواز تي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انھيءَ گھوٽ جو دوست آھيان ۽ ھاڻي منھنجي خوشي پوري ٿي آھي.


ھو سڀ گھڻو ڪري گڏجي دعا گھرندا ھئا ۽ ساڻن عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪي عورتون ۽ عيسيٰ جا ڀائر بہ ھوندا ھئا.


جڏھن عيد پنتيڪُست جو ڏينھن آيو تڏھن سڀيئي ايمان وارا اچي ھڪڙي ھنڌ گڏ ٿيا.


اھي ھر روز ھيڪل ۾ گڏ ٿيندا ھئا ۽ پنھنجن گھرن ۾ خوشي ۽ دل جي صفائيءَ سان گڏجي ماني کائيندا ھئا.


رسول شھر ۾ ڪيترائي معجزا ۽ ڪرامتون ڪندا ھئا ۽ ھو سڀني ايمان وارن سان ھيڪل اندر سليماني ورانڊي ۾ بہ اچي ملندا ھئا.


پاڻ ۾ ايڪو ڪريو. اوھين مغرور نہ ٿيو، بلڪ غريبن سان دوستي رکو. پنھنجو پاڻ کي داناءُ نہ سمجھو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ يڪ راءِ ٿيو، تہ جيئن اوھان ۾ ڪابہ اڻ⁠بڻت پيدا نہ ٿئي. اوھين يڪ دل ۽ يڪ راءِ ٿي پاڻ ۾ مڪمل ٻڌي ڪريو.


آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل خوش ھجو. سڌرندا رھو. منھنجي نصيحت ٻڌو. ايڪي سان رھو. امن ۾ رھو. اھڙيءَ طرح خدا جيڪو پيار ۽ امن وارو آھي سو اوھان سان ھوندو.


۽ مون انھيءَ ڪري اوھان کي لکيو ھو تہ متان جڏھن آءٌ اچان تہ جن کان مون کي خوشي ٿيڻ گھرجي، تن کان مون کي ڏک پھچي. ڇالاءِ⁠جو اوھان سڀني جي لاءِ آءٌ يقين رکان ٿو تہ منھنجي خوشيءَ ۾ ئي اوھان سڀني جي خوشي آھي.


اسان کي نہ رڳو ھن جي اچڻ ڪري تسلي ملي، پر انھيءَ تسليءَ جي ڪري بہ جيڪا ھن کي اوھان کان ملي. ھن اسان کي ٻڌايو تہ اوھين مون کي ڏسڻ لاءِ ڪيترو نہ شوق رکو ٿا، ڪيڏو نہ غم اٿوَ ۽ منھنجي ساٿ ڏيڻ لاءِ ڪيترو نہ تيار آھيو. انھيءَ ڪري آءٌ اڃا بہ وڌيڪ خوش ٿيس.


ھر اھا دعا، جيڪا اوھان سڀني لاءِ ٿو گھران سا ھميشہ خوشيءَ سان گھرندو آھيان،


۽ اوھين کين زندگيءَ جو ڪلام پيش ٿا ڪريو. جيڪڏھن اوھين اھو سڀ ڪجھہ ڪريو ٿا تہ آءٌ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تي فخر ڪري سگھندس تہ منھنجي ڊڪ ڊوڙ ۽ محنت اجائي نہ ٿي.


مون وٽ ھن جھڙو ٻيو ڪوبہ ھم⁠خيال ماڻھو ڪونھي، جنھن کي سچ⁠پچ اوھان جي ڀلائيءَ لاءِ ڳڻتي ھجي.


آءٌ يووئديا کي گذارش ٿو ڪريان ۽ صنتخيءَ کي بہ، تہ خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري يڪدل ٿي رھن.


ڇالاءِ⁠جو جيتوڻيڪ آءٌ جسماني طور اوھان وٽ موجود نہ آھيان، تڏھن بہ روحاني طور اوھان وٽ موجود آھيان. آءٌ اوھان جي قاعدي پٽاندڙ ھلڻ ۽ مسيح تي اوھان جي ايمان جي پختائي ڏسي خوش ٿو ٿيان.


پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند جا پيارؤ! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيون، ڇالاءِ⁠جو خدا شروع کان ئي اوھان کي انھيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو ھو تہ روح جي وسيلي پاڪ ٿي ۽ سچ تي ايمان آڻي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.


تنھنجي ڳوڙھن کي ياد ڪري تنھنجي ڏسڻ لاءِ سڪان ٿو، انھيءَ لاءِ تہ خوشيءَ سان ڀرجي وڃان.


اسين خداوند جا آھيون. تنھنڪري اي ادا! منھنجي خواھش آھي تہ تو کان مون کي خوشي ملي. مسيحي ڀاءُ ھجڻ ڪري تون منھنجي دل کي حوصلو ڏي.


آءٌ ڪيڏو نہ خوش ٿيس جڏھن مون ڏٺو تہ تنھنجا ڪي ٻار ائين سچ تي ھلي رھيا آھن، جيئن پيءُ اسان کي حڪم ڏنو آھي.


منھنجي لاءِ ھن کان وڌيڪ ٻي ڪابہ خوشي ڪانھي، جڏھن آءٌ ٻڌان تہ منھنجا ٻار سچ تي ھلي رھيا آھن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan