Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 6:3 - Common Language New Testament

3 جيڪڏھن ڪو ماڻھو ٻئي قسم جي تعليم ٿو ڏئي ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحيح ڳالھين ۽ دينداريءَ واري تعليم کي نہ ٿو مڃي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي قسم جي تعليم ٿو ڏئي، ۽ صحيح نصيحت کي، يعني اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نصيحت کي، ۽ دينداريءَ پٽاندر جا تعليم آهي، تنهن کي نٿو مڃي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي صحيح ڳالهين ۽ ڌرمچاريءَ واري سکيا کي نہ ٿو مڃي ۽ ٻئي قسم جي سکيا ٿو ڏئي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحيح ڳالهين ۽ دينداريءَ واري تعليم کي نہ ٿو مڃي ۽ ٻئي قسم جي تعليم ٿو ڏئي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 6:3
19 Iomraidhean Croise  

انھن جواب ڏنو تہ ”قيصر جا.“ تڏھن عيسيٰ کين چيو تہ ”چڱو، جيڪو قيصر جو آھي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو خدا جو آھي سو خدا کي ڏيو.“


۽ کين تعليم ڏيو تہ انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪن جن جو مون اوھان کي حڪم ڏنو آھي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين ھميشہ اوھان سان ھوندس.“


ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪا تعليم اوھان کي ملي آھي تنھن جي خلاف جيڪي ڏڦيڙ وجھن ٿا ۽ ماڻھن کي گمراھہ ڪن ٿا، تن کي نظر ۾ رکجو ۽ کانئن پري رھجو.


تنھنڪري جيڪو ھيءَ تعليم رد ٿو ڪري سو ماڻھوءَ کي نہ بلڪ خدا کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوھان کي پنھنجو پاڪ روح ڏئي ٿو.


اھا زناڪارن ۽ لونڊي⁠بازن لاءِ، انسانن جو اغوا ڪندڙن لاءِ، ڪوڙن لاءِ ۽ ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آھي. انھن کان سواءِ جيڪي صحيح تعليم جي برخلاف آھن، اھا تن لاءِ آھي.


جيئن مون مڪدونيا وڃڻ وقت تو کي تاڪيد ڪيو ھو، تيئن تون اِفسس شھر ۾ رھجانءِ، انھيءَ لاءِ تہ ڪن ماڻھن کي حڪم ڏئين تہ غلط قسم جي تعليم نہ ڏين.


ڪي ماڻھو انھن ڳالھين کان ڀٽڪي پري ٿي اجائي بحث ۾ وڃي پيا آھن.


جيڪي صحيح ڳالھيون تو مون کان ٻڌيون، تن جو نمونو انھيءَ ايمان ۽ پيار سان گڏ دل ۾ سانڍي ڇڏ، جيڪو مسيح جو ھئڻ ڪري تو کي آھي.


ڇالاءِ⁠جو اھڙو وقت ايندو، جڏھن ماڻھو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. پر ھو پنھنجين خواھشن جي پورائي لاءِ پنھنجي چوڌاري گھڻا ئي اھڙا استاد آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اھو ئي ڪجھہ ٻڌائيندا جيڪو سندن خارش وارا ڪن ٻڌڻ چاھين ٿا.


ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو خدا جو ٻانھو ۽ عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. آءٌ انھيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آھيان تہ خدا جي چونڊيلن جي ايمان ڏانھن رھنمائي ڪريان ۽ کين انھيءَ سچائيءَ جي سڃاڻپ ڪرايان، جيڪا دينداريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري.


ھن کي گھرجي تہ انھيءَ ڀروسي جھڙي ڪلام تي قائم رھي، جيڪو کيس سيکاريو ويو آھي. اھڙيءَ طرح ھو صحيح تعليم سان ٻين کي نصيحت ڪري سگھي ٿو ۽ مخالفن کي قائل بہ ڪري سگھي ٿو.


اھا ڳالھہ سچي آھي. سو منھنجي مرضي آھي تہ تون انھن ڳالھين تي زور ڏي، انھيءَ لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آھي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رھڻ جي ڳڻتي رکن. اھي ڳالھيون چڱيون ۽ ماڻھن لاءِ فائديمند آھن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan