Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 1:17 - Common Language New Testament

17 پر ٻيا ذاتي لالچ جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن، سچيءَ نيت سان نہ ، بلڪ انھيءَ خيال سان تہ منھنجي لاءِ قيد ۾ وڌيڪ مصيبت پيدا ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

17 پر ٻيا تفرقي جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن، نہ سچيءَ نيت سان، بلڪ انهي خيال سان تہ منهنجي قيد ۾ مون لاءِ مصيبت پيدا ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

17 پر ٻيا سچيءَ نيت سان نہ، بلڪ ساڙ جي ڪري انهيءَ خيال سان مسيح جو پرچار ٿا ڪن تہ جيئن منهنجي لاءِ قيد ۾ وڌيڪ مصيبت پيدا ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

17 پر ٻيا سچيءَ نيت سان نہ، بلڪ حسد جي ڪري انهيءَ خيال سان مسيح جي منادي ٿا ڪن تہ جيئن منهنجي لاءِ قيد ۾ وڌيڪ مصيبت پيدا ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 1:17
16 Iomraidhean Croise  

تنھنڪري پنھنجن دلين ۾ پڪو پھہ ڪريو تہ اوھين جواب ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ڪابہ ڳڻتي نہ ڪندا.


”اي ڀائرو ۽ بزرگو! ٻڌو، ھاڻي آءٌ اوھان کي پنھنجي بچاءَ ۾ ڪجھہ ٻڌايان ٿو.“


اگرپا پولس کي چيو تہ ”اوھان کي اجازت آھي تہ اوھين پنھنجي پاران ڪجھہ چئو.“ پولس ھٿ ھلائي پنھنجي بچاءَ ۾ ھي بيان ڏنو تہ


جيئن ئي پولس ھن نموني پنھنجو بچاءُ ڪري رھيو ھو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ”پولس تون ديوانو ٿي پيو آھين. تنھنجي گھڻي علم تو کي چريو ڪري ڇڏيو آھي.“


پر جيڪي خود⁠غرض آھن ۽ سچ کي نہ پر ڪوڙ کي ٿا مڃين، تن تي خدا جو غضب ۽ قھر نازل ٿيندو.


پر اھا ڪا وڏي ڳالھہ ناھي. وڏي ڳالھہ ھيءَ آھي تہ مسيح جي پڌرائي ھر طرح سان ٿئي ٿي، پوءِ اھا ڪوڙي نيت سان ھجي يا سچيءَ سان. انھيءَ سبب آءٌ خوش آھيان، ھائو، آءٌ خوش ٿيندو رھندس.


تنھنڪري واجب آھي تہ آءٌ اوھان سڀني جي باري ۾ ائين ئي سمجھان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين منھنجيءَ دل ۾ موجود آھيو. منھنجي قيد ۾ توڙي خوشخبريءَ کي سچي ثابت ڪرڻ ۽ ان کي پڪيءَ طرح قائم ڪرڻ ۾، اوھين سڀ خدا جي ڏنل فضل ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار آھيو.


ذاتي لالچ ۽ اجائي ھٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، بلڪ نماڻائيءَ سان ھڪ ٻئي کي پاڻ کان بھتر سمجھو.


انھيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ تبليغ ڪندڙ، رسول ۽ غير قومن کي ايمان ۽ سچائيءَ جي تعليم ڏيندڙ مقرر ٿيس. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.


انھيءَ جي ڪري ئي آءٌ ڏک ٿو سھان، ايتري قدر جو ڪنھن ڏوھاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آھيان. پر خدا جو ڪلام قيد نہ آھي.


ڪورٽ ۾ منھنجي بچاءَ واري پھرين حاضريءَ ۾ ڪنھن بہ منھنجو طرف نہ ورتو، بلڪ سڀني مون کي ڇڏي ڏنو. شل کين انھيءَ جو حساب ڏيڻو نہ پوي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan