Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 4:18 - Common Language New Testament

18 خداوند مون کي ھر بري ڪم کان بچائيندو ۽ پنھنجي آسماني بادشاھت ۾ صحيح سلامت پھچائيندو. شل سندس واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 خداوند مون کي سڀ ڪنهن خراب ڪم کان ڇڏائيندو، ۽ مون کي پنهنجي آسماني بادشاهت ۾ صحيح سلامت پهچائيندو؛ انهي جو جلال شل هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

18 پرڀو يسوع مون کي اڳتي بہ هر بڇڙائيءَ کان بچائي وٺندو ۽ آڪاش واري پنهنجي راڄ ۾ صحيح سلامت پهچائيندو. شل سندس مهانتا جي مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

18 خداوند عيسيٰ مون کي اڳتي بہ هر بڇڙائيءَ کان بچائي وٺندو ۽ پنهنجي آسماني بادشاهيءَ ۾ صحيح سلامت پهچائيندو. شل سندس عظمت جي واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 4:18
40 Iomraidhean Croise  

پوءِ سچار پنھنجي پيءُ جي بادشاھت ۾ سج وانگر چمڪندا. جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“


پوءِ بادشاھہ پنھ نجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوھين، جيڪي منھنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آھيو، اچو ۽ بادشاھي وٺو، جيڪا اوھان جي لاءِ دنيا جي خلقڻ کان وٺي تيار ڪئي ويئي آھي.


اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ، پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


اسان جا ڏوھہ اسان کي معاف ڪر، ڇالاءِ⁠جو جيڪي اسان جا ڏوھي آھن تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون. ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ.‘“


”اي ننڍڙا ٽولا! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي پيءُ جي مرضي آھي تہ اوھان کي بادشاھت عطا ڪري.


۽ جيئن منھنجي پيءُ مون لاءِ بادشاھت مقرر ڪئي آھي، تيئن آءٌ بہ اوھان لاءِ بادشاھت مقرر ٿو ڪريان.


منھنجي دعا اھا نہ آھي تہ تون کين دنيا مان کڻي وٺ، پر اھا دعا آھي تہ کين انھيءَ بڇڙي کان بچاءِ.


ڇالاءِ⁠جو سڀيئي شيون خدا جون ئي پيدا ڪيل آھن، انھيءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آھن ۽ انھيءَ جي لاءِ ئي آھن. شل خدا جي ھميشہ واکاڻ ھجي. آمين.


انھيءَ واحد ۽ داناءَ خدا جي عيسيٰ مسيح جي وسيلي شل ھميشہ تائين واکاڻ ٿيندي رھي. آمين.


ڇالاءِ⁠جو خدا پنھنجي ڏاھپ سان ماڻھن لاءِ اھو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ ھو پنھنجي ذاتي ڏاھپ سان کيس سڃاڻين. تنھنڪري خدا جي مرضي ٿي تہ ھو انھن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام تي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اھو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


اوھان تي اھڙي آزمائش ڪانہ پيئي آھي جيڪا انسان لاءِ عام نہ ھجي. پر اوھين خدا تي ڀروسو رکي سگھو ٿا. ھو اوھان کي اھڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوھان جي سھڻ جي طاقت کان ٻاھر ھجي، بلڪ آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ اوھان کي ٺاھي ڏيندو تہ جيئن اوھين ان کي برداشت ڪري سگھو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منھنجي چوڻ جو مطلب آھي تہ خاڪي جسم وارو خدا جي بادشاھت جو وارث نہ ٿي سگھندو ۽ نہ ئي فاني، غير فانيءَ جو وارث بڻجي سگھي ٿو.


سو ھن اسان کي موت جي اھڙي ڀوائتي تباھيءَ کان بچايو ۽ بچائيندو. ھن ۾ اميد آھي تہ اسان کي اڃا بہ بچائيندو رھندو.


انھيءَ خدا جي واکاڻ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.


شل اطمينان بخشيندڙ خدا پاڻ اوھان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري. شل ھو اوھان جي روح، جان ۽ بدن کي، يعني اوھان کي مڪمل طور اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ تائين بي⁠عيب رکي.


پر خداوند سچو آھي. ھو اوھان کي مضبوط ڪندو ۽ انھيءَ بڇڙي کان بچائيندو.


ھاڻي دائمي بادشاھہ يعني غير فاني، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ واحد خدا جي عزت ۽ واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.


رڳو اھو ئي بقا وارو آھي ۽ ھو انھيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رھي، جنھن تائين ڪوبہ پھچي نہ ٿو سگھي. خدا کي نہ ڪنھن ماڻھوءَ ڏٺو آھي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. انھيءَ جي عزت ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


انھيءَ سبب ڪري ئي آءٌ ھي ڏک بہ ٿو سھان. تنھن ھوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن تي مون ايمان آندو آھي، تنھن کي آءٌ سڃاڻان ٿو. مون کي يقين آھي تہ جيڪي ڪجھہ ھن منھنجي حوالي ڪيو آھي، تنھن جي ھو انھيءَ ڏينھن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.


خدا ۽ انھيءَ عيسيٰ مسيح کي، جيڪو جيئرن ۽ مئلن جي عدالت ڪندو، حاضر ناظر ڄاڻي ۽ سندس ظاھر ٿيڻ ۽ بادشاھت ڪرڻ جي ڪري آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ


پر ھاڻي ھو انھيءَ کان بھتر يعني آسماني ملڪ جي لاءِ واجھائي رھيا آھن. تنھنڪري خدا، انھن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن انھن جي لاءِ ھڪڙو شھر تيار ڪري ڇڏيو آھي.


پر اوھين صيئون جبل تي زندہ خدا جي شھر، يعني آسماني يروشلم وٽ ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ آيا آھيو.


شل اھو ئي خدا ھر چڱي ڪم ۾ پنھنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ اوھان کي ڪامل ڪري، شل ھو اسان ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي اھو ڪجھہ پيدا ڪري، جيڪو کيس پسند آھي. سندس واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا خدا ھن دنيا جي غريب ماڻھن کي ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ انھيءَ بادشاھت جا وارث ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آھي، جنھن جو ھن پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي؟


اوھين خدا جي قدرت سان ايمان جي وسيلي حفاظت ۾ آھيو، انھيءَ لاءِ تہ اھو ڇوٽڪارو حاصل ڪريو جيڪو آخري وقت ۾ ظاھر ٿيڻ لاءِ تيار آھي.


انھيءَ جي بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين رھي. آمين.


اھڙيءَ طرح اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي دائمي بادشاھت ۾ پوريءَ طرح داخل ڪيا ويندا.


پر اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ جي وسيلي وڌندا رھو. شل انھيءَ جي واکاڻ ھاڻي بہ ٿئي ۽ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھي ۽ يعقوب جي ڀاءُ يھوداہ جي طرفان آھي. ھي انھن ڏانھن لکجي ٿو، جيڪي چونڊيا ويا آھن ۽ ساڻن پيءُ خدا جو پيار آھي ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي حفاظت ۾ آھن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan