Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 3:5 - Common Language New Testament

5 اھي دينداريءَ جو ظاھري نمونو تہ رکندا، پر انھيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اھڙن ماڻھن کان پاسو ڪجانءِ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 دينداريءَ جو ظاهري نمونو رکندڙ، پر انهي جي اثر کان خالي ٿيندا. اهڙن کان بہ پاسو ڪج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 اهي ڌرمچاريءَ جو ظاهري نمونو تہ رکندا، پر انهيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اهڙن ماڻهن کان پاسو ڪجانءِ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 اهي دينداريءَ جو ظاهري نمونو تہ رکندا، پر انهيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اهڙن ماڻهن کان پاسو ڪجانءِ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 3:5
20 Iomraidhean Croise  

”انھن نبي سڏائيندڙن کان ھوشيار ٿجو، جيڪي حقيقي نبي نہ آھن، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اھي وحشي بگھڙ آھن.


انھيءَ کان پوءِ اڳتي اسين ٻارڙا نہ رھون ۽ ماڻھن جي ٺڳي ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراھہ ڪندڙ منصوبن پٺيان ھر قسم جي تعليم جي جھوٽي سان ڇولين وانگر ھيڏي ھوڏي گھلبا ۽ لڙھندا نہ وتون.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو اسان جي ھن خط واري ڳالھہ کي نہ مڃي تہ انھيءَ کي ڌيان ۾ رکو ۽ ساڻس صحبت نہ رکو، تہ جيئن ھو شرمندو ٿئي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي اوھان کي حڪم ٿا ڏيون تہ اوھين ھر انھيءَ ڀاءُ کان پاسو ڪريو، جيڪو اجايو وقت ٿو وڃائي ۽ اسان کان مليل تعليم موجب زندگي نہ ٿو گذاري.


پر اجاين ۽ پوڙھين عورتن وارين آکاڻين کي نہ مڃ، اٽلندو پاڻ کي دينداريءَ جي لاءِ تربيت ڏي.


ڇالاءِ⁠جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو فائدو آھي، پر دينداري سڀني ڳالھين لاءِ فائدي واري آھي. انھيءَ ڪري جو ھاڻوڪي ۽ آئيندہ زندگيءَ جو واعدو بہ انھيءَ جي ڪري ٿيل آھي.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجن مائٽن ۽ خاص ڪري پنھنجي گھر ٻار جو بندوبست نہ ٿو ڪري، تہ اھو ايمان کان انڪاري ٿيو ۽ انھيءَ کان بہ وڌيڪ خراب آھي جنھن جو ڪو ايمان ڪونھي.


اھڙن بدنيت ماڻھن جي وچ ۾ سدائين اڻ⁠بڻت پيدا ٿيندي ٿي رھي. اھي سچ کان محروم آھن ۽ دينداريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا.


اجائي بڪ بڪ کان پاسو ڪر، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ماڻھو انھيءَ ۾ ڪاھي ٿا پون، سي بدڪاريءَ ۾ اڃا بہ وڌندا ويندا.


بي⁠وقوفيءَ ۽ نادانيءَ جي مباحثن کان پاسو ڪر، ڇالاءِ⁠جو تون ڄاڻين ٿو تہ اھي جھيڙا جھڳڙا پيدا ڪن ٿا.


اھي خدا کي سڃاڻڻ جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر پنھنجن ڪمن سان انھيءَ جو انڪار ٿا ڪن، ڇالاءِ⁠جو اھي نفرت جوڳا، نافرمان ۽ ڪنھن نيڪ ڪم ڪرڻ جي لائق نہ آھن.


تفرقا پيدا ڪندڙ ماڻھوءَ کي پھريون ۽ پوءِ ٻيو دفعو بہ نصيحت ڪر، تنھن کان پوءِ ساڻس ڪوبہ تعلق نہ رک.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan