Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 4:4 - Common Language New Testament

4 ھڪڙو ئي بدن آھي ۽ ھڪڙو ئي پاڪ روح، جيئن اوھين بہ ھڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آھيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 هڪڙو ئي بدن آهي ۽ هڪڙو ئي روح، جيئن ڪ اوهين بہ پنهنجي ڪوٺ وقت هڪڙي ئي اُميد ۾ ڪوٺيا ويا هئا؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 ڏسو، هڪڙو ئي شرير آهي ۽ هڪڙي ئي پوِتر آتما، جيئن اوهين بہ هڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 ڏسو، هڪڙو ئي بدن آهي ۽ هڪڙو ئي پاڪ روح، جيئن اوهين بہ هڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 4:4
28 Iomraidhean Croise  

تنھن ڪري اوھين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انھن کي منھنجا شاگرد ڪريو. انھن کي پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح جي نالي تي بپتسما ڏيو،


جڏھن تہ اسان جو ايمان آھي تہ اسان کي بہ انھن وانگر ئي خداوند عيسيٰ جي فضل سان ڇوٽڪارو ملي ٿو.“


ڇالاءِ⁠جو خدا جون بخششون ۽ سندس ڪيل چونڊ تبديل ٿيندڙ نہ آھي.


جيئن تہ ماني ھڪڙي آھي، تيئن جيتوڻيڪ، اسين گھڻا آھيون تہ بہ ھڪڙو بدن آھيون، ڇالاءِ⁠جو اسين سڀيئي انھيءَ ھڪڙيءَ مانيءَ ۾ شريڪ ٿا ٿيون.


دراصل عضوا گھڻا آھن پر بدن ھڪڙو ئي آھي.


جيڪڏھن ڪو اوھان وٽ اچي ڪنھن ٻئي عيسيٰ جي منادي ٿو ڪري جنھن جي اسان نہ ڪئي، يا جيڪڏھن ڪو ٻيو روح اوھان کي ملي ٿو جيڪو مليل پاڪ روح کان مختلف آھي، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جيڪا اوھان قبول نہ ڪئي ھئي، تہ پوءِ اھو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انھيءَ کي برداشت ٿا ڪريو؟


آءٌ ھيءَ بہ دعا گھرندو آھيان تہ اوھان جون روحاني اکيون روشن ٿين، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ ھن ڪھڙي اميد رکڻ لاءِ اوھان کي سڏيو آھي. سندس جلال ڀري ميراث، جيڪا ھن پنھنجي قوم لاءِ رکي آھي سا ڪيڏي نہ وڏي دولت آھي،


مسيح پنھنجي صليبي موت جي وسيلي انھن جي دشمني ختم ڪري ڇڏي ۽ ٻنھي کي ھڪڙو بدن ڪري خدا سان ملائي ڇڏيائين.


ڇالاءِ⁠جو مسيح جي وسيلي اسان ٻنھي يعني يھودين ۽ غير يھودين کي ھڪڙي ئي پاڪ روح جي ڪري پيءُ تائين پھچ حاصل ٿي آھي.


مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري اوھين بہ اھڙي جڳھہ ۾ گڏ جڙندا ۽ اڏبا ٿا وڃو، جنھن ۾ خدا پنھنجي پاڪ روح جي صورت ۾ رھي ٿو.


تنھنڪري آءٌ، جيڪو خداوند جي خاطر قيدي آھيان، اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جنھن مقصد لاءِ خدا اوھان کي سڏيو آھي انھيءَ جي لائق زندگي گذاريو.


ڇالاءِ⁠جو اسين سندس بدن جا عضوا آھيون.


اوھان جي انھيءَ ايمان ۽ محبت جو مدار انھيءَ اميد تي آھي، جيڪا خدا اوھان لاءِ آسمان ۾ پوري ڪندو ۽ جنھن جو ذڪر اوھان اڳي ئي خوشخبريءَ جي سچي ڪلام ۾ ٻڌو آھي.


مسيح جو اطمينان، جنھن لاءِ اوھين ھڪ بدن ڪري سڏيا ويا آھيو، سو شل اوھان جي دلين تي حڪومت ڪري ۽ اوھين شڪرگذار رھو.


شل اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح پاڻ ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنھن اسان سان محبت رکي ۽ پنھنجي فضل جي ڪري اسان کي ھميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني،


ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا ۽ اسان جي اميد، عيسيٰ مسيح جي حڪم سان عيسيٰ مسيح جو رسول آھي.


انھيءَ ايمان ۽ سڃاڻپ جو بنياد دائمي زندگيءَ جي اميد تي رکيل آھي. خدا، جيڪو ڪوڙ ڳالھائي نہ ٿو سگھي، تنھن ازل کان وٺي اھڙي زندگيءَ جو واعدو ڪيو.


ان سان گڏ اسين انھيءَ برڪت ڀري اميد، يعني پنھنجي عظيم خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي جلوي جي ظاھر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.


انھيءَ لاءِ تہ اسين سندس فضل جي ڪري سچار بڻجون ۽ دائمي زندگيءَ جا وارث ٿيون، جنھن جي اسين اميد رکون ٿا.


اوھان مسيح جي ئي وسيلي خدا تي ايمان آندو آھي. ھن کي خدا مئلن مان جياري اٿاريو ۽ جلال بخشيائينس، انھيءَ لاءِ تہ اوھان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي ھجي.


جنھن کي بہ مسيح ۾ اھڙي اميد آھي، سو پاڻ کي اھڙو پاڪ ڪري جھڙو مسيح پاڪ آھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan