Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.ٿسلونيڪين 3:9 - Common Language New Testament

9 اسان ائين انھيءَ لاءِ نہ ڪيوسين تہ اسان کي اھڙي مدد وٺڻ جو حق نہ ھو، بلڪ انھيءَ لاءِ ڪيوسين تہ اسين پاڻ کي اوھان جي لاءِ نمونو بڻايون تہ جيئن اوھين اسان جي پيروي ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 نہ انهي لاءِ، تہ اسان کي ڪو حق ڪونهي، پر انهي لاءِ تہ اسين اوهان جي لاءِ نمونو ٿيون، تہ اوهين بہ اسان جي پيروي ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 اسان اهو انهيءَ لاءِ نہ ڪيوسين تہ اسان جو اوهان تي ڪو حق نہ هو، بلڪ انهيءَ لاءِ ڪيوسين تہ اسين پاڻ کي اوهان جي لاءِ نمونو بڻايون تہ جيئن اوهين اسان جي نقشِ‌قدم تي هلو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 اسان اهو انهيءَ لاءِ نہ ڪيوسين تہ اسان جو اوهان تي ڪو حق نہ هو، بلڪ انهيءَ لاءِ ڪيوسين تہ اسين پاڻ کي اوهان جي لاءِ نمونو بڻايون تہ جيئن اوهين اسان جي نقشِ‌قدم تي هلو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.ٿسلونيڪين 3:9
9 Iomraidhean Croise  

اوھين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪھڙيءَ طرح اوھان کي اسان جي پيروي ڪرڻ گھرجي. ڇالاءِ⁠جو اسين جڏھن اوھان وٽ ھئاسين تہ اجايو وقت نہ وڃايوسين.


اسان ماڻھن کان پنھنجي تعريف ڪرائڻ نہ گھري، نہ اوھان کان، نہ ئي ڪنھن ٻئي کان، جيتوڻيڪ اسين مسيح جا رسول ٿي اوھان تي اھڙو بار وجھي ٿي سگھياسين.


جيڪو پاڪ ڪلام جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنھن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.


انھيءَ ڳالھہ لاءِ ئي اوھين سڏيا ويا آھيو، ڇالاءِ⁠جو مسيح بہ اوھان جي خاطر ڏک سھي اوھان کي ھڪڙو نمونو ڏيئي ويو آھي، تہ جيئن اوھين سندس نقشِ⁠قدم تي ھلندا رھو.


مون اوھان جي لاءِ اھو نمونو ڏنو آھي، تہ جيئن اوھين بہ ائين ئي ڪريو جيئن مون اوھان سان ڪيو آھي.


سفر ۾ پاڻ سان نہ ٻاچڪو کڻجو، نڪي ٻہ ٻہ پھراڻ يا بوٽ ۽ نہ وري لٺ کڻجو، ڇالاءِ⁠جو مزور کي جيڪي گھربو سو کيس ملندو.


تنھنڪري آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين بہ مون جھڙي ھلت ڪريو.


جيڪي ماڻھو اوھان جي حوالي ڪيا ويا آھن تن تي حڪم نہ ھلايو، بلڪ انھيءَ ڌڻ جي لاءِ پاڻ کي نمونو بڻايو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan