Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 1:4 - Common Language New Testament

4 تنھنجي ڳوڙھن کي ياد ڪري تنھنجي ڏسڻ لاءِ سڪان ٿو، انھيءَ لاءِ تہ خوشيءَ سان ڀرجي وڃان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ تنهنجا ڳوڙها ياد ڪري تنهنجي ڏسڻ لاءِ سِڪايل ٿو رهان، انهي لاءِ تہ خوشيءَ ۾ ڀرجي وڃان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 تنهنجي ڳوڙهن کي ياد ڪري تو سان ملڻ لاءِ سڪان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ تو سان ملي منهنجي دل خوشيءَ سان ڀرجي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 تنهنجي ڳوڙهن کي ياد ڪري تو سان ملڻ لاءِ سڪان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ تو سان ملي منهنجي دل خوشيءَ سان ڀرجي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 1:4
19 Iomraidhean Croise  

اوھان سان بہ ائين ئي ٿيندو. ھاڻي اوھان جي سورن جو وقت آھي. پر آءٌ اوھان سان وري ضرور ملندس. تڏھن اوھين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوھان جي اھا خوشي اوھان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو.


ھن وقت تائين اوھان منھنجي نالي تي ڪجھہ ⁠بہ ڪين گھريو آھي، سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوھان جي خوشي پوري ٿئي.“


مون ڏاڍي نھٺائيءَ سان ڳوڙھا ڳاڙي ۽ يھودين جي منصوبن جون مصيبتون سھي بہ خداوند جي خدمت ڪئي آھي.


تنھنڪري اوھين سجاڳ رھجو ۽ ياد رکجو تہ پورا ٽي سال مون رات ڏينھن ڳوڙھا ڳاڙي ھر ھڪ کي سمجھايو آھي.


مون کي اوھان سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ آھي، انھيءَ لاءِ تہ اوھان کي ڪا روحاني بخشش پھچايان، جنھن جي وسيلي اوھين پنھنجي ايمان ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو،


خدا منھنجو شاھد آھي تہ عيسيٰ مسيح جھڙي الفت جيان اوھان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.


ھن کي اوھان سڀني جي ڏاڍي سڪ آھي ۽ بي⁠قرار ٿو رھي، ڇالاءِ⁠جو اوھان سندس بيماريءَ بابت ٻڌو ھو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اسين ٿوري عرصي جي لاءِ اوھان کان دلي طور نہ پر رڳو جسماني طور جدا ٿياسين، تڏھن ڏاڍي سڪ سان اوھان جي منھن ڏسڻ لاءِ تمام گھڻي ڪوشش ڪئي سون.


سياري کان اڳ مون وٽ اچڻ جي ڪوشش ڪر. يوبولس، پودينس، لينس، ڀيڻ ڪلوديا ۽ ٻيا سڀ ايمان وارا بہ تو کي سلام ٿا چون.


مون وٽ جلد اچڻ جي ڪوشش ڪر.


ھي ڳالھيون اسين انھيءَ لاءِ لکي رھيا آھيون تہ جيئن اسان کي پوري پوري خوشي حاصل ٿئي.


ھو انھن جي اکين جا سڀ ڳوڙھا اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رھندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رھندو، ڇالاءِ⁠جو اڳيون حالتون گذري ويون آھن.“


ڇالاءِ⁠جو گھيٽو جيڪو تخت جي وچ ۾ آھي، سو ھنن جو ڌنار ٿيندو ۽ کين آبِ⁠حيات جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ خدا سندن اکين مان ڳوڙھا اُگھي ڇڏيندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan