Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 2:17 - Common Language New Testament

17 پر جيڪڏھن اوھان جي ايمان واري خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنھنجو رت بہ وھائڻو پوي تہ بہ آءٌ خوش آھيان ۽ اوھان سڀني سان گڏ خوشي ٿو ڪريان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

17 پر جيڪڏهن اوهان جي ايمان جي خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي، تہ بہ آئون خوش ٿيندس، ۽ اوهان سڀني سان گڏجي خوشيون ڪندس؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

17 پوءِ ڀلي اوهان جي وشواس واري سيوا جيڪا هڪ ٻليدان مثل آهي، تنهن تي جيڪڏهن مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي تہ بہ آءٌ خوش آهيان ۽ اوهان سڀني سان گڏ خوشي ٿو ڪريان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ ڀلي اوهان جي ايمان واري خدمت جيڪا هڪ قربانيءَ مثل آهي، تنهن تي جيڪڏهن مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي تہ بہ آءٌ خوش آهيان ۽ اوهان سڀني سان گڏ خوشي ٿو ڪريان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 2:17
21 Iomraidhean Croise  

پر مون کي پنھنجي جان جي ڳڻتي نہ آھي ۽ نڪي اھا منھنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اھو فڪر آھي تہ آءٌ پنھنجو دور پورو ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آھي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رھان.


پر ھن جواب ڏنو تہ ”اوھين ھي ڇا ٿا ڪريو جو روئي رڙي منھنجي دل ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو خداوند عيسيٰ جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آھيان.“


تنھنڪري اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آھي، سو آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين پنھنجي سڄي بدن کي اھڙي قرباني ٿيڻ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند ھجي. اھو ئي عبادت جو صحيح طريقو آھي جيڪو اوھان کي ڪرڻ گھرجي.


آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاھنن وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريان ٿو، انھيءَ لاءِ تہ غير قومون، جن کي پاڪ روح پاڪ ڪيو آھي سي خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون.


تنھنڪري آءٌ اوھان جي روحاني فائدي لاءِ ڏاڍي خوشيءَ سان سڀ ڪجھہ خرچ ڪندس، بلڪ پاڻ بہ خرچ ٿي ويندس. جڏھن تہ آءٌ اوھان کي گھڻو پيار ڪريان ٿو، تہ پوءِ اوھين ڪو مون کي گھٽ پيار ڪندا ڇا؟


ائين اسان ۾ موت، پر اوھان ۾ زندگي اثر ڪري ٿي.


اسين ڏک تہ سھون ٿا، پر تڏھن بہ ھميشہ خوش ٿا رھون. غريب سمجھيا وڃون ٿا تڏھن بہ گھڻن کي شاھوڪار ٿا ڪريون. سڃا⁠سکڻا آھيون تڏھن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آھي.


مون کي اوھان تي تمام گھڻو اعتبار آھي. آءٌ اوھان تي ڏاڍو فخر ٿو ڪريان. مون کي پوري تسلي آھي. تنھنڪري جيڪا بہ مصيبت اسان تي اچي ٿي، تنھن ۾ آءٌ تمام گھڻو خوش رھندو آھيان.


منھنجي دل جي آرزو، بلڪ اميد اٿم تہ ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر منھنجي وڏي دليريءَ جي ڪري ھميشہ وانگر ھاڻي بہ منھنجي بدن جي وسيلي مسيح جي وڏائي ٿيندي، پوءِ توڙي جيئرو رھان يا مري وڃان.


اوھين بہ ساڳيءَ طرح خوش ٿيو ۽ مون سان گڏ خوشي ڪريو.


ڇاڪاڻ⁠تہ ھو مسيح جي ڪم خاطر مرڻ تي ھو ۽ پنھنجي جان جوکي ۾ وڌائين، انھيءَ لاءِ تہ منھنجي خدمت ۾ اوھان جي طرفان جيڪا گھٽتائي ھئي سا پوري ڪري.


مون کي پورو پورو اُجورو مليو آھي، بلڪ اڃا بہ وڌيڪ. اوھان جون موڪليل شيون اِپفروديتس جي ھٿان مون کي مليون آھن، جنھن ڪري آءٌ بلڪل آسودو ٿيو آھيان. اھا امداد خوشبودار ۽ اھڙي قبول پوندڙ قرباني آھي، جنھن کي خدا پسند ٿو ڪري.


ھاڻي آءٌ انھن ڏکن جي ڪري خوش آھيان، جيڪي اوھان جي خاطر پيو سھان. اھڙيءَ طرح آءٌ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنھنجي جسم ۾ پوري پيو ڪريان.


انھيءَ طرح اسان کي اوھان سان ايتري محبت ھئي جو نہ رڳو خدا جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ پر اوھان جي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بہ راضي ھئاسين، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين اسان کي ايڏا پيارا ٿي لڳا.


ھاڻي آءٌ قربان ٿيڻ تي آھيان ۽ منھنجي لاڏاڻي جو وقت اچي پھتو آھي.


اوھين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين پاڪ ڪاھنن جي حيثيت ۾ اھڙيون روحاني قربانيون پيش ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


انھيءَ مان اسان کي پيار جي خبر پيئي آھي تہ مسيح اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏني ۽ اسان تي بہ واجب آھي تہ پنھنجن ڀائرن لاءِ جان ڏيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan