Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 3:5 - Common Language New Testament

5 اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي ھي راز اھڙيءَ طرح نہ ٻڌايو ويو ھو، جھڙيءَ طرح ھاڻي خدا جي پاڪ رسولن ۽ نبين تي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ٿيو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 جو ٻين زمانن ۾ بني آدم کي ايتري قدر معلوم نہ ٿيو، جيتري قدر هاڻ سندس پاڪ رسولن ۽ نبين تي روح جي وسيلي پڌرو ٿيو آهي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 اڳين پيڙهين ۾ ماڻهن تي هي ڀيد ظاهر نہ ٿيو هو، پر هاڻي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن تي جيڪي ايشور جا مخصوص ڪيل آهن ۽ ايشور جي ٻين سنديش ڏيندڙن تي پوِتر آتما جي وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 اڳين پيڙهين ۾ ماڻهن تي هي راز ظاهر نہ ٿيو هو، پر هاڻي خدا جي مخصوص ڪيل رسولن ۽ سندس ٻين پيغام ڏيندڙن تي پاڪ روح جي وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 3:5
24 Iomraidhean Croise  

آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ڪيترن نبين ۽ نيڪن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ڏسو ٿا سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٻڌو ٿا سو ھو بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“


انھن وراڻيو تہ ’ڇالاءِ⁠جو اسان کي پورھئي تي ڪنھن بہ ڪين بيھاريو آھي.‘ تنھن تي ھن چين تہ ’چڱو اوھين بہ وڃي منھنجي انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪريو.‘


تنھنڪري آءٌ اوھان ڏانھن نبي، سياڻا ماڻھو ۽ شريعت جا معلم موڪليندس. اوھين انھن مان ڪن کي ماري وجھندا، ڪن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا ۽ ڪن کي پنھنجن عبادت⁠خانن ۾ چھبڪ ھڻندا ۽ شھر بہ شھر سندن پيڇو ڪري کين ستائيندا.


ڇوتہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترن ئي نبين ۽ بادشاھن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ٿا ڏسو، سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٿا ٻڌو، سو اھي بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“


انھيءَ لاءِ خدا جي حڪمت بيان فرمايو آھي تہ ’آءٌ نبين ۽ رسولن کي انھن وٽ موڪليندس، جن مان اھي ڪن کي ماري وجھندا ۽ ڪن کي ستائيندا.‘


پر مددگار يعني پاڪ روح، جنھن کي پيءُ منھنجي نالي موڪليندو، سو اوھان کي سڀ ڳالھيون سيکاريندو ۽ اوھان کي اھي ڳالھيون ياد ڏياريندو رھندو، جيڪي مون اوھان کي چيون آھن.


جڏھن سچ جو پاڪ روح ايندو، تڏھن ھو اوھان کي سموري سچ ڏانھن وٺي ويندو. ھو پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ڳالھائيندو، پر جيڪي ڳالھيون ٻڌندو سي ئي چوندو ۽ جيڪي ٿيڻو آھي سو اوھان کي کولي ٻڌائيندو.


پطرس انھن کي چيو تہ ”اوھين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يھودين جي مذھب ۾ جائز نہ آھي تہ ھو ڪنھن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر خدا مون کي صاف چيو آھي تہ آءٌ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي پليت يا گھٽ نہ سمجھان.


جيڪو راز گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو ھو، سو ھاڻي ابدي خدا جي حڪم موجب نبين جي صحيفن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو ايمان جا تابعدار ٿين. عيسيٰ مسيح جي جنھن خوشخبريءَ بابت آءٌ منادي ٿو ڪريان تنھن ۾ انھيءَ راز جي ظاھر ٿيڻ موجب شل خدا اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري.


پر اسان تي خدا اھا پنھنجي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ڪئي آھي، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح سڀني ڳالھين کي، بلڪ خدا جي ڳجھين ڳالھين کي بہ پرکي ٿو وٺي.


اوھين ڄڻ تہ ھڪ عمارت آھيو، جنھن جو بنياد رسولن ۽ نبين تي اڏيل آھي ۽ انھيءَ بنياد جو سڀ کان اھم پٿر پاڻ عيسيٰ مسيح آھي.


۽ سڀني ماڻھن تي اھا ڳالھہ روشن ڪريان تہ جيڪو راز ازل کان سڀني شين جي خلقيندڙ خدا وٽ ڳجھو رکيل ھو تنھن جو انتظام ڪھڙو آھي.


آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين انھن ڳالھين کي، جيڪي پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آھن ۽ اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ جي انھيءَ حڪم کي ياد رکو، جيڪو اوھان کي رسولن جي وسيلي ڏنو ويو ھو.


پر اي عزيزو! اھي ڳالھيون ياد رکو، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رسولن اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيون آھن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan