Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.پطرس 3:9 - Common Language New Testament

9 خداوند پنھنجي واعدي پوري ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آھي، جھڙي دير ڪي ماڻھو سمجھن ٿا. پر ھو اوھان جي باري ۾ صبر ڪري ٿو، انھيءَ ڪري جو ھو نہ ٿو چاھي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ ھو چاھي ٿو تہ سڀيئي توبھہ ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 خداوند پنهنجي واعدي ۾ دير ڪين ڪندو آهي، جيئن ڪي ماڻهو دير جو مطلب ٿا سمجهن؛ پر هو اوهان جي نسبت ۾ گهڻو تحمل ٿو ڪري، جو سندس مرضي نہ آهي تہ ڪوبہ برباد ٿئي، پر چاهي ٿو تہ سڀيئي توبهہ ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 پرميشور پنهنجو وچن پورو ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آهي، جهڙي دير ڪي ماڻهو سمجھن ٿا. پر هو اوهان جي خاطر ڌيرج ڪري ٿو، انهيءَ ڪري جو هو نہ ٿو چاهي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ هو چاهي ٿو تہ سڀيئي توبهہ‌تائب ٿين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آهي، جهڙي دير ڪي ماڻهو سمجھن ٿا. پر هو اوهان جي خاطر صبر ڪري ٿو، انهيءَ ڪري جو هو نہ ٿو چاهي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ هو چاهي ٿو تہ سڀيئي توبهہ‌تائب ٿين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.پطرس 3:9
24 Iomraidhean Croise  

اوھين وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، ڇالاءِ⁠جو ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي، جنھن ۾ اوھان کي ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن وقت اسان ايمان آندو ھو تنھن وقت جي نسبت ھاڻي اسان جو ڇوٽڪارو وڌيڪ ويجھو آھي.


رات گھڻي گذري چڪي آھي ۽ ڏينھن ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اچو تہ اونداھيءَ جا ڪم ڇڏي سوجھري جا ھٿيار ٻڌون.


يا تون خدا جي ڀلائي، بردباري ۽ صبر جي نعمتن کي گھٽ ٿو سمجھين. ايترو نہ ٿو سمجھين تہ خدا جي ڀلائي تو کي توبھہ ڏانھن ڇڪي رھي آھي.


انھيءَ ۾ عجب جي ڪھڙي ڳالھہ آھي جو خدا پنھنجو غضب ۽ قدرت ظاھر ڪرڻ لاءِ انھن ٿانون سان صبر ۽ بردباريءَ سان پيش آيو، جيڪي ٿانوَ ڀڃي ناس ٿيڻ جي لائق ھئا.


پر مون تي انھيءَ ڪري رحم ٿيو تہ جيئن عيسيٰ مسيح مون وڏي گنھگار ۾ پنھنجو بي⁠انتھا تحمل ظاھر ڪري ۽ آءٌ انھن لاءِ نمونو ٿيان، جيڪي پوءِ مٿس ايمان آڻي دائمي زندگي حاصل ڪندا.


ھو چاھي ٿو تہ سڀني ماڻھن کي ڇوٽڪارو ملي ۽ کين سچائيءَ جي ڄاڻ پوي.


”تمام ٿوري مدت باقي آھي، جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو.


ھي اھي ھئا جن اڳي نافرماني ڪئي ھئي. ان وقت نوح جي زماني ۾ خدا صبر ڪري انتظار ٿي ڪيو ۽ ٻيڙو تيار پئي ٿيو. پر انھيءَ ۾ رڳو ٿورا ماڻھو، يعني اٺ ڄڻا پاڻيءَ منجھان بچي ويا.


اھڙيءَ طرح ھن اسان سان نھايت وڏا ۽ قيمتي واعدا ڪيا آھن، تہ جيئن انھن جي وسيلي اوھين دنيا جي خرابيءَ کان بچي وڃو، جيڪا برين خواھشن جي ڪري آھي ۽ الاھي ذات ۾ شريڪ ٿي وڃو.


اسان جي خداوند جي صبر کي ڇوٽڪارو ڪري سمجھو، جھڙيءَ طرح اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ انھيءَ ڏاھپ سان اوھان ڏانھن لکيو آھي، جيڪا کيس عطا ٿيل آھي.


مون انھيءَ کي مھلت ڏني تہ توبھہ⁠تائب ٿئي، پر ھوءَ پنھنجي زناڪاريءَ کان توبھہ ڪرڻ نہ ٿي چاھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan