Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 1:12 - Common Language New Testament

12 انھيءَ سبب ڪري ئي آءٌ ھي ڏک بہ ٿو سھان. تنھن ھوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن تي مون ايمان آندو آھي، تنھن کي آءٌ سڃاڻان ٿو. مون کي يقين آھي تہ جيڪي ڪجھہ ھن منھنجي حوالي ڪيو آھي، تنھن جي ھو انھيءَ ڏينھن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ انهي سبب ڪري آئون هي ڏک بہ ٿو سهان. تڏهن بہ آئون شرمايان نٿو، ڇالاءِ جو جنهن تي منهنجو ايمان آهي، تنهن کي آئون سڃاڻان ٿو، ۽ مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو انهي ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

12 جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو وشواس آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

12 جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 1:12
58 Iomraidhean Croise  

۽ ھن ۾ سڀني قومن جون اميدون ھونديون.“


”ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اھو ڏينھن ۽ اھو وقت ڪڏھن ايندو، نہ آسمان ۾ ملائڪ ٿا ڄاڻن ۽ نہ وري فرزند ئي ڄاڻي ٿو، رڳو پيءُ کي ئي انھيءَ جي خبر آھي.


قيامت جي ڏينھن گھڻا ئي چوندا تہ ’اي خداوند! اي خداوند! اسان تنھنجي نالي تي اڳڪٿيون نہ ڪيون ڇا؟ اسان تنھنجي نالي تي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ اسان تنھنجي نالي تي ڪيترائي معجزا نہ ڪيا ڇا؟‘


آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن اھو شھر سدوم شھر کان وڌيڪ ڀوڳيندو.


عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ پنھنجو روح تنھنجي ھٿن ۾ ٿو سونپيان.“ بس ايترو چئي دم ڏنائين.


منھنجي دعا اھا نہ آھي تہ تون کين دنيا مان کڻي وٺ، پر اھا دعا آھي تہ کين انھيءَ بڇڙي کان بچاءِ.


ڪوبہ ماڻھو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي سو کيس نہ ڇڪي. آءٌ آخرت جي ڏينھن تي کيس جيئرو ڪري اٿاريندس.


پر پولس ۽ برنباس دليريءَ سان ڳالھائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ”اھو ضروري ھو تہ خدا جو ڪلام پھريائين اوھان يھودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اھو اوھان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنھنڪري اسين اوھان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا.


پر يھودين شھر جي معزز ماڻھن ۽ عزت وارين خداترس عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس کي ڏاڍو ستايو ۽ کين پنھنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


پر ھن جواب ڏنو تہ ”اوھين ھي ڇا ٿا ڪريو جو روئي رڙي منھنجي دل ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو خداوند عيسيٰ جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آھيان.“


پوءِ جيئن انھن استيفنس تي پٿر پئي وسايا تہ ھن خداوند کي سڏي چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! منھنجو روح قبول ڪر.“


آءٌ پاڻ ھن کي ڏيکاريندس تہ منھنجي نالي جي ڪري کيس ڪيترا نہ ڏک سھڻا پوندا.“


مون کي خوشخبريءَ ۾ پورو ڀروسو آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ سڀني ايمان آڻيندڙن جي واسطي خدا جي قدرت آھي، پھريائين يھودين لاءِ پوءِ غير قومن لاءِ.


جيئن لکيل آھي تہ ”ڏسو، صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻھن اڳيان ٺوڪر کائڻ واري ھڪ ڇپ کڙي ڪريان ٿو. پر جيڪو بہ ھن تي ايمان آڻيندو، سو ڪڏھن بہ مايوس نہ ڪيو ويندو.“


خدا اوھان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ڏينھن بي⁠داغ ٺھرايا وڃو.


تہ سندس ڪم ظاھر ٿي پوندو، ڇالاءِ⁠جو انھيءَ ڪم کي آخرت جو ڏينھن پڌرو ڪندو. اھو ڏينھن باھہ سان ظاھر ٿيندو ۽ اھا باھہ ھر ڪنھن جو ڪم پرکيندي تہ ڪھڙي قسم جو آھي.


منھنجي دل جي آرزو، بلڪ اميد اٿم تہ ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر منھنجي وڏي دليريءَ جي ڪري ھميشہ وانگر ھاڻي بہ منھنجي بدن جي وسيلي مسيح جي وڏائي ٿيندي، پوءِ توڙي جيئرو رھان يا مري وڃان.


آءٌ چاھيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جي اٿڻ جي قدرت کي ڄاڻان. آءٌ ھن جي ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو تجربو حاصل ڪرڻ ۽ سندس موت ۾ ھن وانگر ٿيڻ چاھيان ٿو.


ھو پنھنجي انھيءَ قوت سان، جنھن ذريعي ھر شيءِ کي پنھنجي ھٿ ھيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنھنجي جلال واري بدن جي صورت جھڙو ڪندو.


سچ تہ آءٌ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي سڃاڻپ واري وڏي خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ ھر ھڪ شيءِ کي نقصان واري ٿو سمجھان. ھن جي خاطر مون سڀني شين جو نقصان سٺو آھي ۽ انھن کي آءٌ گند ٿو ڄاڻان، انھيءَ لاءِ تہ مسيح کي حاصل ڪريان،


اھي اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو ڪلام نہ ٻڌايون. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجن گناھن جي گھَڙي کي ھميشہ ڀريندا ٿا رھن. پر نيٺ انھن تي خدا جو ڀرپور غضب اچي ڪڙڪيو آھي.


پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين اونداھيءَ ۾ نہ آھيو جو اھو ڏينھن چور وانگر اوھان مٿان اچي پوي.


اي تيمٿيس! جيڪي ڪجھہ سنڀال لاءِ تو کي سونپيو ويو، تنھن جي حفاظت ڪر. اجائي بڪ بڪ ۽ انھيءَ علم جي اختلافن کان پاسو ڪر، جنھن کي علم چوڻ ئي غلط آھي.


جيڪي چڱيون ڳالھيون تو کي سونپيون ويون آھن تن جي حفاظت ڪر. ھا، انھن جي حفاظت پاڪ روح جي مدد سان ڪر، جيڪو اسان ۾ رھي ٿو.


خدا شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي رحم ڪري، ڇالاءِ⁠جو ھن ڪيترائي ڀيرا مون کي تازو توانو ڪيو ۽ منھنجي قيدي ھئڻ جي ڪري ڪو عار نہ ڪيائين.


شل خداوند ھن کي انھيءَ ڏينھن تي پنھنجو رحم عطا ڪري. تو کي چڱيءَ طرح خبر آھي تہ ھن اِفسس شھر ۾ منھنجي ڪيتري نہ مدد ڪئي.


تنھنڪري اسان جي خداوند بابت شاھدي ڏيڻ کان توڙي مون کان، جيڪو سندس قيدي آھيان شرم نہ ڪر، بلڪ خدا کان ملندڙ طاقت موجب خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سھُہ.


انھيءَ جي ڪري ئي آءٌ ڏک ٿو سھان، ايتري قدر جو ڪنھن ڏوھاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آھيان. پر خدا جو ڪلام قيد نہ آھي.


ھاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آھي. اھو تاج، خداوند، جيڪو عادل جج آھي سو عدالت واري ڏينھن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انھن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاھر ٿيڻ لاءِ واجھائي رھيا آھن.


اھا ڳالھہ سچي آھي. سو منھنجي مرضي آھي تہ تون انھن ڳالھين تي زور ڏي، انھيءَ لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آھي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رھڻ جي ڳڻتي رکن. اھي ڳالھيون چڱيون ۽ ماڻھن لاءِ فائديمند آھن.


اچو تہ اسين عيسيٰ ڏانھن نھاريندا رھون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آھي. ھن انھيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا بعد ۾ کيس ملڻي ھئي، شرمندگيءَ جي پرواھہ نہ ڪري صليب جو ڏک سٺو ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


ڇالاءِ⁠جو جڏھن مٿس آزمائش پئي تہ ھن پاڻ ڏک سَٺا، تنھنڪري ھو انھن جي بہ مدد ڪري سگھي ٿو جيڪي آزمائش ۾ پون ٿا.


انھيءَ ڪري ئي جيڪي سندس وسيلي خدا جي طرف ٿا اچن، تن کي ھو پوريءَ طرح بچائي ٿو سگھي، ڇالاءِ⁠جو انھن جي شفاعت لاءِ ھو ھميشہ جيئرو آھي.


اوھين خدا جي قدرت سان ايمان جي وسيلي حفاظت ۾ آھيو، انھيءَ لاءِ تہ اھو ڇوٽڪارو حاصل ڪريو جيڪو آخري وقت ۾ ظاھر ٿيڻ لاءِ تيار آھي.


پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو مسيحي ھئڻ سببان ڏک سھي تہ شرمندو نہ ٿئي، بلڪ انھيءَ نالي جي ڪري خدا جي واکاڻ ڪندو رھي.


تنھنڪري جيڪي خدا جي مرضيءَ موجب ڏک ٿا سھن، سي نيڪي ڪرڻ سان پنھنجيون جانيون سچي خالق جي حوالي ڪن.


خدا جيڪو اوھان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو ۽ پنھنجي جلال واري حضور ۾ نھايت خوشيءَ سان بي⁠عيب ڪري بيھاري سگھي ٿو،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan