Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 6:21 - Common Language New Testament

21 ڪي ماڻھو انھيءَ علم کي قبول ڪري ايمان کان گمراھہ ٿي ويا آھن. اوھان سڀني تي فضل ھجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 ڇالاءِ جو ڪي انهي کي سچو سمجهي ايمان کان گمراهہ ٿي ويا آهن. تو تي فضل رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

21 ڪي ماڻهو اهڙي گيان جا ماهر هئڻ جي دعويٰ ڪري وشواس کان ڀَٽڪي ويا آهن. اوهان سڀني تي ڪرپا ٿيندي رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

21 ڪي ماڻهو اهڙي علم جا ماهر هئڻ جي دعويٰ ڪري ايمان کان ڀٽڪي ويا آهن. اوهان سڀني تي فضل ٿيندو رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 6:21
13 Iomraidhean Croise  

اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ، پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


ھي خط انھن سڀني ڏانھن آھي، جيڪي روم شھر ۾ خدا جا پيارا آھن ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ چونڊيا ويا آھن. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.


تہ پوءِ خدا، جيڪو اطمينان ڏيڻ وارو آھي سو شيطان کي جلد ئي اوھان جي پيرن ھيٺ لتاڙي ڇڏيندو. اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوھان سڀني تي ھجي.


منھنجو ۽ ساريءَ ڪليسيا جو مھماندار گيُس بہ اوھان کي سلام ٿو چوي. شھر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو ڀاءُ ڪوارتس بہ اوھان کي سلام چئي رھيا آھن.


آءٌ پولس، ھاڻي پنھنجي ھٿ سان ھي سلام لکي رھيو آھيان. منھنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوھان تي فضل ٿيندو رھي.


ڪن ماڻھن ضمير کي ڇڏي پنھنجي ايمان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آھي.


ڪي ماڻھو انھن ڳالھين کان ڀٽڪي پري ٿي اجائي بحث ۾ وڃي پيا آھن.


ڇالاءِ⁠جو پيسي سان پيار رکڻ، ھر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آھي. ڪي ماڻھو پيسي جا طلبگار ٿي ايمان کان گمراھہ ٿي ويا ۽ طرح طرح جي ڏکن ۾ پاڻ کي وڪوڙي ڇڏيائون.


اھي سچ کان گمراھہ ٿي ويا آھن ۽ چون ٿا تہ قيامت اڳي ئي ٿي چڪي آھي. اھڙيءَ طرح اھي ڪن ماڻھن جو ايمان بگاڙين ٿا.


شل خداوند تو سان ھجي. اوھان سڀني تي فضل ٿيندو رھي.


جيڪي مون سان گڏ آھن، سي سڀ تو کي سلام ٿا ڏين. ايمان وارا جيڪي اسان سان محبت ٿا رکن، تن کي سلام ڏج. شل اوھان سڀني تي فضل ھجي.


شل اوھان سڀني تي فضل ھجي. آمين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan