Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




سنتن جا ڪم 1:11 - Common Language New Testament

11 انھن چيو تہ ”اي گليليو! اوھين آسمان ڏانھن ڇو بيٺا نھاريو؟ اھو ئي عيسيٰ، جيڪو اوھان وٽان آسمان ڏانھن کڄي ويو آھي، ساڳي ئي طرح وري موٽي ايندو جيئن اوھان ھن کي آسمان ڏانھن ويندي ڏٺو آھي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ چيائون تہ اي گليليو، اوهين آسمان ڏانهن ڇو بيٺا نهاريو؟ اِهو يسوع، جو اوهان وٽان آسمان ۾ چاڙهيو ويو آهي، سو جيئن اوهان هن کي آسمان ڏانهن ويندو ڏٺو، تيئن وري بہ اوهان وٽ ايندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

11 انهن چيو تہ ”اي گليليؤ! اوهين آڪاش ڏانهن ڇو ٿا بيٺا نهاريو؟ اهو ئي يسوع، جيڪو اوهان وٽان آڪاش ڏانهن کڄي ويو آهي، سو ساڳيءَ طرح وري موٽي ايندو جيئن اوهان کيس آڪاش ڏانهن ويندي ڏٺو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

11 انهن چيو تہ ”اي گليليؤ! اوهين آسمان ڏانهن ڇو ٿا بيٺا نهاريو؟ اهو ئي عيسيٰ، جيڪو اوهان وٽان آسمان ڏانهن کڄي ويو آهي، سو ساڳيءَ طرح وري موٽي ايندو جيئن اوهان کيس آسمان ڏانهن ويندي ڏٺو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




سنتن جا ڪم 1:11
23 Iomraidhean Croise  

انھيءَ ڪري جو ابن⁠آدم پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي ھتي بيٺا آھن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين ھو ابن⁠آدم کي سندس بادشاھت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“


پوءِ ابن⁠آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاھر ٿيندي. تنھن تي دنيا جون سڀيئي قومون روئنديون رڙنديون ۽ ابن⁠آدم کي آسمان جي ڪڪرن تي قدرت ۽ وڏي جلوي سان ايندي ڏسنديون.


”جڏھن ابن⁠آدم پنھنجي جلوي سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ ھوندا، تڏھن ھو پنھنجي جلال واري تخت تي ويھندو


پوءِ ابن⁠آدم ڪڪرن ۾ وڏيءَ قدرت ۽ جلوي سان ايندي ظاھر ٿيندو.


پر ھن وري بہ انڪار ڪيو. ٿوري وقت کان پوءِ جيڪي اُتي بيٺا ھئا تن بہ پطرس کان پڇيو تہ ”سچي! تون انھن مان نہ آھين ڇا؟ ڇوتہ تون بہ گليلي پيو ڏسجين.“


خداوند عيسيٰ انھن سان ڳالھائڻ کان پوءِ آسمان ڏانھن کڄي ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


پوءِ ھو ابن⁠آدم کي وڏي قوت ۽ جلوي سان ھڪڙي ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.


تنھن تي ھو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ جھٽ کڻي مٿا زمين تي ٽيڪيائون. تڏھن انھن ماڻھن چين تہ ”جيڪو جيئرو آھي، تنھن کي مئلن ۾ اوھين ڇو ٿيون ڳوليو؟


جڏھن آءٌ وڃي اوھان جي لاءِ جاءِ تيار ڪندس تہ پوءِ موٽي ايندس ۽ اوھان کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، تہ جتي آءٌ آھيان اتي اوھين بہ ھجو.


اڃا ھن ايترو مس چيو تہ ھو انھن جي ڏسندي ئي آسمان ڏانھن کڄي ويو ۽ ھڪڙي ڪڪر جي اوٽ ۾ سندن نظر کان غائب ٿي ويو.


۽ ڪيترن ئي ڏينھن تائين ھو انھن کي ڏيکاري ڏيندو رھيو، جيڪي ساڻس گليل کان يروشلم تائين گڏ ھئا. اھي ھاڻي بني اسرائيل جي قوم آڏو سندس شاھد آھن.


انھن کي حيرت وٺي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي چوڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو جيڪي ائين ٿا ڳالھائين، ڇا اھي سڀ گليلي نہ آھن؟


جڏھن پطرس اھو حال ڏٺو، تڏھن ماڻھن کي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ھن ماڻھوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ اسان ڏانھن گھوري ڇو ٿا نھاريو؟ ڇا اسان ھن کي پنھنجيءَ قدرت ۽ دينداريءَ جي ڪري گھمڻ جي طاقت ڏني آھي؟


ھو تيستائين ضرور آسمان ۾ رھندو، جيستائين سڀني ڳالھين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينھن اچن، جن بابت خدا پنھنجي پاڪ نبين جي معرفت گھڻو اڳي چيو ھو.


۽ آسمان مان سندس فرزند يعني عيسيٰ مسيح جي اچڻ جو انتظار ڪندا رھو، جنھن کي ھن مئلن مان جياريو. ھو اسان کي خدا جي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.


ڇالاءِ⁠جو وڏي واڪي سان، وڏي ملائڪ جي آواز سان ۽ خدا جي بگل وڄڻ سان خداوند پاڻ آسمان مان ھيٺ لھندو. پوءِ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ مري ويا آھن سي پھريائين جي اٿندا.


تھڙيءَ طرح مسيح بہ ھڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻھن جي گناھن کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏھن ھو ٻيھر ظاھر ٿيندو تہ گناھہ کڻڻ لاءِ نہ، بلڪ انھن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ ايندو جيڪي سندس واٽ پيا نھارين.


ڏسو، ھو ڪڪرن تي ٿو اچي، ھر ھڪ اک ھن کي ڏسندي. اھي بہ کيس ڏسندا جن ھن کي چيڀاٽي ماريو، ۽ دنيا جون سڀ قومون ساڻس پنھنجي ڪئي تي ماتم ڪنديون، بيشڪ. آمين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan