Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.پطرس 2:7 - Common Language New Testament

7 خدا لوط کي بچائي ورتو، جيڪو سچار شخص ھو ۽ بدڪارن جي گندي ھلت چلت کان تنگ ٿيو ھو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ راستباز لوط کي بچائي ورتائين، جو بدڪارن جي شهوت پرستيءَ جي هلت چلت جي ڪري ڏاڍو پريشان هو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

7 وري لوط جو مثال ڏسو، جنهن کي ايشور بچائي ورتو. اهو سچار شخص هو ۽ بدڪارن جي گندي هلت چلت کان تنگ ٿيو هو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

7 وري لوط جو مثال ڏسو، جنهن کي خدا بچائي ورتو. اهو سچار شخص هو ۽ بدڪارن جي گندي هلت چلت کان تنگ ٿيو هو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.پطرس 2:7
14 Iomraidhean Croise  

اوھان تي اھڙي آزمائش ڪانہ پيئي آھي جيڪا انسان لاءِ عام نہ ھجي. پر اوھين خدا تي ڀروسو رکي سگھو ٿا. ھو اوھان کي اھڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوھان جي سھڻ جي طاقت کان ٻاھر ھجي، بلڪ آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ اوھان کي ٺاھي ڏيندو تہ جيئن اوھين ان کي برداشت ڪري سگھو.


ڇالاءِ⁠جو اھي مغروريءَ جون نھايت بيھوديون ڳالھيون ڪري، شھوت⁠پرستيءَ جي وسيلي انھن ماڻھن کي جسماني خواھشن ۾ ڦاسائين ٿا، جيڪي گمراھہ ٿيل ماڻھن کان ھاڻي آزاد ٿيا آھن.


ڪيترا ئي ماڻھو انھن جي شھوت⁠پرستيءَ جي پيروي ڪندا، جن جي ڪري حق جي راھہ جي بدنامي ٿيندي.


تنھنڪري اي عزيزو! جڏھن تہ اوھان کي انھن ڳالھين جي اڳي ئي خبر آھي، تڏھن خبردار رھو، ائين نہ ٿئي جو اوھين بدڪار ماڻھن جي گمراھيءَ ڏانھن ڇڪجي پنھنجي ثابت⁠قدميءَ کي ڇڏي ڏيو.


ڇالاءِ⁠جو ڪي ماڻھو لڪي ڇپي اوھان منجھہ گھڙي آيا آھن. اُھي قديم زماني کان پاڪ ڪلام موجب ھن سزا لاءِ مقرر ڪيا ويا ھئا. ھو بدڪار ماڻھو آھن، جيڪي خدا جي فضل کي ڦيرائي پنھنجي شھوت⁠پرستيءَ جو بھانو بڻائين ٿا. اُھي اسان جي ھڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan