Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.ٿسلونيڪين 1:8 - Common Language New Testament

8 ھو انھن کي سزا ڏيندو جيڪي خدا کي نہ ٿا سڃاڻين ۽ جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ جيڪي خدا کي نٿا سڃاڻن ۽ جيڪي اسان جي خداوند يسوع جي خوشخبري نٿا مڃين، تن کان بدلو وٺندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

8 ۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري ايشور کي ٿا ڄاڻين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

8 ۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري خدا کي ٿا ڄاڻين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.ٿسلونيڪين 1:8
59 Iomraidhean Croise  

پوءِ ھو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’مون وٽان ھليا وڃو، اوھان تي خدا جو قھر آھي. وڃي دائمي باھہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي.


پوءِ اوھان کي دائمي سزا ملندي ۽ نيڪن کي دائمي زندگي.‘“


سزا جو سبب ھي آھي تہ روشني تہ دنيا ۾ اچي چڪي آھي پر ماڻھن اونداھيءَ کي روشنيءَ کان وڌيڪ پسند ڪيو، ڇالاءِ⁠جو سندن ڪم بڇڙا ھئا.


تنھن تي انھن پڇيس تہ ”تنھنجو پيءُ ڪٿي آھي؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوھين نہ مون کي سڃاڻو ٿا ۽ نڪي منھنجي پيءُ کي. جيڪڏھن اوھين مون کي سڃاڻو ھا تہ منھنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ھا.“


اھڙيءَ طرح خدا جو ڪلام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ شاگردن جو تعداد بہ وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاھنن جي ھڪ وڏي ٽولي پڻ ايمان آندو.


جھڙيءَ طرح ھنن خدا کي سڃاڻڻ کان منھن موڙيو، تھڙيءَ طرح خدا بہ کين بڇڙن ڪمن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ جيئن ھو گمراھيءَ جا ڪم ڪندا رھن.


انھيءَ جي ئي معرفت خدا مون تي اھو ڪرم ڪيو جو آءٌ مسيح جي خاطر رسول مقرر ٿيس، انھيءَ لاءِ تہ آءٌ سڀني قومن جي ماڻھن کي ھي پيغام ڏيان تہ ھو ايمان آڻين ۽ فرمانبردار ٿين.


پر بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن اھا خوشخبري ڌيان ڏيئي نہ ٻڌي، ڇالاءِ⁠جو يسعياہ پاڻ چيو تہ ”اي خداوند! اسان جي پيغام تي ڪنھن ايمان آندو؟“


آءٌ رڳو انھن ڪمن بابت دليريءَ سان ڳالھايان ٿو، جيڪي مسيح قول ۽ فعل جي وسيلي مون کان ڪرايا، تہ جيئن غير قومون خدا جون تابعدار ٿين.


اوھان کي خبر آھي تہ جيڪڏھن اوھين غلامن وانگر ڪنھن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ اوھين انھيءَ ماڻھوءَ جا غلام آھيو. ھاڻي جيڪڏھن اوھين گناھہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آھي. پر جيڪڏھن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ھو اوھان کي سچار ڪري قبول ڪندو.


نيڪيءَ جي خاطر جاڳي پئو ۽ گناھہ نہ ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪي خدا کي نہ ٿا ڄاڻن. تنھنڪري ئي آءٌ چوان ٿو تہ اھا اوھان لاءِ شرم جي ڳالھہ آھي.


اسين اجاين دليلن ۽ ھر ان وڏي رڪاوٽ کي ڊاھيون ٿا، جيڪا خدا جي سڃاڻپ جي برخلاف اڀري ٿي. اسين ھر ھڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جو فرمانبردار ٿا بڻايون.


اي نادان گلتيو! ڪنھن اوھان تي جادو ڪيو آھي؟ اوھان جي اکين اڳيان تہ عيسيٰ مسيح کي صليب تي چاڙھي سندس موت جو منظر ظاھر ظھور ڏيکاريو ويو.


بيشڪ اڳئين زماني ۾ خدا جي ڄاڻ نہ ھوندي اوھين انھن شين جي غلاميءَ ۾ ھئا جيڪي حقيقت ۾ خدا نہ آھن.


يعني شھوت جي جوش ۾ انھن قومن وانگر نہ گذاريو، جيڪي خدا کي نہ ٿيون سڃاڻين.


پر عدالت جي ڏينھن جو ۽ انھيءَ قھر واري باھہ جو خوف ۽ انتظار باقي آھي، جيڪا خدا جي دشمنن کي کائي کپائي ڇڏيندي.


ڇالاءِ⁠جو اسين انھيءَ کي ڄاڻون ٿا جنھن چيو تہ ”وير وٺڻ منھنجو ڪم آھي، آءٌ ئي بدلو وٺندس.“ ۽ وري ھي تہ ”خداوند پنھنجي قوم جو انصاف ڪندو.“


جڏھن ابراھيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي ھو خدا جو حڪم مڃي انھيءَ جاءِ ڏانھن ھليو ويو، جيڪا بعد ۾ کيس ميراث طور ملڻي ھئي. جيتوڻيڪ ھن کي اھا خبر نہ ھئي تہ ڪيڏانھن ٿو وڃي، پر تڏھن بہ ھو اٿي روانو ٿيو.


ڇالاءِ⁠جو اسان جو خدا ساڙي رک ڪرڻ واري باھہ آھي.


تہ پوءِ جيڪڏھن ھيڏي وڏي ڇوٽڪاري کان غافل رھياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ ڇالاءِ⁠جو انھيءَ ڇوٽڪاري جي پڌرائي پھريائين خداوند ئي ڪئي ھئي ۽ جن ماڻھن اھا ٻڌي تن انھيءَ جي تصديق ڪئي.


پوءِ ڪامل بڻجي ھو پنھنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ دائمي ڇوٽڪاري جو باني بڻيو.


خدا پيءُ اڳ ۾ ئي اوھان کي ڄاتو ۽ پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ڪري اوھان کي چونڊيو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ صاف ڪيا وڃو. شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رھي.


اھڙيءَ طرح سارہ ابراھيم جي حڪم ۾ رھندي ھئي ۽ کيس پنھنجو آقا چوندي ھئي. اوھين بہ انھيءَ جون ڌيئر آھيو، بشرطيڪ نيڪي ڪريو ۽ ڪنھن بہ خوف جو شڪار نہ ٿيو.


ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي تہ خدا جي گھراڻي وٽان عدالت شروع ٿئي. سو جيڪڏھن اھا اسان کان ئي شروع ٿئي ٿي تہ پڇاڙيءَ ۾ انھن جو ڇا حال ٿيندو جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟


انھيءَ ساڳئي حڪم جي وسيلي موجودہ آسمان ۽ زمين انھيءَ لاءِ بچائي رکيا ويا آھن تہ ساڙيا وڃن. اھي عدالت جي ڏينھن تائين موجود رھندا، جنھن ڏينھن بدڪار ماڻھن کي ناس ڪيو ويندو.


ساڳئي نموني سدوم ۽ عموراہ ۽ انھن جي آس⁠پاس وارا شھر زناڪاري ۽ بدفعليءَ جي پٺيان پيا. اُھي دائمي باھہ جي سزا پيا ڀوڳين تہ جيئن ٻين لاءِ عبرت جو مثال ٿين.


پوءِ شيطان جنھن کين گمراھہ ڪيو ھو، سو باھہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويندو، جتي اھي ٻيئي حيوان اڇلايا ويا ھئا. اُھي رات ڏينھن اُتي ھميشہ ھميشہ تائين عذاب پيا سھندا.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي⁠ايمان، ناپاڪ، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت⁠پرست ۽ ڪوڙا آھن، تن سڀني جي جاءِ انھيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندي، جيڪا باھہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري. اھو ئي ٻيو موت آھي.“


انھن وڏي آواز سان رڙيون ڪري چيو تہ ”اي پاڪ ۽ سچا خداوند! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ زمين تي رھڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan