Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.پطرس 3:11 - Common Language New Testament

11 جڏھن تہ ھي سڀ شيون اھڙيءَ طرح ڳري وڃڻيون آھن، تڏھن اوھان کي ڪھڙي قسم جو ماڻھو ٿيڻ گھرجي؟ اوھان کي گھرجي تہ اوھين پاڪ ۽ ديندار زندگي گذاريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 جڏهن هي سڀ شيون هن طرح ڳري وڃڻيون آهن، تڏهن اوهان جي پاڪ هلت چلت ۽ دينداري ڪهڙي نہ قسم جي هئڻ گهرجي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

11 هاڻي جيئن تہ هي سڀ شيون اهڙيءَ طرح ڳري ناس ٿي وڃڻيون آهن، تڏهن سوچو تہ اوهان کي ڪهڙي قسم جو ماڻهو ٿيڻ گھرجي؟ اوهان کي گھرجي تہ اوهين پوِتر ۽ ڌرمچاري جيون گذاريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

11 هاڻي جيئن تہ هي سڀ شيون اهڙيءَ طرح ڳري ناس ٿي وڃڻيون آهن، تڏهن سوچو تہ اوهان کي ڪهڙي قسم جو ماڻهو ٿيڻ گھرجي؟ اوهان کي گھرجي تہ اوهين پاڪ ۽ ديندار زندگي گذاريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.پطرس 3:11
27 Iomraidhean Croise  

اھي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪھڙي قسم جو ماڻھو آھي جو ھوا ۽ پاڻيءَ کي بہ حڪم ٿو ڪري تہ اھي بہ مڃينس ٿا.“


اوھين وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، ڇالاءِ⁠جو ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي، جنھن ۾ اوھان کي ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن وقت اسان ايمان آندو ھو تنھن وقت جي نسبت ھاڻي اسان جو ڇوٽڪارو وڌيڪ ويجھو آھي.


رات گھڻي گذري چڪي آھي ۽ ڏينھن ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اچو تہ اونداھيءَ جا ڪم ڇڏي سوجھري جا ھٿيار ٻڌون.


اسان کي فخر آھي تہ اسان جو ضمير اسان کي پڪ ٿو ڏئي تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوھان سان جيڪو ورتاءُ ڪيو آھي، سو پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان آھي. اھو سڀ ڪجھہ خدا جي طرفان آھي. اسان ائين دنياوي ڏاھپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آھي.


ڇا بہ ٿي پوي اوھين پنھنجي روزاني زندگي مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوھان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اھو ٻڌان تہ اوھين ھڪڙي ئي روح ۾ قائم آھيو ۽ ھڪ دل ٿي ڪري گڏجي جانفشاني ڪندا ٿا رھو تہ ماڻھو خوشخبريءَ تي ايمان آڻين.


پر اسان جو وطن آسمان تي آھي ۽ اسين وڏي چاھہ سان ھڪڙي نجات ڏيندڙ، يعني خداوند عيسيٰ مسيح جي اتان اچڻ جو انتظار ٿا ڪريون.


ڇالاءِ⁠جو اسان جي خوشخبري اوھان وٽ نہ رڳو لفظي طور پر قدرت، پاڪ روح ۽ پوري يقين سان پھتي آھي. اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏھن اوھان وٽ ھئاسين تہ اوھان جي خاطر ڪھڙي زندگي گذاريسين.


انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي تہ دينداريءَ جو راز وڏو آھي، يعني: ھو جسم ۾ ظاھر ٿيو ۽ پاڪ روح جي ڪري سچو ثابت ٿيو. ھو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ آسمان ڏانھن ھو مٿي کنيو ويو.


ڪوبہ ماڻھو تو کي جوانيءَ سبب حقارت جي نظر سان نہ ڏسي، بلڪ تون ڳالھہ ٻولھہ ۾، ھلت چلت ۾، محبت ۾، ايمان ۾ ۽ پاڪيزگيءَ ۾، ايمان وارن لاءِ نمونو ٿيءُ.


پر اي خدا جا بندا! تون انھن ڳالھين کان پري ڀڄ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حليمائيءَ جو طلبگار ٿيءُ.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو ٻئي قسم جي تعليم ٿو ڏئي ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحيح ڳالھين ۽ دينداريءَ واري تعليم کي نہ ٿو مڃي،


بيشڪ دينداري وڏي فائدي واري آھي، بشرطيڪ ان سان گڏ قناعت بہ ھجي.


پيسي سان پيار نہ رکو، جيڪي اوھان وٽ آھي تنھن تي راضي رھو. ڇالاءِ⁠جو خدا پاڻ چيو آھي تہ ”آءٌ تو کي ڪڏھن بہ ڇڏي نہ ڏيندس، ۽ نڪي ڪڏھن تو کي وساريندس.“


ھو پاڻ کي ڏسي ھليو وڃي ٿو ۽ جلد ئي وساري ٿو ڇڏي تہ ھو ڪيئن ھو.


اوھان ۾ ڏاھو ۽ سمجھو ڪير آھي؟ انھيءَ کي گھرجي تہ ھو پنھنجي چڱيءَ ھلت چلت جي وسيلي ڏاھپ واري نماڻائيءَ سان پنھنجو عمل ڏيکاري.


پر جيئن اوھان جو سڏڻ وارو پاڪ آھي، تيئن اوھين بہ پنھنجي سموري ھلت چلت ۾ پاڪ ٿيو.


غير قومن ۾ پنھنجي ھلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوھان تي بدڪار ھئڻ جي تھمت ٿا ھڻن سي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي انھيءَ ڏينھن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏھن خداوند اچي عدالت ڪندو.


خدا پنھنجي الاھي قدرت سان اھي سڀ شيون پنھنجي سڃاڻپ جي وسيلي اسان کي ڏنيون آھن، جن جو تعلق زندگيءَ ۽ دينداريءَ سان آھي. ھن اسان کي انھيءَ لاءِ سڏيو آھي تہ جيئن اسين کانئس عظمت ۽ نيڪي ماڻيون.


پنھنجي علم سان پرھيزگاري، پرھيزگاريءَ سان صبر ۽ صبر سان دينداريءَ ۾ واڌارو آڻيو.


پر خداوند جو ڏينھن چور وانگر اوچتو ايندو. انھيءَ ڏينھن آسمان وڏي ڪڙڪي سان گم ٿي ويندا، آسماني شيون سخت باھہ جي ڪري ڳري وينديون ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آھي سو سڀ سڙي ويندو.


ان سان گڏ اوھان کي خدا جي انھيءَ ڏينھن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ گھرجي، بلڪ انھيءَ ڏينھن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجڻ گھرجي. انھيءَ ڏينھن جي اچڻ ڪري آسمان باھہ ۾ سڙي ڳري ويندا ۽ آسماني شيون سخت گرميءَ جي ڪري پگھرجي وينديون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan