Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 3:16 - Common Language New Testament

16 ھر ڪا پاڪ لکت الھامي آھي ۽ اھا تعليم ڏيڻ، تنبيھہ ڪرڻ، سڌارڻ ۽ سچائيءَ جي تربيت ڏيڻ لاءِ فائدي واري آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 هرڪا لکيت، جا خدا جي الهام سان آهي سا تعليم، ۽ ڏوراپي، ۽ سڌاري، ۽ راستبازيءَ جي سيکارڻ لاءِ فائدي واري آهي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

16 پوِتر شاستر جي هر لکت جو سرچشمو ايشور ئي آهي ۽ اها لکت حق سچ جي ڄاڻ ڏيڻ، ڇينڀڻ ۽ سڌارڻ ۽ سچائيءَ جي تربيت ڏيڻ لاءِ فائدي واري آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

16 پاڪ ڪلام جي هر لکت جو سرچشمو خدا ئي آهي ۽ اها لکت حق سچ جي ڄاڻ ڏيڻ، تنبيهہ ڪرڻ ۽ سڌارڻ ۽ سچائيءَ جي تربيت ڏيڻ لاءِ فائدي واري آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 3:16
43 Iomraidhean Croise  

تنھن تي ھن چين تہ ”جيڪوبہ شريعت جو عالم آسمان واري بادشاھت جو شاگرد ٿئي ٿو تہ اھو اُن گھر جي مالڪ وانگر آھي جيڪو پنھنجي گھر مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.“


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو. اھو خداوند جي طرفان ڪيو ويو، اھا اسان لاءِ ڪھڙي نہ عجيب ڳالھہ آھي!‘“


تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”پوءِ ڪيئن دائود پاڪ روح جي ھدايت سان ھن کي ’خداوند‘ ٿو سڏي؟ ڇاڪاڻ⁠تہ دائود پاڻ چيو آھي تہ


پر انھيءَ صورت ۾ پاڪ لکت ڪيئن پوري ٿيندي جا لکيل آھي تہ ھيئن ضرور ٿيندو؟“


پر اھو سڀ ڪجھہ انھيءَ لاءِ ٿيو آھي تہ جيئن نبي جيڪو صحيفي ۾ لکي ويا آھن، سو سچو ثابت ٿئي.“ پوءِ سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين ڪيترا نہ ڀليل آھيو، جو نہ اوھين پاڪ لکتون ٿا ڄاڻو ۽ نڪي خدا جي قدرت.


دائود تہ پاڻ پاڪ روح جي ھدايت تي چيو ھو تہ ’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ، جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کي تنھنجي پيرن ھيٺان نہ ڪريان.“‘


خدا انھن کي پنھنجا فرزند سڏيو جن کي سندس ڪلام مليل ھو ۽ خدا جو ڪلام ھميشہ لاءِ سچو آھي.


جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو تنھن کي روشنيءَ کان نفرت آھي ۽ روشنيءَ ڏانھن نہ ٿو اچي، ڇالاءِ⁠جو ھن جي مرضي نہ آھي تہ سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿين.


”اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! انھيءَ پاڪ لکت جو سچو ثابت ٿيڻ ضروري ھو، جنھن ۾ پاڪ روح دائود جي معرفت اڳي ئي يھوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو ھو، جيڪو عيسيٰ کي پڪڙڻ وارن جي رھنمائي ڪندڙ ھو.


ھن کي خداوند جي طريقي واري تعليم ڏني ويئي ھئي. سو ھو عيسيٰ جون ڳالھيون وڏي جوش ۽ جذبي سان صحيح نموني ۾ ٻڌائيندو ۽ سيکاريندو ھو، جڏھن تہ بپتسما بابت ھن کي رڳو يحيٰ واري بپتسما جي ڄاڻ ھئي.


اوھان کي سڌ آھي تہ مون اوھان جي فائدي جي ڪابہ ڳالھہ اوھان کان ڳجھي نہ رکي آھي. مون اوھان کي کُلي⁠عام ۽ گھر گھر ۾ تعليم ڏني آھي.


ڇالاءِ⁠جو مون خدا جو مقصد پوريءَ طرح اوھان کي ٻڌايو آھي ۽ ذري جي بہ ڪسر نہ ڇڏي اٿم.


ھو پاڻ ۾ بہ يڪراءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي ھئا، تہ پولس ھيءَ ھڪڙي ڳالھہ چين تہ ”پاڪ روح يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوھان جي ابن ڏاڏن کي چڱو چيو ھو تہ


ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي⁠بہ ڳالھيون اڳي لکيون ويون آھن سي اسان جي سيکارڻ لاءِ لکيون ويون آھن، تہ جيئن صبر ۽ تسلي، جيڪا اسان کي پاڪ لکت جي وسيلي ملي آھي تنھن مان اميد حاصل ٿئي.


تون بي⁠وقوفن کي سڌاريندڙ ۽ جوانن لاءِ استاد آھين. تو کي يقين آھي تہ سڄو علم ۽ سچ تو وٽ شريعت ۾ موجود آھي.


گھڻو ئي فائدو آھي. پھريون فائدو تہ خدا کين پنھنجو ڪلام سونپيو.


اھي لفظ تہ ”ھو سچار ليکيو ويو،“ رڳو ابراھيم لاءِ لکيل نہ آھن،


پر ھر ھڪ ماڻھوءَ مان پاڪ روح جو ظھور آھي، تہ جيئن سڀني جو فائدو ٿئي.


پاڪ ڪلام جي پيشنگوئي ھئي تہ خدا غير قومن کي ايمان جي وسيلي سچار بڻائيندو. سو ھن اڳي ئي اھا خوشخبري ابراھيم کي ٻڌائي تہ ”تنھنجي وسيلي سڀني قومن کي برڪت ملندي.“


جيڪي سندس مخالف آھن تن کي ھو نرميءَ سان سمجھائي، شايد خدا انھن کي توبھہ جي توفيق بخشي تہ ھو سچ کي سڃاڻين.


ڪلام جي تبليغ ڪر ۽ وقت بي⁠وقت انھيءَ جي لاءِ تيار رھہ. پوري صبر ۽ سکيا سان ماڻھن کي سمجھاءِ، ملامت ڪر ۽ کين نصيحت ڪر.


ايمان مان مراد آھي انھن شين جي ملڻ جي خاطري، جن جي اميد ڪئي اٿئون ۽ انھن شين تي يقين، جيڪي نہ ڏٺيون اٿئون.


جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو،


ڇالاءِ⁠جو خدا جو ڪلام جيئرو ۽ اثرائتو آھي. اھو ٻہ⁠منھين تلوار کان بہ تکو آھي، اھڙو اندر ۾ چڀيو وڃي جو جان کي روح کان ۽ سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪيو ڇڏي. اھو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan