Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.پطرس 3:4 - Common Language New Testament

4 اھي چوندا تہ ”انھيءَ وري اچڻ جو واعدو نہ ڪيو ھو ڇا؟ پوءِ ھو ڪٿي آھي؟ ڇالاءِ⁠جو جڏھن کان اسان جا ابا ڏاڏا مري ويا آھن، تڏھن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو ھلي جيئن دنيا جي پيدا ٿيڻ وقت ھو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ چوندا تہ انهي جي اچڻ جي واعدي کي ڇا ٿيو؟ ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن کان ابا ڏاڏا گذر ڪري ويا، تنهن ڏينهن کان وٺي سڀ ڪجهہ ائين ئي پيو هلي، جيئن خلقت جي شروع ۾ هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 چوندا تہ ”انهيءَ يسوع تہ موٽي اچڻ جو وچن ڪيو هو، پوءِ هاڻي هو ڪٿي آهي؟ ڇو تہ جڏهن کان اسان جا ابا ڏاڏا قبر ۾ وڃي ستا آهن، تڏهن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو هلي جيئن سنسار جي پيدا ٿيڻ وقت هو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 چوندا تہ ”انهيءَ عيسيٰ تہ موٽي اچڻ جو واعدو ڪيو هو، پوءِ هاڻي هو ڪٿي آهي؟ ڇو تہ جڏهن کان اسان جا ابا ڏاڏا قبر ۾ وڃي ستا آهن، تڏهن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو هلي جيئن دنيا جي پيدا ٿيڻ وقت هو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.پطرس 3:4
20 Iomraidhean Croise  

انھيءَ ڪري جو ابن⁠آدم پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي ھتي بيٺا آھن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين ھو ابن⁠آدم کي سندس بادشاھت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“


جتي ڍونڍ ھوندو تہ ڳجھون بہ اتي ئي اچي مڙنديون.“


پر جيڪڏھن اھو نوڪر بڇڙو ھجي ۽ دل ۾ خيال ڪري تہ منھنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آھي،


پر دنيا جي خلقت کان وٺي خدا ھنن کي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو آھي.


جيڪا مصيبت انھن ڏينھن ۾ ايندي سا اھڙي تہ خراب ھوندي جو خدا جي دنيا پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين اھڙي مصيبت نہ ڪا آئي آھي ۽ نہ وري ڪڏھن ايندي.


پر جيڪڏھن اھو نوڪر دل ۾ خيال ڪري تہ ’منھنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آھي،‘ سو اچي نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي مارڻ لڳي ۽ کائڻ پيئڻ ۽ نشي ۾ بي⁠خبر ٿيڻ لڳي،


ھن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان پڪاريو تہ ”خداوند! ھنن جي ھن گناھہ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي ھو مري ويو، جڏھن تہ شائول ھن جي قتل تي راضي ھو.


ڀلا، اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آھي؟ ڇا اسان جي خداوند عيسيٰ جي اڳيان سندس اچڻ وقت اھي اوھين ئي نہ ھوندا؟


ان سان گڏ اوھان کي خدا جي انھيءَ ڏينھن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ گھرجي، بلڪ انھيءَ ڏينھن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجڻ گھرجي. انھيءَ ڏينھن جي اچڻ ڪري آسمان باھہ ۾ سڙي ڳري ويندا ۽ آسماني شيون سخت گرميءَ جي ڪري پگھرجي وينديون.


”لوديڪيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو امين، وفادار ۽ سچو شاھد آھي ۽ جنھن جي وسيلي خدا سڀ ڪجھہ بڻايو، سو ھيئن ٿو چوي تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan