Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 6:5 - Common Language New Testament

5 اھڙن بدنيت ماڻھن جي وچ ۾ سدائين اڻ⁠بڻت پيدا ٿيندي ٿي رھي. اھي سچ کان محروم آھن ۽ دينداريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ انهن ماڻهن ۾ ردوبدل ٿي ٿئي، جن جا خيال خراب آهن ۽ جي سچ کان خالي آهن ۽ ڀانئين ٿا تہ دينداري نفعي جو هڪڙو ذريعو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 عقل کان بگڙيل اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ سدائين اڻ‌بڻت پيدا ٿيندي ٿي رهي. اهي سچ کان محروم آهن ۽ ڌرمچاريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 عقل کان بگڙيل اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ سدائين اڻ‌بڻت پيدا ٿيندي ٿي رهي. اهي سچ کان محروم آهن ۽ دينداريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 6:5
34 Iomraidhean Croise  

”جيڪڏھن وڻ سٺو آھي تہ ميوو بہ سٺو ڏيندو ۽ جيڪڏھن وڻ خراب آھي تہ ميوو بہ خراب ڏيندو، ڇالاءِ⁠جو وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آھي.


انھن کي چيائين تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’منھنجو گھر عبادت جو گھر سڏبو،‘ پر اوھان ان کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بڻائي آھي.“


”ڪيتري نہ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين آسمان واري بادشاھت جو دروازو ماڻھن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوھين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نڪي جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


جيڪڏھن ڪو انھيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي عورت جو دعا گھرڻ وارو دستور نہ اسان جو آھي نڪي خدا جي ڪليسيائن جو.“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي اوھان کي حڪم ٿا ڏيون تہ اوھين ھر انھيءَ ڀاءُ کان پاسو ڪريو، جيڪو اجايو وقت ٿو وڃائي ۽ اسان کان مليل تعليم موجب زندگي نہ ٿو گذاري.


ڪي ماڻھو انھن ڳالھين کان ڀٽڪي پري ٿي اجائي بحث ۾ وڃي پيا آھن.


ھو شرابي نہ ھجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ حليم ھجي. جھيڙو ڪندڙ يا پيسي جو لالچي نہ ھجي.


ساڳيءَ طرح خادمن کي بہ سنجيدو ھئڻ گھرجي. اھي ٻہ⁠چاپڙا، مئي جا عادي ۽ ناجائز نفعي جا لالچي نہ ھجن.


پر اجاين ۽ پوڙھين عورتن وارين آکاڻين کي نہ مڃ، اٽلندو پاڻ کي دينداريءَ جي لاءِ تربيت ڏي.


ڇالاءِ⁠جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو فائدو آھي، پر دينداري سڀني ڳالھين لاءِ فائدي واري آھي. انھيءَ ڪري جو ھاڻوڪي ۽ آئيندہ زندگيءَ جو واعدو بہ انھيءَ جي ڪري ٿيل آھي.


بيشڪ دينداري وڏي فائدي واري آھي، بشرطيڪ ان سان گڏ قناعت بہ ھجي.


اھي دينداريءَ جو ظاھري نمونو تہ رکندا، پر انھيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اھڙن ماڻھن کان پاسو ڪجانءِ.


جھڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس موسيٰ جي مخالفت ڪئي ھئي، تھڙيءَ طرح ھي ماڻھو بہ سچ جي مخالفت ڪن ٿا. ھي اھڙا ماڻھو آھن جن جو عقل بگڙيل آھي ۽ جيڪي ڪوڙي ايمان رکڻ جي ڪري رد ٿيل آھن.


انھن جو وات بند ڪرڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو ناجائز نفعي جي خاطر نامناسب ڳالھيون سيکاري گھرن جا گھر ڦٽائي ٿا ڇڏين.


اھي سنئون رستو ڇڏي گمراھہ ٿي ويا آھن ۽ بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنھن کي بڇڙائيءَ جي مزوري پسند ھوندي ھئي.


اھي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالھيون ٺاھي اوھان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي انھن تي جنھن سزا جو حڪم ٿي چڪو ھو، تنھن جي اچڻ ۾ دير ڪانھي ۽ سندن بربادي ويجھي آھي.


افسوس آھي انھن تي! ڇالاءِ⁠جو ھو قابيل جي واٽ تي ھليا، نفعي جي خاطر بلعام جھڙي گمراھيءَ ۾ ڪاھي پيا ۽ قوراہ وانگر بغاوت ڪري برباد ٿيا.


دالچيني، مصالحا، خوشبوءِ، عطر، لوبان، مئي، تيل، ميدو، ڪڻڪ، ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون، گھوڙا، گاڏيون، غلام ۽ انسانن جون جانيون ۽ ساھہ.


ڇالاءِ⁠جو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي پيئڻ ڪري سڀيئي قومون الوٽ ٿي پيون آھن، ۽ دنيا جي بادشاھن انھيءَ سان زناڪاري ڪئي آھي. دنيا جا سوداگر انھيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan