Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 3:15 - Common Language New Testament

15 تون ننڍپڻ کان انھن پاڪ لکتن کان واقف آھين، جيڪي تو کي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ دانائي بخشي ٿيون سگھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 ۽ تون ننڍپڻ کان انهن پاڪ لکيتن کان واقف آهين، جي توکي مسيح يسوع تي ايمان آڻڻ سان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ دانائي بخشي ٿيون سگهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

15 ۽ ننڍپڻ کان وٺي ايشور جي انهن پوِتر لکتن کان بہ واقف آهين، جيڪي يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان مڪتي حاصل ڪرڻ لاءِ تو کي ڏاهپ ڏيئي سگھن ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

15 ۽ ننڍپڻ کان وٺي خدا جي انهن پاڪ لکتن کان بہ واقف آهين، جيڪي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ تو کي دانائي بخشي سگھن ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 3:15
38 Iomraidhean Croise  

عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”اوھين ڪيترا نہ ڀليل آھيو جو نہ اوھين پاڪ لکتون ٿا ڄاڻو ۽ نڪي خدا جي قدرت.


ڇالاءِ⁠جو ھو خدا جي نظر ۾ بزرگ ٿيندو، ھو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو ۽ ھو ڄمندي ئي پاڪ روح سان ڀريل ھوندو.


ٻار وڌندو ۽ زور وٺندو ويو. ھو سياڻپ سان ڀربو ويو ۽ خدا جو فضل ھن سان ساڻ ھو.


پوءِ عيسيٰ انھن کي موسيٰ جي لکت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکت تائين، سڀ ڳالھيون سمجھايون تہ انھن ۾ سندس بابت ڇا لکيل آھي.


اھي ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ ھو تہ جنھن مھل رستي تي ھو اسان سان ڳالھائي پيو ۽ پاڪ لکتون سمجھائي پيو، تڏھن ڄڻ تہ اسان جي اندر ۾ نور پيو ٻري؟“


پوءِ پاڪ لکتن کي سمجھڻ لاءِ سندن ذھن اجاگر ڪيائين


پر جڏھن اوھين ھن جي لکتن تي ايمان نہ ٿا آڻيو، تہ پوءِ منھنجي ڳالھين تي ڪيئن ايمان آڻيندا.“


انھيءَ بابت سڀني نبين جي شاھدي آھي تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو، تنھن جا گناھہ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“


جڏھن اھي سڀ ڳالھيون پوريون ڪيائون جيڪي صحيفي ۾ لکيل ھيون، تڏھن ھنن سندس لاش کي صليب تان لاھي قبر ۾ رکيو.


پولس دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانھن بہ ويو. اتي تيمٿيس نالي ھڪڙو شاگرد رھندو ھو، جنھن جي ماءُ يھودڻ ھئي ۽ ايمان آندو ھئائين. پر تيمٿيس جو پيءُ يوناني ھو.


پولس پنھنجي عادت موجب سندن عبادت⁠گاھہ ۾ ويو ۽ ٽن ھفتن تائين ھر سبت جي ڏينھن تي ھو پاڪ ڪتابن مان ساڻن بحث پيو ڪندو ھو،


جيئن ئي پولس ھن نموني پنھنجو بچاءُ ڪري رھيو ھو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ”پولس تون ديوانو ٿي پيو آھين. تنھنجي گھڻي علم تو کي چريو ڪري ڇڏيو آھي.“


خدا ھن خوشخبريءَ جو واعدو اڳي ئي پاڪ لکتن ۾ پنھنجن نبين جي معرفت ڪيو ھو.


اوھان يھودين کي غير قومون ڏوھدار بڻائينديون، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين شريعت تي عمل نہ ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ اوھان وٽ شريعت لکيل آھي ۽ اوھان جو طھر بہ ٿيل آھي. پر غير قومون شريعت تي عمل ڪن ٿيون، جيتوڻيڪ انھن جو طھر ٿيل نہ آھي.


ڇالاءِ⁠جو خدا پنھنجي ڏاھپ سان ماڻھن لاءِ اھو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ ھو پنھنجي ذاتي ڏاھپ سان کيس سڃاڻين. تنھنڪري خدا جي مرضي ٿي تہ ھو انھن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام تي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اھو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


اي پيئرؤ! اوھين پنھنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين اھڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند کي پسند ھجي.


جيسين آءٌ اچان تيسين ماڻھن ۾ ڪلام پڙھڻ، نصيحت ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ ۾ مشغول رھہ.


ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو انھيءَ زندگيءَ جي واعدي موجب، جا عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ سان آھي، خدا جي مرضيءَ سان عيسيٰ مسيح جو رسول آھي.


مون کي تنھنجو اھو سچو ايمان ياد آھي، جيڪو پھريائين تنھنجي نانيءَ لوئس ۽ تنھنجي ماءُ يونيڪيءَ جو ھو ۽ مون کي يقين آھي تہ تنھنجو بہ ساڳيو ايمان آھي.


ھن پنھنجي سڀني خطن ۾ انھن ڳالھين بابت اھڙي ئي نموني ذڪر ڪيو آھي. ھن جي خطن ۾ ڪي ڳالھيون اھڙيون بہ آھن جن جو سمجھڻ مشڪل آھي ۽ جاھل ۽ جيڪي ثابت⁠قدم نہ ٿا رھن، سي انھن جي معنيٰ کي بہ ٻين پاڪ ڪتابن وانگر ڦيرائي ابتي پيا ڪن. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجي لاءِ تباھي ٿا پيدا ڪن.


آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر ھُن مون کي چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين، آءٌ تہ تو سان ۽ تنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان ۽ اسين سڀ عيسيٰ جي شاھديءَ تي قائم آھيون. رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ جي شاھدي ئي نبوت جو روح آھي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan