Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 1:28 - Common Language New Testament

28 پنھنجن مخالفن کان ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ نہ ڊڄو. اھا ڳالھہ ھنن جي لاءِ برباديءَ جي صاف نشاني آھي، پر اوھان جي لاءِ ڇوٽڪاري جي ۽ اھو خدا جي طرفان آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

28 ۽ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ مخالفن کان نٿا ڊڄو: اها ڳالهہ هنن جي لاءِ برباديءَ جي صاف نشاني آهي، مگر اوهان جي نجات جي، ۽ اُها خدا جي پاران آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

28 آءٌ اهو بہ ٻڌان تہ اوهين پنهنجن مخالفن کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ نہ ٿا ڊڄو. اوهان جي وشواس واري اهڙي هلت هنن جي لاءِ برباديءَ جي نشاني آهي، پر اوهان جي لاءِ مڪتيءَ جي. اها نشاني ايشور جي طرفان آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

28 آءٌ اهو بہ ٻڌان تہ اوهين پنهنجن مخالفن کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ نہ ٿا ڊڄو. اوهان جي ايمان واري اهڙي هلت هنن جي لاءِ برباديءَ جي نشاني آهي، پر اوهان جي لاءِ ڇوٽڪاري جي. اها نشاني خدا جي طرفان آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 1:28
24 Iomraidhean Croise  

انھن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. تنھنڪري خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنھي يعني جسم ۽ روح کي ماري جھنم ۾ وجھي سگھي ٿو.


عيسيٰ سڪل ھٿ واري ماڻھوءَ کي چيو تہ ”وچ ۾ ٿي بيھہ.“


ساري انسانذات خدا جو ڇوٽڪارو ڏسندي.‘“


جڏھن ھو ايندو تڏھن سڄيءَ دنيا کي گناھہ، سچائيءَ ۽ انصاف جي نسبت ڏوھاري ٺھرائيندو:


پولس آخر ۾ چيو تہ ”اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ خدا جو ڇوٽڪاري وارو پيغام غير قومن ڏانھن موڪليو ٿو وڃي ۽ اھي ٻڌندا.“


جيڪڏھن اسين ھن جا ٻار آھيون تہ وارث بہ آھيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آھيون، بشرطيڪ ھن سان ڏکن ۾ شريڪ ٿيون تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ٿينداسون.


اوھان کي خبر آھي تہ فلپي شھر ۾ ڏکن سھڻ ۽ بي⁠عزت ٿيڻ کان پوءِ بہ خدا اسان کي ھمت ڏني، جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوھان کي سندس خوشخبري ٻڌائي.


تنھنڪري اسين پوري يقين سان چئي ٿا سگھون تہ ”خداوند منھنجو مددگار آھي، آءٌ ڪين ڊڄندس. انسان مون کي ڇا ٿو ڪري سگھي؟“


جيڪي ڏک اوھان کي سھڻا آھن تن کان نہ ڊڄو. ياد رکو، شيطان اوھان مان ڪن کي قيد ۾ وجھندو تہ جيئن اوھان جي آزمائش ٿئي. اوھان ڏھن ڏينھن تائين مصيبت برداشت ڪندا. اوھين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رھو تہ آءٌ اوھان کي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan