Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 6:18 - Common Language New Testament

18 انھن کي حڪم ڪر تہ نيڪي ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ دولتمند ٿين، سخي ٿين ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 ۽ هو نيڪي ڪن، ۽ چڱن ڪمن ۾ توانگر ٿين، سخاوت ڪرڻ لاءِ تيار رهن ۽ ٻين جي واهر ڪرڻ لاءِ راضي رهن؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

18 انهن کي نصيحت ڪر تہ نيڪي ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ دولتمند ٿين، سخي ٿين ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

18 انهن کي نصيحت ڪر تہ نيڪي ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ دولتمند ٿين، سخي ٿين ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 6:18
38 Iomraidhean Croise  

جيڪو تو کان ڪا شيءِ گھري تہ اھا کيس ڏي ۽ جيڪو تو کان اڌارو وٺي تنھن کي انڪار نہ ڪر.“


عيسيٰ ان جو نتيجو ھيئن ڪڍيو تہ ”اھو ماڻھو اھڙو آھي جيڪو ڌن دولت پنھنجي لاءِ تہ ميڙي ٿو، پر خدا جي آڏو شاھوڪار نہ آھي.“


ھن ورندي ڏنن تہ ”جنھن وٽ ٻہ پھراڻ ھجن تہ اھو ھڪ انھيءَ کي ڏئي جنھن کي ھڪ بہ ڪونھي ۽ جنھن وٽ کاڌو آھي، سو بہ اھو ورھائي.“


اوھان کي اھا بہ خبر آھي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ کي پاڪ روح ۽ قدرت سان مسح ڪري چونڊيو ھو. ھو ھرھنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو ھو ۽ جن ماڻھن تي شيطان جو غلبو ھو تن کي شفا ڏيندو ھو، ڇالاءِ⁠جو خدا انھيءَ سان ھو.


شاگردن مان ھر ھڪ اھو ارادو ڪيو تہ جيڪي ڀائر يھوديہ ۾ رھن ٿا تن ڏانھن پنھنجي وسعت آھر ڪجھہ مدد طور موڪلين.


يافا ۾ ھڪڙي شاگردياڻي رھندي ھئي، جنھن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس ھو. ھوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ خير خيراتون ڪندي ھئي.


ايمان وارن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مھمان⁠نوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو.


جيڪڏھن اھا نعمت نصيحت ڪرڻ جي ھجي تہ ھو نصيحت ڪندو رھي، جيڪڏھن خيرات ڏيڻ جي ھجي تہ سخاوت سان خيرات ڏيندو رھي. جيڪڏھن اھا اڳواڻي ڪرڻ جي ھجي تہ لياقت سان اڳواڻي ڪري يا جيڪڏھن اھا نعمت رحم ڪرڻ جي ھجي تہ خوشيءَ سان رحم ڪري.


ھر آچر جي ڏينھن تي اوھان مان ھر ھڪ پنھنجي ڪمائيءَ آھر ڪجھہ بچائي پاڻ وٽ رکي تہ جيئن منھنجي اچڻ تي چندي گڏ ڪرڻ جي ضرورت نہ پوي.


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ڏيڻ جي نيت ھوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنھن ماڻھوءَ وٽ ھوندو تنھن موجب سندس نذرانو خدا قبول ڪندو، نہ انھيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آھي.


ڇالاءِ⁠جو اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي فضل کي ڄاڻو ٿا. جيتوڻيڪ ھو دولتمند ھو تڏھن بہ اوھان جي خاطر غريب ٿي ويو، تہ جيئن سندس غريبيءَ جي ڪري اوھين دولتمند ٿي وڃو.


تنھنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻھن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انھن سان جيڪي ايمان جي وسيلي اسان سان ھڪ ئي خاندان ۾ شريڪ آھن.


چوري ڪرڻ وارو اڳتي چوري نہ ڪري، بلڪ چڱو ڪم اختيار ڪندي پنھنجن ھٿن سان محنت ڪري تہ جيئن ڪنھن محتاج کي ڏيڻ لاءِ وٽس ڪجھہ ھجي.


اھا چڱن ڪمن ڪرڻ ڪري مشھور ھجي، ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مھمان⁠نوازي ڪئي ھجائين. ھن ايمان وارن جا پير ڌوتا ھجن، ڏکويلن جي مدد ڪئي ھجائين ۽ سڀني چڱي قسم جي ڪمن لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ھجائين.


ھن اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي، انھيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي ھر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنھنجي لاءِ ھڪ اھڙي خاص امت بڻائي، جيڪا نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ سرگرم ھجي.


اھا ڳالھہ سچي آھي. سو منھنجي مرضي آھي تہ تون انھن ڳالھين تي زور ڏي، انھيءَ لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آھي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رھڻ جي ڳڻتي رکن. اھي ڳالھيون چڱيون ۽ ماڻھن لاءِ فائديمند آھن.


پر نيڪي ڪرڻ ۽ ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇالاءِ⁠جو اھڙيون قربانيون خدا کي پسند آھن.


منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا خدا ھن دنيا جي غريب ماڻھن کي ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ انھيءَ بادشاھت جا وارث ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آھي، جنھن جو ھن پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي؟


ھو بدي ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري. ھو صلح کي ڳولي لھي ۽ انھيءَ جي ڪڍ لڳي.


پر جنھن وٽ دنيا جو مال اسباب آھي ۽ پنھنجي ڀاءُ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس رحم نہ ٿو ڪري، تنھن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن رھي سگھندو؟


پيارا! بڇڙائيءَ جي نہ، بلڪ چڱائيءَ جي پيروي ڪر. جيڪو نيڪي ڪري ٿو، سو خدا جو ٻار آھي ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنھن خدا کي ڪڏھن بہ نہ ڄاتو آھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan