Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 4:1 - Common Language New Testament

1 عيسيٰ اردن مان پاڪ روح سان ڀرجي موٽيو ۽ پاڪ روح جي ھدايت سان چاليھہ ڏينھن بيابان ۾ گھميو پئي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ يسوع پاڪ روح سان ڀرجي يردن نديءَ تان موٽي آيو، ۽ روح جي هدايت تي رڻ پٽ ۾ پئي گهُميو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1-2 يسوع اردن درياءَ کان پوِتر آتما سان ڀريل موٽيو ۽ پوِتر آتما جي رهنمائيءَ ۾ چاليهہ ڏينهن بيابان ۾ گھمندو رهيو، جتي شيطان هن کي آزمايو. انهن ڏينهن ۾ هن ڪجھہ بہ نہ کاڌو، پر جڏهن اهي ڏينهن گذري ويا تہ پوءِ هن کي بک لڳي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1-2 عيسيٰ اردن درياءَ کان پاڪ روح سان ڀريل موٽيو ۽ پاڪ روح جي رهنمائيءَ ۾ چاليهہ ڏينهن بيابان ۾ گھمندو رهيو، جتي ابليس هن کي آزمايو. انهن ڏينهن ۾ هن ڪجھہ بہ نہ کاڌو، پر جڏهن اهي ڏينهن گذري ويا تہ پوءِ هن کي بک لڳي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

1 पो येशु पवित्र आत्मा सां भरजी यरदन नदीअ तां मोटियो; ऐं आत्मा जी अग॒वाईअ सां चालीअ डी॒ंहन ताईं बयाबानअ में फिरंदो रयो।

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 4:1
19 Iomraidhean Croise  

سو عيسيٰ جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاھر آيو تہ ھن لاءِ آسمان کُلي پيو ۽ خدا جو روح ھڪ ڪبوتر وانگر ھيٺ لھندو ۽ پاڻ تي ويھندو ڏٺائين.


پاڪ روح جي ھدايت تي شمعون ھيڪل ۾ آيو. جڏھن ماءُ⁠پيءُ ٻارڙي عيسيٰ کي شريعت جا فرض پورا ڪرڻ لاءِ ھيڪل ۾ کڻي آيا


ھو اردن درياءَ جي چوطرف ساري علائقي ۾ ويو ۽ ماڻھن ۾ تبليغ ڪيائين تہ ”توبھہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ اوھان کي پنھنجن گناھن جي معافي ملي.“


قينان پٽ انوش جو، انوش پٽ سيت جو، سيت پٽ آدم جو ۽ آدم خدا جو فرزند ھو.


پوءِ عيسيٰ جنھن سان پاڪ روح جي طاقت گڏ ھئي، سو گليل علائقي ڏانھن موٽيو. سندس ھاڪ سڄي علائقي ۾ ھُلي ويئي.


”خداوند جو روح مون سان آھي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ مون کي مسح ڪري چونڊيو اٿس. ھن مون کي موڪليو آھي تہ قيدين جي رھائيءَ ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان. ۽ ستايلن جي دلجوئي ڪريان،


يحيٰ شاھدي ڏيندي چيو تہ ”مون پاڪ روح کي ڪبوتر وانگر آسمان مان لھندي ۽ مٿس ويھندي ڏٺو آھي.


جنھن کي خدا موڪليو آھي سو خدا جا لفظ ڳالھائي ٿو، ڇالاءِ⁠جو خدا کيس پنھنجو روح بي⁠حساب عطا ڪري ٿو.


اوھان کي اھا بہ خبر آھي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ کي پاڪ روح ۽ قدرت سان مسح ڪري چونڊيو ھو. ھو ھرھنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو ھو ۽ جن ماڻھن تي شيطان جو غلبو ھو تن کي شفا ڏيندو ھو، ڇالاءِ⁠جو خدا انھيءَ سان ھو.


جڏھن اھي پاڻيءَ مان ٻاھر نڪتا تہ خداوند جو پاڪ روح فلپس کي کڻي ويو ۽ ھو ازوتس ۾ وڃي نڪتو. آفيسر وري کيس ڏسي نہ سگھيو، پر خوش خوش پنھنجو رستو وٺي ھليو ويو. فلپس ازوتس کان وٺي واٽ ۾ سڀني شھرن ۾ خوشخبري ٻڌائيندو ويو، تان جو اچي قيصريہ ۾ پھتو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan