Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.پطرس 2:4 - Common Language New Testament

4 ڇالاءِ⁠جو خدا گناھہ ڪندڙ ملائڪن کي بہ نہ بخشيو، بلڪ کين دوزخ ۾ وڌائين ۽ اونداھين غارن ۾ بند ڪيائين، انھيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينھن تائين قيد ۾ رھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ڇالاءِ تہ جڏهن گناهہ ڪندڙ ملائڪن کي بہ خدا نہ ڇڏيو، پر دوزخ ۾ اُڇلائي وڌائين ۽ اونداهين کڏن ۾ بند ڪيائين، انهي لاءِ تہ عدالت ٿيڻ تائين اتي نظربند رهن:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 انهيءَ لاءِ هي مثال ڏسو تہ ايشور انهن دوتن کي بہ نہ بخشيو جن پاپ ڪيو، بلڪ کين پاتال ۾ وجھي اونداهين غارن ۾ بند ڪري ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينهن تائين قيد ۾ رهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ لاءِ هي مثال ڏسو تہ خدا انهن ملائڪن کي بہ نہ بخشيو جن گناهہ ڪيو، بلڪ کين پاتال ۾ وجھي اونداهين غارن ۾ بند ڪري ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينهن تائين قيد ۾ رهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.پطرس 2:4
25 Iomraidhean Croise  

پوءِ ھو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’مون وٽان ھليا وڃو، اوھان تي خدا جو قھر آھي. وڃي دائمي باھہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي.


عيسيٰ کي ڏسڻ سان ھو رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي ابن خدا! تنھنجو اسان سان ڪھڙو واسطو آھي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آھين؟“


۽ وڏي واڪي رڙ ڪري چيائين تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! تنھنجو مون سان ڪھڙو واسطو آھي؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”مون شيطان کي وڄ وانگر آسمان مان ڪرندي ڏٺو آھي.


انھن ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”اسان کي اوڙاھہ ۾ وڃڻ جو حڪم نہ ڏيو.“


اوھين پنھنجي پيءُ يعني شيطان جا فرزند آھيو ۽ پنھنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. شروعات کان وٺي ھو خوني ھو ۽ ھن ڪڏھن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن ۾ سچ نہ آھي. جڏھن ھو ڪوڙ ٿو ڳالھائي تہ پنھنجي طبيعت موجب ٿو ڳالھائي، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪوڙو آھي ۽ ڪوڙ جو باني آھي.


ڇالاءِ⁠جو خدا يھودين کي بہ نہ ڇڏيو، جيڪي اصلي ٽارين وانگر ھئا، تہ پوءِ ھو اوھان کي ڪيئن ڇڏيندو؟


ھن تہ پنھنجو فرزند بہ اسان کان نہ وانجھيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. جڏھن ھن پنھنجو فرزند اسان کي ڏنو تہ پوءِ ٻي ڪھڙي شيءِ آھي جا ھو اسان کي نہ بخشيندو؟


جيتوڻيڪ ملائڪ انھن ڪوڙن استادن کان طاقت ۽ قدرت ۾ وڌيڪ آھن، سي بہ خداوند جي آڏو انھن تي گلا جھڙي تھمت نہ ٿا ھڻن.


خدا پراڻي زماني جي ماڻھن کي بہ نہ بخشيو، بلڪ انھيءَ بدڪار دنيا تي طوفان آندائين ۽ رڳو سچائيءَ جي تبليغ ڪندڙ نوح ۽ ٻين ستن ڄڻن کي بچايائين.


سو خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندارن کي آزمائش کان ڪيئن بچائي ۽ بدڪارن کي عدالت جي ڏينھن تائين ڪھڙيءَ طرح سزا ھيٺ رکي،


جيڪو گناھہ ڪري ٿو سو شيطان مان آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ شيطان شروع کان وٺي گناھہ ڪندو ٿو اچي. خدا جو فرزند انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو تہ جيئن شيطان جي ڪمن کي ناس ڪري.


اِھي سمنڊ جون بي⁠قابو ڇوليون آھن، جيڪي پنھنجي بي⁠شرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. ھو ڀٽڪندڙ تارا آھن، جن لاءِ ھميشہ گھُگھُہ اوندھہ رکي ويئي آھي.


اھڙيءَ طرح جن ملائڪن پنھنجي اختيار واري حيثيت قائم نہ رکي پر پنھنجي خاص رھڻ جي جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي خدا ابدي زنجيرن سان قيد ڪري عظيم ڏينھن واري عدالت تائين اونداھيءَ منجھہ رکيو آھي.


پوءِ شيطان جنھن کين گمراھہ ڪيو ھو، سو باھہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويندو، جتي اھي ٻيئي حيوان اڇلايا ويا ھئا. اُھي رات ڏينھن اُتي ھميشہ ھميشہ تائين عذاب پيا سھندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan