Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.ٿسلونيڪين 3:1 - Common Language New Testament

1 مطلب تہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ دعا گھرو تہ خداوند جو پيغام جلد ڦھلجي ۽ عزت سان قبول ڪيو وڃي، جيئن اوھان منجھہ آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 اي ڀائرو، هاڻي اوهين اسان لاءِ دعا گهُرو تہ خداوند جو ڪلام جلد ڦهلجي وڃي ۽ جلال پائي، جيئن ڪ اوهان منجهہ آهي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ بہ پرارٿنا ڪريو تہ اسان جي وسيلي پرڀو يسوع بابت سنديش جلد ڦهلجي ۽ مان‌سمان سان قبول ڪيو وڃي، جيئن اوهان منجھہ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ بہ دعا گھرو تہ اسان جي وسيلي خداوند عيسيٰ بابت پيغام جلد ڦهلجي ۽ عزت سان قبول ڪيو وڃي، جيئن اوهان منجھہ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.ٿسلونيڪين 3:1
22 Iomraidhean Croise  

تنھنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ لاباري لاءِ ماڻھو ڏياري موڪلي.“


انھن کي چيائين تہ ”فصل بلڪل ڀلو آھي، پر لڻندڙ ٿورا آھن. تنھنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ لاباري لاءِ ماڻھو موڪلي.


پر خدا جو ڪلام وڌندو ۽ پکڙبو ويو.


اھڙيءَ طرح خدا جو ڪلام پکڙبو ۽ زور وٺندو ويو.


اھڙيءَ طرح خدا جو ڪلام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ شاگردن جو تعداد بہ وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاھنن جي ھڪ وڏي ٽولي پڻ ايمان آندو.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ خداوند عيسيٰ مسيح جو واسطو ڏيئي ۽ پاڪ روح جي محبت ياد ڏياري اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي دل ⁠وَ جان سان خدا کان منھنجي لاءِ دعا گھرو،


ڇالاءِ⁠جو ھتي اثرائتي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو آھي، توڙي جو ڪيترائي مخالف آھن.


جيڪڏھن اوھين بہ پنھنجين دعائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪندا، تہ پوءِ گھڻن ماڻھن جي دعائن سان جيڪا نعمت ملي آھي انھيءَ لاءِ اسان جي پاران گھڻا ماڻھو شڪرانو بجاءِ آڻيندا.


آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل خوش ھجو. سڌرندا رھو. منھنجي نصيحت ٻڌو. ايڪي سان رھو. امن ۾ رھو. اھڙيءَ طرح خدا جيڪو پيار ۽ امن وارو آھي سو اوھان سان ھوندو.


انھيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ دعا گھرندا ڪريو تہ خدا اسان لاءِ ڪلام ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انھيءَ راز کي بيان ڪري سگھون جنھن جي ڪري آءٌ قيد ۾ آھيان.


ڇالاءِ⁠جو اسان جي خوشخبري اوھان وٽ نہ رڳو لفظي طور پر قدرت، پاڪ روح ۽ پوري يقين سان پھتي آھي. اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏھن اوھان وٽ ھئاسين تہ اوھان جي خاطر ڪھڙي زندگي گذاريسين.


اوھان کان نہ رڳو مڪدونيا ۽ اخيا ۾ خداوند جو پيغام ڦھليو آھي، بلڪ اوھان جو ايمان، جيڪو خدا تي آھي سو ھر ھنڌ مشھور ٿي ويو آھي. تنھنڪري انھيءَ بابت اسان کي ڪجھہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانھي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسان جو اوھان وٽ اچڻ اجايو ڪين ٿيو.


انھيءَ ڪري اسين بہ ھميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏھن اوھان کي خدا جو پيغام مليو جيڪو اوھان اسان کان ٻڌو، تڏھن اوھان اھو ماڻھن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آھي تيئن خدا جو ڪلام سمجھي قبول ڪيو. اھو ڪلام اوھان ايمان آڻيندڙن تي اثر بہ ڪري ٿو.


مطلب تہ، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان اوھان کي سيکاريو ھو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي. سچ⁠پچ تہ اوھين اھڙي زندگي گذاري بہ رھيا آھيو. ھاڻي اسين اوھان کي خداوند عيسيٰ جي نالي تي منٿ ٿا ڪريون ۽ نصيحت ٿا ڏيون تہ اوھين انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


سدائين دعا گھرندا رھو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ دعا گھرو.


انھيءَ جي ڪري ئي آءٌ ڏک ٿو سھان، ايتري قدر جو ڪنھن ڏوھاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آھيان. پر خدا جو ڪلام قيد نہ آھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan