Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 1:1 - Common Language New Testament

1 محترم ٿئوفلس: ڪيترائي ماڻھو انھن ڳالھين کي لکي چڪا آھن، جيڪي اسان ۾ ٿي گذريون آھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 اي معزز ٿئوفلس، جيئن تہ اُهي ڳالهيون جيڪي اسان جي اڳيان پوريون ٿيون آهن، تن جي ترتيب وار بيان لکڻ لاءِ گهڻن ڄڻن ڪم ۾ هٿ ڳنڍيو آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 شري ٿئوفلس! ڪيترائي ماڻهو انهن ڳالهين کي لکي چڪا آهن، جيڪي اسان ۾ ٿي گذريون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 محترم ٿئوفلس! ڪيترائي ماڻهو انهن ڳالهين کي لکي چڪا آهن، جيڪي اسان ۾ ٿي گذريون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

1 हे थियुफिलुस, जेके घटनाऊं असां जे विचअ में थ्यूं आइन, उन घटनाउन खे चंग॒न हीं ज॒णन लिखण में असां जी मददअ कई आहे।

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 1:1
13 Iomraidhean Croise  

پوءِ شاگردن وڃي ھر ھنڌ تبليغ ڪئي. خداوند انھن سان گڏ پئي ڪم ڪيو ۽ ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ انھن جي تبليغ سچي ھئي، ڇالاءِ⁠جو کين قدرت جون نشانيون ڏنيون ھئائين.


پر اِھي انھيءَ لاءِ لکيل آھن تہ جيئن اوھين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آھي ۽ اھڙي ايمان آڻڻ سان اوھان کي ھن جي نالي ۾ زندگي ملي.


ڪو ماڻھو سمجھي ٿو تہ فلاڻو ڏينھن ٻين ڏينھن کان وڌيڪ بھتر آھي. پر ٻئي ماڻھوءَ لاءِ سڀ ڏينھن ھڪ جھڙا آھن. ھر ھڪ کي پنھنجو پنھنجو پختو خيال ھئڻ گھرجي.


ھن کي پورو يقين ھو تہ خدا جيڪو واعدو ڪيو آھي سو پورو ٿيندو.


اھو آءٌ ھن ڪري ٿو ڪريان تہ سندن دلين ۾ ھمت پيدا ٿئي ۽ اھي محبت سان پاڻ ۾ ھڪ ٿي رھن ۽ پوري سمجھہ جي ڀرپور دولت حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز، يعني مسيح کان واقف ٿين.


اِپفراس جيڪو اوھان مان ھڪڙو آھي ۽ عيسيٰ مسيح جو غلام آھي، سو اوھان کي سلام ٿو چوي. ھو اوھان جي لاءِ ھميشہ گرم⁠جوشيءَ سان دعا ٿو گھري، تہ جيئن اوھين ڪامل ٿي، پوري يقين سان ھرھڪ ڳالھہ ۾ خدا جي مرضيءَ تي قائم رھو.


ڇالاءِ⁠جو اسان جي خوشخبري اوھان وٽ نہ رڳو لفظي طور پر قدرت، پاڪ روح ۽ پوري يقين سان پھتي آھي. اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏھن اوھان وٽ ھئاسين تہ اوھان جي خاطر ڪھڙي زندگي گذاريسين.


انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي تہ دينداريءَ جو راز وڏو آھي، يعني: ھو جسم ۾ ظاھر ٿيو ۽ پاڪ روح جي ڪري سچو ثابت ٿيو. ھو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ آسمان ڏانھن ھو مٿي کنيو ويو.


پر خداوند منھنجو طرف ورتو ۽ مون کي طاقت بخشيائين، انھيءَ لاءِ تہ منھنجي وسيلي خوشخبريءَ جي منادي پوري ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. سو آءٌ شينھن جي وات مان ڇڏايو ويس.


ھاڻي جيئن تہ اسان جو ضمير گناھن کان پاڪ ٿيل آھي ۽ اسان جو جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آھي، تنھنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.


اسان جي خواھش آھي تہ اوھان مان ھر ڪو پنھنجيءَ اميد کي يقيني بنائڻ لاءِ پڇاڙيءَ تائين ساڳيءَ طرح ڪوشش ڪندو رھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan