Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 2:11 - Common Language New Testament

11 اھا ڳالھہ سچي آھي تہ ”جيڪڏھن اسين ھن سان گڏ مئاسين، تہ پوءِ ھن سان گڏ جيئنداسين بہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 اها ڳالهہ سچي آهي، تہ جيڪڏهن اسين هن سان گڏ مُئاسين تہ وري هن سان گڏ جيئرا بہ ٿينداسين:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

11 اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي آهي تہ ”جيڪڏهن اسين يسوع مسيح سان گڏ مئا آهيون، تہ پوءِ هن سان گڏ جيوت بہ رهنداسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

11 اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي آهي تہ ”جيڪڏهن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏ مئا آهيون، تہ پوءِ هن سان گڏ جيئرا بہ رهنداسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 2:11
12 Iomraidhean Croise  

باقي ٿورو وقت آھي ۽ پوءِ دنيا مون کي وڌيڪ نہ ڏسندي، پر اوھين مون کي ڏسندا. آءٌ زندہ آھيان تنھنڪري اوھين بہ زندہ ھوندا.


جيڪڏھن اسين مسيح جي مرڻ ۾ ساڻس گڏ شامل ھئاسين، تہ ساڳيءَ طرح سندس جيئري ٿي اٿڻ ۾ بہ ضرور شامل ٿينداسين.


جيڪڏھن اسين مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي مئا آھيون، تہ پوءِ اسان جو ايمان آھي تہ ساڻس گڏ جيئرا بہ ضرور ٿينداسين.


جيتوڻيڪ ھو ڪمزوريءَ جي ڪري صليب تي چاڙھيو ويو، تڏھن بہ خدا جي قدرت سان جيئرو آھي. اھڙيءَ طرح اسين بہ مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري ڪمزور آھيون، پر خدا جي قدرت سان اوھان جي خدمت لاءِ ساڻس گڏ جيئنداسين.


جھڙيءَ طرح عيسيٰ موت جھڙي زندگي گذاريندو ھو، تھڙيءَ طرح اسين بہ ھر وقت موت جي منھن ۾ آھيون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي جسم ۾ ظاھر ٿئي.


انھيءَ کان پوءِ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا ۽ ڇڏيل ھونداسين سي انھن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کنيا وينداسين، تہ جيئن ھوا ۾ خداوند سان ملاقات ڪريون. اھڙيءَ طرح اسين ھميشہ خداوند سان گڏ رھنداسين.


ھو اسان جي خاطر مئو، انھيءَ لاءِ تہ اسين جيئرا ھجون يا مئل، تہ بہ ساڻس گڏ جيئون.


اھا ڳالھہ سچي ۽ ھر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آھي تہ عيسيٰ مسيح گنھگارن کي ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو، جن مان بدترين آءٌ آھيان.


اھا ڳالھہ سچي آھي تہ جيڪو ماڻھو نگھبان جو عھدو وٺڻ گھري ٿو، سو چڱي ڪم جي خواھش ٿو ڪري.


اھا ڳالھہ سچي آھي. سو منھنجي مرضي آھي تہ تون انھن ڳالھين تي زور ڏي، انھيءَ لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آھي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رھڻ جي ڳڻتي رکن. اھي ڳالھيون چڱيون ۽ ماڻھن لاءِ فائديمند آھن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan