Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 4:16 - Common Language New Testament

16 ڪورٽ ۾ منھنجي بچاءَ واري پھرين حاضريءَ ۾ ڪنھن بہ منھنجو طرف نہ ورتو، بلڪ سڀني مون کي ڇڏي ڏنو. شل کين انھيءَ جو حساب ڏيڻو نہ پوي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 منهنجي پهرئين ڏنل بچاءَ ۾ ڪنهن بہ منهنجو طرف نہ ورتو، پر سڀني مون کي ڇڏي ڏنو؛ شل کين انهي جو حساب ڏيڻو نہ پوي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

16 ڪورٽ ۾ صفائي پيش ڪرڻ واري منهنجي پهرين حاضريءَ تي ڪنهن بہ منهنجو ساٿ نہ ڏنو، بلڪ سڀني مون کي ڇڏي ڏنو. شل ايشور کانئن انهيءَ جو حساب نہ وٺي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

16 ڪورٽ ۾ صفائي پيش ڪرڻ واري منهنجي پهرين حاضريءَ تي ڪنهن بہ منهنجو ساٿ نہ ڏنو، بلڪ سڀني مون کي ڇڏي ڏنو. شل خدا کانئن انهيءَ جو حساب نہ وٺي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 4:16
16 Iomraidhean Croise  

تڏھن سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.


جڏھن اھي اوھان کي عبادت⁠خانن ۾ يا حاڪمن ۽ اعليٰ عملدارن جي اڳيان پيش ڪن، تڏھن متان ڳڻتي ڪئي اٿوَ تہ ’ڪيئن ۽ ڪھڙو جواب ڏيون‘ يا ’ڇا چئون.‘


تہ پوءِ ڏسو، اھا گھڙي اچي رھي آھي، بلڪ اچي پھتي آھي جڏھن اوھين سڀيئي ڇڙوڇڙ ٿي ويندا ۽ ھر ڪو پنھنجي پنھنجي گھر ھليو ويندو ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا. پر حقيقت ۾ آءٌ اڪيلو نہ آھيان، ڇاڪاڻ⁠تہ پيءُ مون سان گڏ آھي.


”اي ڀائرو ۽ بزرگو! ٻڌو، ھاڻي آءٌ اوھان کي پنھنجي بچاءَ ۾ ڪجھہ ٻڌايان ٿو.“


پر مون کين جواب ڏنو تہ جيستائين جوابدار فريادين جي روبرو نہ ٿئي ۽ جيڪو الزام ھو مٿس ھڻن ٿا تنھن جي بچاءَ ۾ بيان ڏيڻ جو موقعو نہ مليس، تيستائين کيس سزا ڏيڻ رومين جي دستور ۾ نہ آھي.


ھن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان پڪاريو تہ ”خداوند! ھنن جي ھن گناھہ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي ھو مري ويو، جڏھن تہ شائول ھن جي قتل تي راضي ھو.


محبت بدتميزي يا بي⁠ادبي نہ ٿي ڪري، محبت خودغرض نہ ٿي ٿئي، محبت جلدي نہ ٿي چڙي ۽ محبت بدگماني نہ ٿي ڪري.


جن کي مون تي اعتراض آھي، تن لاءِ منھنجو جواب ھي آھي تہ


ڏسو، اوھان جي غمگيني جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب ھئي، تنھن اوھان ۾ ڪھڙي نہ سرگرمي ۽ پاڻ کي بي⁠ڏوھي ثابت ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو، ڪھڙي نہ رنجش، ڪھڙو نہ خوف، ڪھڙي نہ سڪ ۽ ڪھڙو نہ شوق پيدا ڪيو ۽ اوھين ڪھڙيءَ طرح بدڪار کي سيکت ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. اوھان ھر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوھين ھن معاملي ۾ بي⁠ڏوھي آھيو.


پر ٻيا ذاتي لالچ جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن، سچيءَ نيت سان نہ ، بلڪ انھيءَ خيال سان تہ منھنجي لاءِ قيد ۾ وڌيڪ مصيبت پيدا ڪن.


تنھنڪري واجب آھي تہ آءٌ اوھان سڀني جي باري ۾ ائين ئي سمجھان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين منھنجيءَ دل ۾ موجود آھيو. منھنجي قيد ۾ توڙي خوشخبريءَ کي سچي ثابت ڪرڻ ۽ ان کي پڪيءَ طرح قائم ڪرڻ ۾، اوھين سڀ خدا جي ڏنل فضل ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار آھيو.


تو کي خبر آھي تہ ايشيا پرڳڻي جا سڀ ماڻھو، فوگلس ۽ ھرموگنيس سميت مون کان ڦري ويا آھن.


ڇالاءِ⁠جو ديماس ھن دنيا تي موھت ٿي ڪري مون کي ڇڏي ڏنو ۽ ٿسلونيڪا ڏانھن ھليو ويو. ڪريسڪينس گلتيا ڏانھن ۽ طيطس دلمتيا ڏانھن ھليو ويو.


تون بہ انھيءَ کان خبردار رھجانءِ، ڇالاءِ⁠جو ھن اسان جي پيغام جي گھڻي مخالفت ڪئي آھي.


پر مسيح کي پنھنجين دلين ۾ خداوند ڄاڻي سندس احترام ڪريو. جيڪو ماڻھو اوھان کان انھيءَ اميد جو سبب پڇي، جيڪا اوھان کي آھي تہ کيس جواب ڏيڻ لاءِ ھميشہ تيار رھو، مگر حليمائيءَ ۽ ادب سان.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan