Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 1:25 - Common Language New Testament

25 انھيءَ ڳالھہ جي پڪ ھئڻ ڪري آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ جيئرو رھندس، بلڪ اوھان سڀني سان گڏ گذاريندس، تہ جيئن اوھان جي ايمان ۾ واڌارو ٿئي ۽ اوھين ان ۾ خوش رھو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

25 انهي جي مون کي پڪ آهي، تنهنڪري آئون ڄاڻان ٿو تہ آئون جيئرو رهندس، هائو، اوهان سڀني سان گڏ گذاريندس، انهي لاءِ تہ اوهان جي ايمان ۾ واڌارو ۽ خوشي پيدا ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

25 انهيءَ ڳالهہ جي پڪ هئڻ ڪري آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ جيوت رهي ڪري اوهان سڀني سان گڏ گذاريندس، تہ جيئن اوهان جي وشواس ۾ واڌارو ٿئي ۽ ان ۾ اوهين خوش رهو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

25 انهيءَ ڳالهہ جي پڪ هئڻ ڪري آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ جيئرو رهي ڪري اوهان سڀني سان گڏ گذاريندس، تہ جيئن اوهان جي ايمان ۾ واڌارو ٿئي ۽ ان ۾ اوهين خوش رهو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 1:25
17 Iomraidhean Croise  

پر مون تو لاءِ دعا گھري آھي تہ شل تنھنجو ايمان نہ لُڏي. جڏھن تون مون ڏانھن موٽي اچين تہ پنھنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“


برنباس جڏھن اتي پھتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ انھن تي فضل ڪيو آھي تڏھن ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين سمجھايائين تہ ”خداوند سان دل⁠ وَ جان سان وفادار رھجو.“


انھن شاگردن کي ھمتايو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ ھو ايمان تي قائم رھن. انھن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مصيبتن مان لنگھڻو پوندو.“


ھاڻي مون کي پڪ آھي تہ اوھين سڀ جن ۾ مون خدا جي بادشاھت جي تبليغ ڪئي آھي، تن مان ڪوبہ وري منھنجو منھن ڪين ڏسندو.


شل اميد بخشيندڙ خدا اوھان کي ايمان آڻڻ جي ڪري خوشي ۽ اطمينان سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پاڪ روح جي قدرت سان اوھين اميد ۾ وڌندا وڃو.


آءٌ رڳو انھن ڪمن بابت دليريءَ سان ڳالھايان ٿو، جيڪي مسيح قول ۽ فعل جي وسيلي مون کان ڪرايا، تہ جيئن غير قومون خدا جون تابعدار ٿين.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏھن آءٌ اوھان وٽ ايندس تہ مسيح جي ڪامل برڪت کنيو ايندس.


مسيح اسان کي ايمان جي وسيلي خدا جي فضل تائين پھچايو آھي، جنھن تي اسين ثابت قدم آھيون. سو اچو تہ اسين انھيءَ اميد تي خوشي ڪريون تہ خدا جو جلوو ماڻينداسين.


اسين ايمان جي باري ۾ اوھان تي حڪومت نہ ٿا ھلايون. پر اوھان جي خوشيءَ ۾ اوھان جا مددگار آھيون، ڇالاءِ⁠تہ ايمان جي وسيلي اوھين قائم آھيو.


پر منھنجو بدن ۾ رھڻ اوھان جي خاطر وڌيڪ ضروري آھي.


بلڪ مون کي خداوند تي ڀروسو آھي تہ آءٌ پاڻ بہ جلد ايندس.


ٻي ڳالھہ تہ منھنجي ٽڪڻ لاءِ ھڪ ڪمرو تيار رکج، ڇوتہ اميد ٿو ڪريان تہ اوھانجين دعائن جي بدلي ۾ خداوند مون کي آزاد ڪري اوھان وٽ آڻيندو.


جيتوڻيڪ اوھان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آھي، تڏھن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوھين ھاڻي بہ کيس نہ ٿا ڏسو، تڏھن بہ مٿس ايمان ٿا آڻيو ۽ ايتري تہ عظيم خوشيءَ سان ڀرپور آھيو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan