Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 4:7 - Common Language New Testament

7 پر اسان مان ھر ھڪ کي اھڙيءَ طرح فضل عطا ٿيو آھي جھڙيءَ طرح مسيح انھيءَ کي پنھنجي انداز موجب ورھايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ اسان مان هرهڪ تي مسيح جي بخشش جي انداز موافق فضل ٿيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

7 انهيءَ ايڪي کي قائم رکڻ لاءِ اسان مان هر هڪ کي مسيح پنهنجي بخشش موجب جدا جدا ڪرپا بخشي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ ايڪي کي قائم رکڻ لاءِ اسان مان هر هڪ کي مسيح پنهنجي بخشش موجب جدا جدا فضل عطا ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 4:7
13 Iomraidhean Croise  

ھن ھر ھڪ کي سندس لياقت موجب ملڪيت ڏني. ھڪ کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا ڏنائين، ٻئي کي ٻہ ھزار ۽ ٽئين کي ھڪ ھزار ڏيئي پاڻ مسافريءَ تي ويو ھليو.


جنھن کي خدا موڪليو آھي سو خدا جا لفظ ڳالھائي ٿو، ڇالاءِ⁠جو خدا کيس پنھنجو روح بي⁠حساب عطا ڪري ٿو.


آءٌ انھيءَ فضل جي ڪري جو مون کي مليو آھي، اوھان مان ھر ھڪ کي چوان ٿو تہ پنھنجو پاڻ کي وت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ حليمائيءَ سان پاڻ کي اوترو وڌيڪ سمجھو جيترو خدا اوھان کي ايمان بخشيو آھي.


اسين جيڪي خدا سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آھيون، سي ھيءَ بہ منٿ ڪريون ٿا تہ خدا جو فضل جيڪو اوھان تي ٿيو آھي سو اجايو نہ وڃايو.


اوھان ٻڌو ھوندو تہ خدا اوھان لاءِ پنھنجي فضل جو خاص ڪم منھنجي حوالي ڪيو آھي.


جيتوڻيڪ آءٌ خدا جي قوم ۾ سڀني کان گھٽ آھيان، تنھن ھوندي بہ اھو فضل مون کي عطا ڪيو ويو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي⁠انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان،


خدا بہ نشانين، عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي معجزن سان پنھنجي مرضيءَ موجب پاڪ روح جون نعمتون ورھائيندي انھيءَ ڇوٽڪاري جي شاھدي ڏيندو رھيو.


ھر ماڻھوءَ کي جيڪا نعمت ملي آھي سو انھيءَ نعمت کي، خدا جي فضل جي مختلف نعمتن جو چڱو مختيار ٿي ھڪ ٻئي جي خدمت لاءِ ڪم آڻي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan