Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 2:20 - Common Language New Testament

20 ڪنھن وڏي گھر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ ھوندا آھن، بلڪ ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ. انھن مان ڪي اعليٰ ڪمن لاءِ آھن ۽ ڪي ذليل ڪمن لاءِ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 هاڻي ڪنهن وڏي گهر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ ٿا ٿين؛ پر ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ ٿين ٿا؛ ۽ ڪي اعليٰ ڪمن جي لاءِ آهن ۽ ڪي ذليل ڪمن جي لاءِ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

20 ڪنهن وڏي گھر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ هوندا آهن جيڪي اتم ڪمن لاءِ استعمال ٿين ٿا، بلڪ ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ هوندا آهن جيڪي نيچ ڪمن لاءِ استعمال ٿين ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

20 ڪنهن وڏي گھر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ هوندا آهن جيڪي اعليٰ ڪمن لاءِ استعمال ٿين ٿا، بلڪ ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ هوندا آهن جيڪي نيچ ڪمن لاءِ استعمال ٿين ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 2:20
15 Iomraidhean Croise  

عيسيٰ وراڻيو تہ ”مون ۾ ڀوت ڪونھي، پر آءٌ پنھنجي پيءُ جي عزت ٿو ڪريان ۽ اوھين منھنجي بي⁠عزتي ٿا ڪريو.


پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آھين جو خدا سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا خلقيل شيءِ خلقيندڙ کي چوندي تہ ”تو مون کي اھڙو ڇو خلقيو آھي؟“


ڇالاءِ⁠جو اسين خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھيون ۽ اوھين خدا جي پوک ۽ خدا جي عمارت آھيو.


پر اھو روحاني خزانو مٽيءَ جي ٿانون، يعني اسان جي جسمن ۾ رکيل آھي تہ جيئن خبر پوي تہ اھا تمام گھڻي قدرت اسان جي نہ پر خدا جي آھي.


مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري اوھين بہ اھڙي جڳھہ ۾ گڏ جڙندا ۽ اڏبا ٿا وڃو، جنھن ۾ خدا پنھنجي پاڪ روح جي صورت ۾ رھي ٿو.


پر جيڪڏھن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ ھنن ھدايتن مان تو کي معلوم ٿي وڃي تہ خدا جي گھراڻي يعني جيئري خدا جي ڪليسيا، جيڪا سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آھي، تنھن ۾ ماڻھن کي ڪھڙيءَ طرح ھلت ڪرڻ کپي.


اوھين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين پاڪ ڪاھنن جي حيثيت ۾ اھڙيون روحاني قربانيون پيش ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan