Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.ٿسلونيڪين 1:6 - Common Language New Testament

6 خدا عادل آھي. ھو اوھان جي ڏک ڏيڻ وارن کي بدلي ۾ ڏک ڏيندو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو خدا جي نظر ۾ اها انصاف جي ڳالهہ آهي، تہ جيڪي اوهان کي ڏک ٿا ڏين، تن کي بدلي ۾ ڏک ڏئي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 جيئن تہ ايشور انصاف ڪندڙ آهي سو هو اوهان جي تڪليفن ڏيڻ وارن کي بدلي ۾ تڪليفون ڏيندو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

6 جيئن تہ خدا انصاف ڪندڙ آهي سو هو اوهان جي تڪليفن ڏيڻ وارن کي بدلي ۾ تڪليفون ڏيندو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.ٿسلونيڪين 1:6
18 Iomraidhean Croise  

جيڪو برائي ڪري ٿو تنھن کي پنھنجي برائيءَ جو بدلو ملندو، ڇالاءِ⁠جو اتي ڪنھن جي بہ طرفداري ڪانہ ٿي ٿئي.


ڇالاءِ⁠جو خدا بي⁠انصاف ناھي. ھو اوھان جي محنت ۽ انھيءَ محبت کي نہ وساريندو، جيڪا اوھان سندس نالي تي اھڙيءَ طرح ڏيکاري جو ايمان وارن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين ڪندا ٿا رھو.


قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنھنجو غضب نازل ٿيو. اھو وقت اچي ويو آھي، جڏھن مري ويلن جو انصاف ٿيندو. تنھنجي ٻانھن، يعني نبين ۽ چونڊيلن، ۽ ننڍن توڙي وڏن، جيڪي تنھنجي نالي کان ڊڄن ٿا، تن کي سندن اجر ڏنو ويندو، ۽ جيڪي دنيا کي برباد ڪن ٿا، تن کي برباد ڪيو ويندو.“


اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنھنجي نالي جي واکاڻ ڪير نہ ڪندو؟ ڇالاءِ⁠جو رڳو تون ئي پاڪ آھين. سڀيئي قومون اچي تنھنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي انصاف جا ڪم ظاھر ٿيا آھن.“


اي آسمان! اي خدا جي سڄي قوم! اي رسول ۽ نبيو! اوھين انھيءَ شھر تي خوشيون ڪريو، ڇالاءِ⁠جو خدا انصاف ڪري ھن کان اوھان جو بدلو ورتو آھي.“


انھيءَ شھر مان نبين، خدا جي قوم وارن، ۽ زمين تي جيڪي قتل ڪيا ويا آھن، تن سڀني جو رت لڌو ويو ھو.“


ڇالاءِ⁠جو ھن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آھن. ھُن انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ جو انصاف ڪيو، جنھن پنھنجي زناڪاريءَ سان دنيا کي خراب ڪري ڇڏيو ھو. خدا ھن کان پنھنجي ٻانَھن جي خون جو بدلو ورتو.“


انھن وڏي آواز سان رڙيون ڪري چيو تہ ”اي پاڪ ۽ سچا خداوند! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ زمين تي رھڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan