Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.ٿسلونيڪين 3:2 - Common Language New Testament

2 ھيءَ بہ دعا گھرو تہ اسين ڏنگن ۽ بڇڙن ماڻھن کان بچيل رھون، ڇالاءِ⁠جو سڀ ڪنھن ۾ ايمان ڪونھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ اسين ڏنگن ۽ خراب ماڻهن کان ڇُٽي پئون، ڇالاءِ جو سڀني ۾ ايمان ڪونهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 هيءَ بہ پرارٿنا ڪريو تہ اسين ڏنگن ۽ بڇڙن ماڻهن کان بچيل رهون، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن ۾ وشواس ڪونهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 هيءَ بہ دعا گھرو تہ اسين ڏنگن ۽ بڇڙن ماڻهن کان بچيل رهون، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن ۾ ايمان ڪونهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.ٿسلونيڪين 3:2
18 Iomraidhean Croise  

تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اي بي⁠يقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان وٽ ھوندس؟ ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ وٺي اچ.“


مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين خدا جي راھہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏھون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي شريعت جون انھيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالھيون آھن يعني انصاف، رحم ۽ ايمانداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي ھو جو ھي بہ ڪريو ھا ۽ انھن کي بہ نہ ڇڏيو ھا.


آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. پر جڏھن ابن⁠آدم ايندو تڏھن الائجي ماڻھن ۾ ايمان ڏسندو يا نہ؟“


جڏھن يھودين ميڙ ڏٺا تہ حسد وٺي وين، سو ھو پولس جي تبليغ خلاف بدشد ڳالھائڻ لڳا ۽ ھن جي بي⁠عزتي ڪيائون.


پر يھودين شھر جي معزز ماڻھن ۽ عزت وارين خداترس عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس کي ڏاڍو ستايو ۽ کين پنھنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


پر جن يھودين ايمان نہ آندو، تن غير قوم وارن کي ڀڙڪايو ۽ انھن جي جذبات کي ڀائرن جي خلاف ڪيائون.


پر گھڻن يھودين کي حسد ٿيو، سو انھن ڪي بازاري لوفر وٺي ھڪ ٽولو ٺاھيو، جن سڄو شھر مٿي تي کنيو. انھن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاھر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن.


ڇالاءِ⁠جو اھو غيرواجبي آھي جو آءٌ ھڪ قيديءَ کي تہ موڪليان، پر مٿس جيڪي الزام لڳل آھن، تن بابت چٽيءَ طرح سان نہ لکان.“


انھن مان ڪي سندس پيغام ٻڌي قائل ٿيا، پر ٻين ايمان نہ آندو.


پر بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن اھا خوشخبري ڌيان ڏيئي نہ ٻڌي، ڇالاءِ⁠جو يسعياہ پاڻ چيو تہ ”اي خداوند! اسان جي پيغام تي ڪنھن ايمان آندو؟“


تہ خدا مون کي يھوديہ ۾ انھن ماڻھن کان بچائي، جن عيسيٰ مسيح تي ايمان نہ آندو آھي ۽ يروشلم ۾ ايمان وارن وٽ منھنجي خدمت قبول پوي.


جيڪڏھن آءٌ اِفسس ۾ جھنگلي جانورن سان انساني خواھش جي ڪري وڙھيس تہ پوءِ مون کي ڪھڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏھن مئل نہ ٿا اٿارجن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇوتہ سڀاڻي مري کپي وينداسين.


انھيءَ لاءِ اسان ۽ خاص طور مون پولس، ھڪ کان وڌيڪ دفعا اوھان وٽ اچڻ جي خواھش بہ ڪئي، پر شيطان اسان کي روڪيو.


پر خداوند منھنجو طرف ورتو ۽ مون کي طاقت بخشيائين، انھيءَ لاءِ تہ منھنجي وسيلي خوشخبريءَ جي منادي پوري ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. سو آءٌ شينھن جي وات مان ڇڏايو ويس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan