Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.ٿسلونيڪين 1:9 - Common Language New Testament

9 اھي خداوند جي حضور کان ۽ سندس قدرت جي عظمت کان پري رھندا ۽ کين ھميشہ جي لاءِ برباد ٿيڻ جي سزا ملندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 اُهي خداوند جي حضور کان، ۽ سندس قدرت جي جلال کان محروم رهندا، ۽ کين هميشہ جي لاءِ برباد ٿيڻ جي سزا ملندي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 اهي پرڀو يسوع جي شرڻ کان ۽ سندس شڪتيءَ جي مهانتا کان پري رهي هميشہ واري برباديءَ جي سزا ڀوڳيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 اهي خداوند عيسيٰ جي حضور کان ۽ سندس قدرت جي عظمت کان پري رهي هميشہ واري برباديءَ جي سزا ڀوڳيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.ٿسلونيڪين 1:9
38 Iomraidhean Croise  

انھيءَ ڪري جو ابن⁠آدم پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


تڏھن بادشاھہ نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’ھن جا ھٿ پير ٻڌي ٻاھر اونداھيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيوس، جتي ھو رڙيون ڪري ۽ ڏند ڪرٽي.‘“


پوءِ ابن⁠آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاھر ٿيندي. تنھن تي دنيا جون سڀيئي قومون روئنديون رڙنديون ۽ ابن⁠آدم کي آسمان جي ڪڪرن تي قدرت ۽ وڏي جلوي سان ايندي ڏسنديون.


پوءِ ھو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’مون وٽان ھليا وڃو، اوھان تي خدا جو قھر آھي. وڃي دائمي باھہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي.


پوءِ اوھان کي دائمي سزا ملندي ۽ نيڪن کي دائمي زندگي.‘“


ابن⁠آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابن⁠آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“


پر آءٌ کين صاف جواب ڏيئي چوندس تہ ’آءٌ اوھان کي اصل نہ ٿو سڃاڻان. اي بدڪارو! مون وٽان ھليا وڃو.‘“


پر ھو وري اوھان کي چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوھين ڪٿان آيا آھيو. اوھين مڙيئي بدڪار منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘


ٿوري وقت کان پوءِ عيسيٰ انھيءَ ماڻھوءَ کي ھيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، ھاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آھين، سو وري گناھہ نہ ڪجانءِ، متان ھن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“


انھن جي پڇاڙي بربادي آھي، انھن جو خدا سندن پيٽ آھي، اھي پنھنجي شرم وارين ڳالھين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رھي.


جنھن وقت ماڻھو پيا چوندا تہ امن ۽ سلامتي آھي، انھيءَ وقت جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيندا آھن تيئن اوچتو ئي اوچتو مٿن تباھي اچي نازل ٿيندي ۽ اھي ھرگز نہ بچندا.


تنھن کان پوءِ اھو وڳوڙي ظاھر ٿيندو، جنھن کي خداوند عيسيٰ پنھنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو ۽ پنھنجي اچڻ جي جلوي سان چٽ ڪري ڇڏيندو.


ان سان گڏ اسين انھيءَ برڪت ڀري اميد، يعني پنھنجي عظيم خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي جلوي جي ظاھر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.


تڏھن اوھين خيال ڪريو تہ ان شخص جو ڇا حشر ٿيندو، جنھن خدا جي فرزند کي پيرن ھيٺ لتاڙيو، عھد جي انھيءَ رت کي ناپاڪ سمجھيو، جنھن سان ھن کي پاڪ ڪيو ويو ھو ۽ فضل بخشيندڙ روح کي بي⁠عزت ڪيائين؟


اھي ماڻھو اھڙا چشما آھن، جن جو پاڻي سڪي ويو آھي ۽ اھي اھڙو ڪوھيڙو آھن، جنھن کي طوفان اڏائي ڇڏيو آھي. انھن جي لاءِ گھُگھُہ اونداھي رکي ويئي آھي.


انھيءَ ساڳئي حڪم جي وسيلي موجودہ آسمان ۽ زمين انھيءَ لاءِ بچائي رکيا ويا آھن تہ ساڙيا وڃن. اھي عدالت جي ڏينھن تائين موجود رھندا، جنھن ڏينھن بدڪار ماڻھن کي ناس ڪيو ويندو.


اِھي سمنڊ جون بي⁠قابو ڇوليون آھن، جيڪي پنھنجي بي⁠شرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. ھو ڀٽڪندڙ تارا آھن، جن لاءِ ھميشہ گھُگھُہ اوندھہ رکي ويئي آھي.


پوءِ مون ھڪڙو وڏو تجليدار تخت ۽ انھيءَ تي ويٺل کي ڏٺو. انھيءَ جي اڳيان زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


ان کان پوءِ موت ۽ عالم ارواح باھہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايا ويا. اھا باھہ جي ڍنڍ ٻيو موت آھي.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي⁠ايمان، ناپاڪ، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت⁠پرست ۽ ڪوڙا آھن، تن سڀني جي جاءِ انھيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندي، جيڪا باھہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري. اھو ئي ٻيو موت آھي.“


پر ڪتا، جادوگر، زناڪار، قاتل، بت⁠پرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالھائيندڙ شھر کان ٻاھر ھوندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan