Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يعقوب 1:3 - Common Language New Testament

3 ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جي ايمان جي پرک صبر پيدا ڪري ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ ڄاڻو تہ اوهان جو امتحان صبر پيدا ٿو ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جي وشواس جي پرک اوهان ۾ ثابت قدمي پيدا ڪري ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جي ايمان جي پرک اوهان ۾ ثابت قدمي پيدا ڪري ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يعقوب 1:3
15 Iomraidhean Croise  

پنھنجي صبر سان ئي اوھين پنھنجي جان بچائيندا.“


ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي⁠بہ ڳالھيون اڳي لکيون ويون آھن سي اسان جي سيکارڻ لاءِ لکيون ويون آھن، تہ جيئن صبر ۽ تسلي، جيڪا اسان کي پاڪ لکت جي وسيلي ملي آھي تنھن مان اميد حاصل ٿئي.


جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رھندي جلال، عزت ۽ بقا جا طالب آھن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.


پر جيڪڏھن اسين اھڙيءَ شيءِ جي اميد ٿا ڪريون جيڪا اڃا ڏسي نہ ٿا سگھون، تہ پوءِ ان جو صبر سان انتظار ٿا ڪريون.


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا سڀني شين ۾ انھن ماڻھن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آھن.


جيڪا مصيبت اسين سھون ٿا اھا ھلڪي ۽ ٿوري دير جي لاءِ آھي. اھا اسان جي لاءِ اھڙو دائمي جلوو پيدا ٿي ڪري جيڪو حد کان وڌيڪ ڳؤرو آھي.


شل اوھين ھن جي جلال واري قدرت موجب ھر طرح جي طاقت سان مضبوط ٿيندا وڃو، تہ جيئن خوشيءَ سان صبر ۽ تحمل ڪري سگھو.


تنھنڪري اسين پاڻ خدا جي ڪليسيائن ۾ اوھان بابت فخر ٿا ڪريون جو جيڪي ظلم ۽ مصيبتون اوھين سھو ٿا، تن سڀني ۾ اوھان جو صبر ۽ ايمان ظاھر ٿو ٿئي.


شل خداوند اوھان جي دلين کي اھڙي ھدايت ڪري جو اوھين خدا جي محبت ۽ مسيح جو صبر حاصل ڪريو.


اوھان کي صبر ڪرڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اوھين اھو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنھن جو ھن واعدو ڪيو آھي. جيئن لکيل آھي تہ


جڏھن تہ شاھدن جي ھيڏي وڏي ڪڪر اسان جو اچي گھيرو ڪيو آھي، تنھنڪري اچو تہ اسين بہ ھر ھڪ رڪاوٽ ۽ انھيءَ گناھہ کي جيڪو اسان کي آسانيءَ سان منجھائي ٿو، پاسي ڪريون ۽ ثابت⁠قدميءَ سان انھيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آھي.


اسين چاھيون ٿا تہ اوھين سست نہ ٿيو، پر انھن جا پيروي ڪندڙ ٿيو، جيڪي ايمان ۽ صبر جي ڪري خدا جي ڪيل واعدن جا وارث ٿا ٿين.


انھن آزمائشن جو مقصد اھو آھي تہ اوھان جو ايمان جيڪو باھہ سان پرکيل فاني سون کان بہ تمام گھڻو قيمتي آھي، سو آزمائڻ سان خالص ثابت ٿي عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ وقت واکاڻ، عظمت ۽ عزت جي لائق ٺھري.


پنھنجي علم سان پرھيزگاري، پرھيزگاريءَ سان صبر ۽ صبر سان دينداريءَ ۾ واڌارو آڻيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan