Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.پطرس 1:9 - Common Language New Testament

9 پر جنھن ماڻھوءَ ۾ اھي خوبيون نہ آھن، سو ڪوتاھہ نظر بلڪ انڌو آھي. ھو پنھنجن اڳوڻن گناھن جي ڌوپي صاف ٿيڻ واري ڳالھہ کي وساري ويٺو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو جنهن ۾ اهي ڳالهيون نہ آهن، سو انڌو ۽ گهٽ نظر آهي، ۽ پنهنجن اڳوڻن گناهن جي ڌوپي صاف ٿيڻ جي ڳالهہ وساري ڇڏي اٿس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 پر جنهن ماڻهوءَ ۾ اهي خوبيون نہ آهن، سو گھٽ نظر وارو بلڪ انڌو آهي. هو پنهنجي اڳوڻن پاپن کان ڌوپجي صاف ٿيڻ واري ڳالهہ کي وساري ويٺو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 پر جنهن ماڻهوءَ ۾ اهي خوبيون نہ آهن، سو گھٽ نظر وارو بلڪ انڌو آهي. هو پنهنجي اڳوڻن گناهن کان ڌوپجي صاف ٿيڻ واري ڳالهہ کي وساري ويٺو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.پطرس 1:9
19 Iomraidhean Croise  

عيسيٰ ھن کي چتائي ڏٺو ۽ ساڻس پيار ڪيو ۽ چيائين تہ ”تو ۾ اڃا ھڪڙي شيءِ جي گھٽتائي آھي. وڃ ۽ وڃي پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو. پوءِ اچ ۽ منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“


عيسيٰ جڏھن ھي ٻڌو، تڏھن چيائينس تہ ”اڃا تو ۾ ھڪڙي گھٽتائي آھي، تہ جيڪي⁠بہ اٿئي سو سڀ وڪڻي غريبن ۾ ورھائي ڇڏ، تہ تو کي بھشت ۾ خزانو ملندو. پوءِ اچ ۽ منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“


اھڙيءَ طرح اوھين بہ پاڻ کي گناھہ جي نسبت مئل سمجھو، پر خدا جي نسبت عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڻ کي جيئرو سمجھو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آھيو. پر پنھنجي انھيءَ آزاديءَ کي جسماني خواھشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ محبت جي رستي ھڪ ٻئي جي خدمت ڪريو.


ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


ھن انھيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن ڪليسيا کي پاڪ ڪلام جي وسيلي ۽ پاڻيءَ سان غسل ڪرائي صاف ڪري پاڪ بڻائي.


ھن اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي، انھيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي ھر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنھنجي لاءِ ھڪ اھڙي خاص امت بڻائي، جيڪا نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ سرگرم ھجي.


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ پاڪ ڪندو، جنھن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي آڏو بي⁠عيب قربانيءَ طور ڏيئي ڇڏيو. سندس رت اسان جي دلين کي اھڙن ڪمن کان پاڪ ڪندو جن جي پڇاڙي موت آھي، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪريون.


انھيءَ جو صحيح مثال بپتسما آھي، جيڪا ھاڻي بہ اوھان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اھا ناھي تہ بدن جي ميراڻ صاف ٿئي، بلڪ اھا آھي تہ نيڪ⁠نيتيءَ سان خدا جو طلبگار ٿجي. اھا بپتسما عيسيٰ مسيح جي وري جي اٿڻ جي وسيلي اوھان کي بچائي ٿي.


پر جيڪڏھن اسين روشنيءَ ۾ ھلون ٿا، جيئن خدا پاڻ بہ روشنيءَ ۾ آھي، تہ پوءِ اسان جي ھڪ ٻئي سان صحبت آھي ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح جو رت اسان کي سڀني گناھن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.


اوھين چئو ٿا تہ اسين دولتمند آھيون ۽ گھڻي دولت گڏ ڪئي اٿئون ۽ ڪنھن بہ شيءِ جي گھرج ڪانہ اٿئون. پر اوھان کي اھا خبر ڪانھي تہ اوھين بد⁠بخت، ڏکيا، ڪنگال، انڌا ۽ اگھاڙا آھيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan