Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.ٿسلونيڪين 3:3 - Common Language New Testament

3 پر خداوند سچو آھي. ھو اوھان کي مضبوط ڪندو ۽ انھيءَ بڇڙي کان بچائيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 پر خداوند سچو آهي ۽ هو اوهان کي قائم ڪندو، ۽ انهي شرير کان اوهان کي رکي وٺندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 پر پرڀو يسوع سچو آهي، جيڪو اوهان کي مضبوط ڪندو ۽ بڇڙائيءَ کان بچائيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 پر خداوند عيسيٰ سچو آهي، جيڪو اوهان کي مضبوط ڪندو ۽ بڇڙائيءَ کان بچائيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.ٿسلونيڪين 3:3
16 Iomraidhean Croise  

پر رڳو ’ھا‘ يا ’نہ‘ چئو، ان کان وڌيڪ چوڻ شيطاني آھي.“


اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ، پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


اسان جا ڏوھہ اسان کي معاف ڪر، ڇالاءِ⁠جو جيڪي اسان جا ڏوھي آھن تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون. ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ.‘“


منھنجي دعا اھا نہ آھي تہ تون کين دنيا مان کڻي وٺ، پر اھا دعا آھي تہ کين انھيءَ بڇڙي کان بچاءِ.


خدا سچو آھي، جنھن پنھنجي فرزند، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحبت لاءِ اوھان کي چونڊيو آھي.


اوھان تي اھڙي آزمائش ڪانہ پيئي آھي جيڪا انسان لاءِ عام نہ ھجي. پر اوھين خدا تي ڀروسو رکي سگھو ٿا. ھو اوھان کي اھڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوھان جي سھڻ جي طاقت کان ٻاھر ھجي، بلڪ آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ اوھان کي ٺاھي ڏيندو تہ جيئن اوھين ان کي برداشت ڪري سگھو.


جنھن اوھان کي سڏيو آھي، سو سچو آھي ۽ ھو ائين ئي ڪندو.


سو اوھان جي دلين کي ھمت ڏئي ۽ ھر چڱي ڪم ڪرڻ ۽ چوڻ جي طاقت بخشي.


خداوند مون کي ھر بري ڪم کان بچائيندو ۽ پنھنجي آسماني بادشاھت ۾ صحيح سلامت پھچائيندو. شل سندس واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.


ھاڻي خدا، جيڪو ھر طرح جي فضل جو سرچشمو آھي ۽ جنھن اوھان کي مسيح جا ھئڻ ڪري پنھنجي دائمي عظمت ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آھي، سو اوھان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سھڻ کان پوءِ پاڻھي اوھان کي ڪامل، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


سو خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندارن کي آزمائش کان ڪيئن بچائي ۽ بدڪارن کي عدالت جي ڏينھن تائين ڪھڙيءَ طرح سزا ھيٺ رکي،


خدا جيڪو اوھان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو ۽ پنھنجي جلال واري حضور ۾ نھايت خوشيءَ سان بي⁠عيب ڪري بيھاري سگھي ٿو،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan