Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.پطرس 2:9 - Common Language New Testament

9 سو خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندارن کي آزمائش کان ڪيئن بچائي ۽ بدڪارن کي عدالت جي ڏينھن تائين ڪھڙيءَ طرح سزا ھيٺ رکي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 (تڏهن ثابت آهي تہ) خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندار کي آزمائش کان ڪيئن ڇڏائجي، ۽ بي دينن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 انهن مثالن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي تہ پرميشور ڄاڻي ٿو تہ ڌرمچارين کي آزمائش کان ڪيئن بچائي ۽ بدڪارن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 انهن مثالن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي تہ خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندارن کي آزمائش کان ڪيئن بچائي ۽ بدڪارن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.پطرس 2:9
22 Iomraidhean Croise  

آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ آخرت جي ڏينھن اھو شھر سدوم ۽ عموراہ جي شھرن کان وڌيڪ ڀوڳيندو.“


اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ، پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


پر تون جو سخت⁠دل ٿيو آھين ۽ توبھہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انھيءَ قھر واري ڏينھن واسطي پاڻ پنھنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنھن ڏينھن خدا جو پورو پورو انصاف ظاھر ٿيندو.


اوھان تي اھڙي آزمائش ڪانہ پيئي آھي جيڪا انسان لاءِ عام نہ ھجي. پر اوھين خدا تي ڀروسو رکي سگھو ٿا. ھو اوھان کي اھڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوھان جي سھڻ جي طاقت کان ٻاھر ھجي، بلڪ آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ اوھان کي ٺاھي ڏيندو تہ جيئن اوھين ان کي برداشت ڪري سگھو.


سچ⁠پچ تہ جيڪي⁠بہ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي دينداريءَ سان زندگي گذارڻ چاھين ٿا، سي ستايا ويندا.


ھن اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي، انھيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي ھر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنھنجي لاءِ ھڪ اھڙي خاص امت بڻائي، جيڪا نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ سرگرم ھجي.


ڇالاءِ⁠جو خدا گناھہ ڪندڙ ملائڪن کي بہ نہ بخشيو، بلڪ کين دوزخ ۾ وڌائين ۽ اونداھين غارن ۾ بند ڪيائين، انھيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينھن تائين قيد ۾ رھن.


انھيءَ ساڳئي حڪم جي وسيلي موجودہ آسمان ۽ زمين انھيءَ لاءِ بچائي رکيا ويا آھن تہ ساڙيا وڃن. اھي عدالت جي ڏينھن تائين موجود رھندا، جنھن ڏينھن بدڪار ماڻھن کي ناس ڪيو ويندو.


اھڙيءَ طرح جن ملائڪن پنھنجي اختيار واري حيثيت قائم نہ رکي پر پنھنجي خاص رھڻ جي جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي خدا ابدي زنجيرن سان قيد ڪري عظيم ڏينھن واري عدالت تائين اونداھيءَ منجھہ رکيو آھي.


جيئن تہ اوھان منھنجو حڪم مڃي صبر ڪيو، تنھنڪري آءٌ بہ اوھان کي آزمائش جي گھڙيءَ کان بچائيندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رھڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جھان تي اچڻي آھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan