Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 4:4 - Common Language New Testament

4 اھي پنھنجا ڪن سچ ٻڌڻ کان بند ڪري ڇڏيندا ۽ ڪوڙين آکاڻين ڏانھن ڌيان ڏيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ پنهنجا ڪَن حق کان ڦيرائيندا ۽ آکاڻين ڏانهن نيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 اهي سچ ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري هٿرادو ڪهاڻين ڏانهن ڌيان ڏيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 اهي سچ ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري هٿرادو ڪهاڻين ڏانهن ڌيان ڏيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 4:4
13 Iomraidhean Croise  

ڇالاءِ⁠جو ھن قوم جي عقل کي تالو لڳايو ويو آھي، اُھي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آھن، ۽ انھن پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون آھن. انھيءَ لاءِ تہ متان اُھي پنھنجين اکين سان ڏسن، پنھنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنھنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبھہ⁠تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘


پر ھنن وٺي زور سان واڪا ڪيا، پنھنجا ڪن کڻي بند ڪيائون ۽ گڏجي استيفنس تي حملو ڪيائون.


اھو ئي سبب آھي جو خدا ھنن تي گمراھيءَ جو اثر وجھندو، تہ جيئن ھو ان ڪوڙ کي مڃين.


نڪي انھن ڪوڙين آکاڻين ۽ بي⁠انتھا نسب⁠نامن تي ڌيان ڏين. اھي رڳو تڪرار جو باعث ٿين ٿا، نہ خدا جي انھيءَ انتظام جو جيڪو ايمان تي منحصر آھي.


پر اجاين ۽ پوڙھين عورتن وارين آکاڻين کي نہ مڃ، اٽلندو پاڻ کي دينداريءَ جي لاءِ تربيت ڏي.


اي تيمٿيس! جيڪي ڪجھہ سنڀال لاءِ تو کي سونپيو ويو، تنھن جي حفاظت ڪر. اجائي بڪ بڪ ۽ انھيءَ علم جي اختلافن کان پاسو ڪر، جنھن کي علم چوڻ ئي غلط آھي.


تو کي خبر آھي تہ ايشيا پرڳڻي جا سڀ ماڻھو، فوگلس ۽ ھرموگنيس سميت مون کان ڦري ويا آھن.


۽ اھي يھودين جي جڙتو آکاڻين يا انھن ماڻھن جي حڪمن تي ڌيان نہ ڏين جيڪي سچ کان منھن ٿا موڙين.


شل اوھان سڀني تي فضل ھجي. آمين.


جڏھن اسان اوھان کي پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي قدرت ۽ اچڻ جي خبر ڏني ھئي، تڏھن بناوٽي آکاڻين تي ڪونہ لڳا ھئاسين. پر سندس عظمت جا اکين ڏٺا شاھد ھئاسين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan