Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 1:26 - Common Language New Testament

26 سو جڏھن آءٌ ٻيھر اوھان وٽ اچي حاضر ٿيان تہ مون بابت اوھان جو فخر عيسيٰ مسيح جي ڪري گھڻو وڌي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

26 ۽ منهنجي اوهان وٽ وري اچڻ ڪري، منهنجي بابت اوهان جو فخر مسيح يسوع ۾ زيادہ ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

26 سو اوهان وٽ ٻيهر اچڻ سان منهنجي ڪري اوهان جو فخر يسوع مسيح ۾ گھڻو وڌي ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

26 سو اوهان وٽ ٻيهر اچڻ سان منهنجي ڪري اوهان جو فخر عيسيٰ مسيح ۾ گھڻو وڌي ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 1:26
14 Iomraidhean Croise  

اوھان سان بہ ائين ئي ٿيندو. ھاڻي اوھان جي سورن جو وقت آھي. پر آءٌ اوھان سان وري ضرور ملندس. تڏھن اوھين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوھان جي اھا خوشي اوھان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو.


ھن وقت تائين اوھان منھنجي نالي تي ڪجھہ ⁠بہ ڪين گھريو آھي، سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوھان جي خوشي پوري ٿئي.“


اميد اٿم تہ اوھين پوريءَ طرح سمجھي ويندا. ھاڻي اوھين اسان کي رڳو ٿورو گھڻو سمجھو ٿا. پر جيئن خداوند عيسيٰ جي ڏينھن اوھين اسان تي فخر ڪري سگھو ٿا، تيئن اسين اوھان تي فخر ڪنداسين.


اسين اوھان سان وري پنھنجي ساراھہ نہ ٿا ڪريون، پر اوھان کي وجھہ ٿا ڏيون تہ اسان تي فخر ڪريو، جيئن انھن ماڻھن کي جواب ڏيئي سگھو جيڪي دل تي نہ پر ظاھري ڳالھين تي فخر ڪن ٿا.


پر جيڪڏھن مون ھن جي اڳيان اوھان جي بابت ڪو فخر ظاھر ڪيو ھو تہ آءٌ شرمندو نہ ٿيو ھوس. ڇالاءِ⁠جو جيئن اسان اوھان کي سڀ ڳالھيون سچائيءَ سان چيون آھن، تيئن جيڪو فخر مون طيطس جي اڳيان ڪيو ھو سو بہ سچو ثابت ٿيو.


مون کي اوھان تي تمام گھڻو اعتبار آھي. آءٌ اوھان تي ڏاڍو فخر ٿو ڪريان. مون کي پوري تسلي آھي. تنھنڪري جيڪا بہ مصيبت اسان تي اچي ٿي، تنھن ۾ آءٌ تمام گھڻو خوش رھندو آھيان.


پر خدا، جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آھي، تنھن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني.


تنھنڪري ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجا ڪم پاڻ جاچڻ گھرجن. انھيءَ حالت ۾ ھو رڳو پنھنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ٿو ۽ پوءِ ھن کي ڪنھن ٻئي سان پنھنجي ڀيٽ ڪرڻ جي ضرورت نہ ٿيندي.


آخر ۾، اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھين خوش رھو. ساڳيون ڳالھيون اوھان ڏانھن وري لکندي مون کي ڪابہ تڪليف ڪونہ ٿي ٿئي، پر اٽلندو انھيءَ ۾ اوھان جي لاءِ سلامتي آھي.


ڇالاءِ⁠جو حقيقي طھر ڪرايل اسين آھيون، جيڪي خدا جي روح جي وسيلي سندس عبادت ڪريون ٿا. اسين عيسيٰ مسيح تي فخر ٿا ڪريون ۽ جسماني ڳالھين تي ويساھہ نہ ٿا رکون،


آءٌ خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ نھايت ئي خوش آھيان، جو نيٺ اوھان کي مون لاءِ نئين سر ڳڻتي جاڳي. بيشڪ اڳي بہ اوھان کي اھڙي ڳڻتي ھئي، پر انھيءَ کي ظاھر ڪرڻ جو اوھان کي وجھہ نہ ٿي مليو.


خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھين ھر وقت خوش رھو. آءٌ وري بہ چوندس تہ خوش رھو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan