Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 3:17 - Common Language New Testament

17 انھيءَ لاءِ تہ خدا جو بندو ڪامل ٿئي ۽ ھر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار رھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

17 انهي لاءِ تہ خدا جو بندو ڪامل ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم لاءِ پوريءَ طرح تيار رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

17 مطلب تہ پوِتر لکت جو مقصد اهو آهي تہ ايشور جا داس هر لحاظ کان انهيءَ لائق ٿين جو هر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار رهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

17 مطلب تہ پاڪ لکت جو مقصد اهو آهي تہ خدا جا ٻانها هر لحاظ کان انهيءَ لائق ٿين جو هر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار رهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 3:17
12 Iomraidhean Croise  

يافا ۾ ھڪڙي شاگردياڻي رھندي ھئي، جنھن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس ھو. ھوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ خير خيراتون ڪندي ھئي.


خدا اوھان تي ھر طرح جو فضل وڌائي سگھي ٿو، تہ جيئن ھر شيءِ اوھان وٽ ھر وقت ۽ ھر حالت ۾ اوھان جي ضرورت کان گھڻي ھجي ۽ اوھين ھر نيڪ ڪم ۾ وڌندا وڃو.


ڇالاءِ⁠جو اسين خدا جي ڪاريگري آھيون. ھن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري انھن چڱن ڪمن لاءِ پيدا ڪيو جيڪي ھن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا ھئا.


پر اي خدا جا بندا! تون انھن ڳالھين کان پري ڀڄ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حليمائيءَ جو طلبگار ٿيءُ.


تنھنڪري جيڪڏھن ڪو ماڻھو پاڻ کي ذليل ڪمن کان صاف سٿرو ٿو رکي تہ اھو عزت وارو ۽ خاص ٿانءُ ٿيندو، جيڪو پنھنجي مالڪ لاءِ مفيد ۽ ھر چڱي ڪم لاءِ تيار ھوندو.


اھي خدا کي سڃاڻڻ جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر پنھنجن ڪمن سان انھيءَ جو انڪار ٿا ڪن، ڇالاءِ⁠جو اھي نفرت جوڳا، نافرمان ۽ ڪنھن نيڪ ڪم ڪرڻ جي لائق نہ آھن.


ھن اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي، انھيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي ھر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنھنجي لاءِ ھڪ اھڙي خاص امت بڻائي، جيڪا نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ سرگرم ھجي.


ماڻھن کي ياد ڏيار تہ حاڪمن ۽ اختياريءَ وارن جا تابعدار رھن، سندن حڪم مڃين ۽ ھر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رھن.


اچو تہ اسين محبت ۽ چڱن ڪمن جو شوق ڏيارڻ لاءِ ھڪ ٻئي جو خيال رکون.


شل اھو ئي خدا ھر چڱي ڪم ۾ پنھنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ اوھان کي ڪامل ڪري، شل ھو اسان ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي اھو ڪجھہ پيدا ڪري، جيڪو کيس پسند آھي. سندس واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan